• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سڀ کان وڏو مال بردار بحري جهاز

وحيد سمون

سينيئر رڪن
دوستو معاف ڪجو ڪافي ڏينهن گذري ويا اچي نه سگهيس، هڪ بجلي جو آزار مٿان مون واري ڪمپيوٽر جي ونڊوز، ادا رشيد کي شاباس هجي جو هن ونڊوز جا ڪن ڇڪيا ۽ مان ڪنهن پوسٽ جي قابل ٿيس
اڄ توهان لاء هڪ اهڙي جهاز جي تصوير کڻي آيو آهيان جو توهان به حيران ٿي ويندو، جي ها هي آهي دنيا جو سڀ کان وڏي سائيز جو جهاز Berge Staht جنهن جو تعلق ناروي سان آهي۔ هي جهاز ڏکڻ ڪوريا ۾ تيار ڪيو ويو آهي جنهن ۾ 4 لک 2 هزار 82 ٽن مٽيريل کڻي وڃڻ جي طاقت آهي، هن جي ڊيگهه 1125 فٽ ۽ ويڪر 208 فٽ آهي۔ هن جهاز کي 5 نومبر 1985 جو سمنڊ ۾ لاٿو ويو هو۔

emma-maersk-arial-photo.jpg
 
واهه ادا واهه، ايڏو وڏو جهاز ڇا ڀلا اهو جهاز ۾ اسان جي سنڌ سلامت جو نائب منتظم علي علي کي کڻي سگهندو، هن جو وزن به انهي جي وزن کان وڌيڪ آهي، ٻيلي انهي علي علي جو ان جي مينهن جو ڪجهه ڪيو نه ته۔۔۔۔؟
 
واهه ادا واهه، ايڏو وڏو جهاز ڇا ڀلا اهو جهاز ۾ اسان جي سنڌ سلامت جو نائب منتظم علي علي کي کڻي سگهندو، هن جو وزن به انهي جي وزن کان وڌيڪ آهي، ٻيلي انهي علي علي جو ان جي مينهن جو ڪجهه ڪيو نه ته۔۔۔۔؟
ادا وحيد سمان بقول ادا وهاب جي ته اهو جهاز ادا علي علي ۽ سندس ڀُوري مينهن کي کڻي سگهندو يا نه۔ خير اهو خالص علي علي ۽ سندس ڀُوري مينهن جو مسئلو آهي۔ پر ادا وحيد ڦلپوٽو فقير اجهو ٿو هن جهاز کي خريد ڪرڻ جي ٻولي لڳائي۔ ۽ اسان جهڙا صرف نالي جا تونگر ڏسندا رهجي ويندا پر فقير جهاز کي خريد ڪري ان کي ڪاهي اچي گوادر واري پورٽ تي لڳائيندو۔
 
واهه سائين واهه، ڀلان فقيرن جو جهاز سان ڪهڙو واسطو...؟
 
واهه سائين واهه، ڀلان فقيرن جو جهاز سان ڪهڙو واسطو...؟
ادا زين اسان وارو يار وحيد ڦلپوٽو فقير اصل وڏي شيءَ اٿئي۔ پوري ڪراچي جي پنجن ئي ضلعن جو ٺيڪو اٿس۔ اڳ ۾ به هڪ زبردست جهاز جيڪو ڪنهن شهر وانگيان لڳو پئي کڻي آيو هو علي علي فقير سائين دير ئي ڪونه ڪئي هُئي ان جي ٻولي لڳائڻ ۾۔ ۔۔۔۔۔۔۔ فقيرن کي گهٽ متان سمجهين پاڻ وارو فقير ڦلپوٽو اهڙين شين ۾ تمام گهڻي دلچسپي وٺندو آهي۔
 
۔۔۔۔اهو جهاز ادا علي علي ۽ سندس ڀُوري مينهن کي کڻي سگهندو يا نه۔ ۔۔۔۔
منهنجو خيال آهي ته اهو سڀ ڪجهه ممڪن ته آهي پر جيڪڏهن ٻنهي جو رسو هڪ ئي هجي۔۔۔۔۔۔:D

باقي ڳالهه جيڪڏهن صرف بحري جهازن جي آ ته دوستن جي علم ۾ اضافو ڪندو هلان۔۔۔ سڀ کان وڏو جنگي ٻيڙو آمريڪا وٽ آهي جنهن جو نالو يو ايس ايس ميسوري (USS Missouri) آهي جنهن جي ڊيگهه 887 فٽ ۽ ويڪر 108 فٽ آهي۔۔۔ جڏهن مختلف خوني هٿيار سان ليس ٿيندو آهي ته ان ٻيڙي جو وزن 58000 ٽن ٿي ويندو آهي۔۔۔۔ هن جي هلڻ جي رفتار 35 ڪلوميٽر في ڪلاڪ آهي۔۔۔ ۽ هن جو نظارو ڪجهه هن طرح آهي۔۔۔

uss_missouri.jpg
باقي سڀ کان وڏو مسافر بردار جهاز ته اڳ ئي فورم تي شيئر ٿي چڪو آهي ان جي باوجود هتي پي اينڊ او پرنسس ڪروز لائينز (P and O Princess Cruises Lines) نالي انهي ٻيڙي جي هڪ ننڍي تصوير ڳنڍي رهيو آهيان۔۔۔۔

t_Cruise%20ships%20around%20the%20world3022.jpg
 
Back
Top