ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
عبدالرشيد سمون صاحب (جديد دور جو سنڌي ٻولي جو محسن ) ۔
۽ پوء مون به ان فورم تي ميمبر ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ مان بارها ڪوشش جي ميمبر ٿيڻ جهڙو نه ٿي سگهيس، ( ان وقت ميمبر ٿيڻ ۾ ڪجهه مشڪلات پڻ هيون جيڪي شايد پوء آسان ڪيون ويون هيون ) مگر مون همت نه هاري ۽ پنهنجي ڪوشش کي جاري رکيو ۽ آخرڪار مان ميمبر بڻجي ويس، ۽ سنڌ سلامت تي ڪچو ڦڪو لکڻ شروع ڪيم ۽ سنڌ سلامت تي پنهنجي تحرير سان گڏ پنهنجو موبائل نمبر ۽ اي ميل پڻ لکڻ لڳم جنهن تي عبدالرشيد سمون صاحب مون کي فون ڪري مون کي هر تحرير ۾ پنهنجو موبائل نمبر ۽ اي ميل لکڻ کان منع ڪيو ء ان لاء اهيا تجويز پڻ ڏني ته پنهنجو موبائل نمبر ۽ اي ميل تعارف واري سيڪشن ۾ ڏيو۔۽ پوء ان ڏينهن کان سمون صاحب سان واقفيت وڌندي رهي ۽ واسطو طول ڏيندو رهيو۔ ۽ محترم عبدالرشيد سمون صاحب مون سان ڪلاڪن جا ڪلاڪ فون تي ڳالهائيندا رهيا، ۽ ڪافي ڳالهين تي بحث مباحثو پڻ رهندو آيو، ۽ انهيء دوران ملاقات لاء پڻ ڳالهيون ٿينديون رهيون مگر افسوس جو وقت گذرندو رهيو ۽ ملاقات ٿئي نه سگهي۔ جڏهن ته رشيد صاحب مون کي سنڌ سلامت جا ڪلينڊر پڻ پهچايا مگر پوء به ملاقات ٿئي نه سگهي، جنهن جو جيترو افسوس ڪجي اهو گهٽ آهي، ملاقات ته نه ٿي، مگر سندس فون تي ڪچهريون جاري ۽ ساري رهيون، ۽ سمون صاحب جي ڪچهرين مون کي ايترو ته متاثر ڪيو جو مان سمون صاحب جو ته ديوانو ٿئي ويس، ۽ ملاقات لاء دل سٽون کائڻ لڳي، مگر اهيو به اتفاق چئجي جو مان ڪجهه مهينا پهرين بيماري جي حالت ۾ ڪراچي جي هڪ اسپتال ابن سينا ۾ داخل هئس ۽ منهنجي بيماري جو جڏهن انهن کي معلوم ٿيو ته پاڻ محترم دوست سليمان وساڻ صاحب سان گڏ اسپتال ابن سينا پهتا، ۽ پهرين ئي نظر سان اسان هڪٻئي کي سڃاتو ۽ گلي ملياسين، ۽ گهڙي کن ڪچهري پڻ ٿئي، منهنجي ته دل چيو پئي ته ڪا خوب ڪچهري ڪجي هان، مگر شايد سمون صاحب جن کي ڪيڏانهن ڪنهن ضروري ڪم سانگي وڃڻو هو سو ان ڪري پاڻ مون وٽ گهٽ ويٺا۔
ڪجهه وقت پهرين محترم دوست عبدالرشيد سمون صاحب فون تي ڳالهيون ڪندي مون کي سنڌ سلامت تي ايديٽر ڪرڻ جي به هڪ اميد ڏيکاري هئي، مگر شايد ان لاء اسان پسند نه آياسين سو اسان کي ان ذميواري کان پري رکيو ويو، جنهن جو دل م ته ڏک ٿيو، مگر ڏک کانسواء مان ڪري به ڇا پئي سگهيس، ۔۔۔ ادا اڳيان به ته سمون صاحب هو ۔۔۔ سمن کي ته سنڌ جي گهوٽ شاهه عبدالطيف ڀٽائي رح صاحب به ڳايو آهي وڌيڪ مان ڇا چوان۔برحال سڀ ڳالهيون پنهنجي ڳجهه تي مگر اهيا به حقيقت آهي ته رشيد صاحب اسان جو سهڻو، پيارو دوست آهي ۽ سنڌي ٻولي جو خيرخواه ۽ خدمتگذار آهي، سندس هي ڪم سنڌ سلامت جي فورم وارو ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي۔ سندس هن محنت ( سنڌ سلامت جي فورم واري ) کيس دنيا ۾ هڪ نالو ڏنو آهي، ۽ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهون کيس محبت جي نگاهه سان ڏسن ٿا ۽ پسند ڪن ٿا، انهن مڙني سنڌين مان مان به هڪ آهيان۔ مان ته ائين چوندس ته جديد دور جي حساب سان سنڌي ٻولي جي محسنن مان محترم عبدالرشيد سمون صاحب جن پڻ هڪ آهن۔ اسان جي ته اهيا دعا آهي ته رب پاڪ کيس وڏي عمر ڏئي صحتمندي سان گڏ ته جيئن سمون صاحب سنڌي ٻولي جي جديد معيارن مطابق خدمت ڪري سگهن۔ آمين۔ سنڌ جي مڙني دوستن وانگر اسان جي طرفان به محترم دوست عبدالرشيد سمون صاحب کي جنم ڏينهن جون واڌايون قبول پون۔۔۔۔ ۔
محترم عبدالرشيد سمون صاحب جون چونڊ تصويرون