الست بربڪم قالوا بلي
سبحان الله
ادا عبد الحڪيم اوهان جا ٿورا جو اوهان شاه صاحب جي هن بيت کي اسان سان سهڻي ڊزائن (جيڪو حقيقت ۾ اوهان جي بهترين ڪوشش آهي ڇو ته ڊزائن ڪرڻ ۾ به اوهان جو ڪافي وقت ۽ محنت ٿي هوندي) ۾ ونڊ ڪيو.
الست بربڪم ۾ ڌڻي تعالي جي انسانن کان ورتل وچن جو فلسفو سمايل آهي جڏهن الله تعالي انسان کي خلقي پوءِ روحن کي گڏ ڪري انهن کان پڇيو ته ڇا مان اوهان جو رب خلقڻهار نه آهيان؟ ته سڀ روحن گڏجي چيو: قالوا بلي! بيشڪ اوهان اسان جا خالق آهيو.
ڀٽائي سڳوري سچ چيو آهي: جي بيت ڀائين سي آيتون آهين.
پر محترم هي قرآن مجيد جي آيت جو حصو آهي جنهن کي قرآن مجيد جي ئي رسم الخط ۾ لکيو وڃي ته بهتر ٿيندو يعني الست برب ڪم کي جدا لکڻ بجاءِ بربڪم گڏي لکجي ته بهتر ٿيندو.
ڌڻي اسان کي ان وچن تي هلڻ جي توفيق ڏي.
ٿورا دوست اوهان جا بهترين ونڊ تي.