• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ويراڳ (امرتا پريتم لاء)

عرس پريو

سينيئر رڪن
امرتا پريتم/ ولي رام ولڀ

عرصي کان هڪ ڳالهه هلندي آئي هئي
ته وقت جي طاقت رشوت ڏيندي هئي
تاريخ کان لڪي تاريخ جا ورق خريد ڪندي هئي
هوءَ جڏهن به گهرندي هئي
ڪجهه سٽون بدلائيندي هئي ۽ ڪجهه مٽائيندي هئي
تاريخي کلندي رهي ناراض ٿيندي رهي
“ هر تاريخدان کي هو معاف ڪندو رهيو
پر اڄ هو ڏاڍو اداس آهي
سندس هڪ هٿ انهيءَ جو جـُـلـد کڻي
ڪجهه ورق ڦاڙي
انهن جي جاءِ تي ڪجهه ٻيا پنا سـِـبـي رهيو آهي
“ تاريخ ـــ ماٺـڙي ڪري انهن ورقن مان نڪري
هڪ وڻ جي هيٺان بيهي
سگريٽ پي رهي آهي...
ماٺ جي سازش
رات سمهي پيئي آهي
ڪنهن انسان جي ڇاتيءَ ۾ کاٽ هنيو آهي
هر چوريءَ کان ڀيانڪ
اها سپنن جي چوري آهي

چوريءَ جا نشان
هر ديس جي شهر جي
هر سڙڪ تي موجود آهن
هر ڪا اک ڏسي نٿي، نه ڇرڪي ٿي
رڳو هڪ ڪتي وانگر هڪ زنجير ۾ ٻڌل
ڪنهن وقت ڪنهن جو ڪو نظم ڀونڪي ٿو.
 
جواب: ويراڳ (امرتا پريتم لاء)

چوريءَ جا نشان
هر ديس جي شهر جي
هر سڙڪ تي موجود آهن
هر ڪا اک ڏسي نٿي، نه ڇرڪي ٿي
رڳو هڪ ڪتي وانگر هڪ زنجير ۾ ٻڌل
ڪنهن وقت ڪنهن جو ڪو نظم ڀونڪي ٿو.]

بيشڪ ليکڪ ڪيترا حساس ٿين ٿا، انجو چٽو اظهار ڪيل آهي ۔۔۔ انساني دنيا ۾ ڪيتريون ڏاڍايون ٿين ٿيون شايد عام ماڻهون محسوس ڪندو به هجي پر پنهنجي پيٽ جي اڻ تڻ ۾ هو انهن چورين، ڌاڙن يا ڏاڍاين کي ڏسي، ٿڪ اڇلائي هليو وڃي ٿو پر هڪ ليکڪ ۽ انهن جا ليک هميشه ان چوري تي ڌاڙي تي ڪتي جيئان ڀوڪندا رهنٿا ۔۔۔ ماڻهن کي خبردار ڪندا رهنٿا ۔۔۔

ڪي معاشرا ان ڪتي جي ڀونڪ تي جاڳي پوندا آهن ۽ ڪي وري رلهي ڇڪي وجهندا آهن ۽ ڪتي کي گاريون ڏئي سمهي پوندا اهن ۔۔۔ جيئن اڄڪلهه سنڌ ۾ ٿئي پيو ۔۔۔

ڏسجي ته؛
ڪتو ڪيستائين ٿو ڀوڪي ۔۔۔؟
ڀاڳيو ڪيستائين ٿو ننڊ ڪري ۔۔۔؟
 
Back
Top