هاڻـــي اوهان ٿوري نظر اڄ ڪلھ جي سياستدانن ڏي ڦيرائي ڏسو ته ڇا انهن کي خلق خدا جي پرواھ آهي سائين جي ايم سيد جي ڪتاب نئين سنڌ لاءِ جدوجهد ڪتاب صفعو نمبر 175 ۾ سائين جا خلق خدا لاءِ لکيل هي لفظ منهنجي دل ۾ اڄڪلھ جي سياستدانن جي لاءِ پهاڙ جيڏي نفرت پيدا پيا ڪن ٿا ... ”اها سياسي ترقي منهنجي لاءِ ڪابه دلچسپي نٿي رکي، جا خلق خدا جي ڀلي ۽ بهتري لاءِ ڪتب نٿي اچي“
جواب: نـــئـــيـــن ســنــڌ لاءِ جـــدوجـــهـــد لک ٿورا عاشق جو اوهان سنڌ جي عاشق جو هڪ سهڻو قول ونڊ ڪيو آهي ۔۔۔ محترم جي ايم سائين هميشه سياست کي انساني ڀلائيءَ جو علم سمجهندو هو ۽ پنهنجن ڪارڪنن کي اها ڳالهه سمجهائيندو هو ۔۔۔ اها هڪ حقيقت آهي، علم سياست آهي ئي انساني معاشري جي واڌ ويجهه ۽ انهن ۾ نظم پئدا ڪرڻ لاءِ نه ڪي انهن جي ڦرلٽ ڪرڻ ۽ عوام الناس کي تڪليفون ڏيڻ لاءِ ۔۔۔ حق جي ڳالهه آهي ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: نـــئـــيـــن ســنــڌ لاءِ جـــدوجـــهـــد سائين ته بلڪل سچ لکيو آهي پر سائين جي سالگره ۽ ورسيء تي رنگين ۽ ايئرڪنڊيشنڊ گاڏين ۾ ايندڙ ۽ پاڻ کي ڪارڪن چورائيندڙن جي موجودگيء ۾ سائين جو روح تڙپندو هوندو۔ سائين هميشه اصول جي سياست ڪئي پر هاڻي خبر ناهي اهي اصول نه قومپرست قيادت وٽ آهن نه ئي وري وفاق پرست پارٽين جي قيادت وٽ۔ پر هاڻي گهڻي اهميت پئسي ۽ مال کي آهي
جواب: نـــئـــيـــن ســنــڌ لاءِ جـــدوجـــهـــد ادي عاشق جي اهي پوسٽ تمام وزني آهي۔ ها ادا توهان بلڪل سهي لکيو آهي سائين جي ايم سيد جن جا ڪجه قول پيش ڪيا آهن پر ادا اسان جا اهي ليڊر ڪير آهن انهن کي ڪير ووٽ ڪري ٿو جڏهن اهي اسان جي اوطاق يا وري ڪنهن گڏجاڻي ۾ اچن ٿا ته وري اسان انهن جو ايترو ته استقبال ڪريو ٿا جو مون وٽ لفظ ڪون انهن ان کي ايڪسپريس ڪري سگهان دوست جيڪي اسان پوليٽڪل ليڊر اسان جي ئي بدولت انهن سيٽن تي ويٺل آهن اهي سموريون اسان جو ئي غلطيون آهن جو اسان ڄاڻي وڻي ڪري اهي بار بار ڪم پيا ٿا ڪريون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ باقي سنڌ سلامت ساٿ سلامت۔۔۔۔۔۔