فرعون جي بادشاهي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏6 فيبروري 2011۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    اسحاق مڱريو(عبرت)

    [justify]جيتوڻيڪ مصر جي صدر حسني مبارڪ جي خلاف ٿيندڙ وڳوڙن جي دٻاءَ کان پوءِ هن ڪجهه سياسي سڌارا ڪندي سيپٽمبر ۾ ٿيندڙ اليڪشن کان پوءِ هن اقتدار کان الڳ ٿي وڃڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. پر پُراحتجاج اپوزيشن هن جي انهيءَ پيشڪش کي ٺڪرائي ڇڏيو آهي. حسني مبارڪ جي مخالفت ۾ ٿيندڙ مظاهرن کان پوءِ ڪجهه وقت لاءِ دنيا جي ليفٽ ۽ رائيٽ ڌريون گونگائپ جو شڪار هيون. پر هاڻ پاڪستان جي کاٻي ڌر جي ڪجهه اڳواڻن روڊن تي اچي حسني مبارڪ جي خلاف ٿيندڙ مظاهرن جي حمايت جو اعلان ڪيو آهي. ايران ۾ شاهه جي خلاف ٿيندڙ مظاهرن کان پوءِ اچانڪ امام خميني واري تبديل ٿي ويل صورتحال کان پوءِ مڊل ايسٽ واري صورتحال تي ملڪ جي کاٻي ڌر کي پنهنجو رد عمل ظاهر ڪرڻ ۾ ايتري دير ٿي وئي.
    مصر ۾ اڄ به سڀ کان منظم سياسي گروپ اخوان المسلمين واري بنياد پرست ديني جماعت آهي، جنهن جا هزارين اڳواڻ ڪئين سالن کان جيلن ۾ گرفتار آهن. صدر جمال ناصر جي وقت کان وٺي انهيءَ جماعت تي پابندي لاڳو ٿيل آهي. هن وقت دنيا ۾ وڌي ويل ديني جماعتن واري بنياد پرستي جي اثر کان مصر به پاسيرو نه ٿو بيهي سگهي. جڏهن ته عرب ملڪن مان جيتوڻيڪ سعودي ارب ۾ القائدا کي پير کوڙڻ نه پيا ڏنا وڃن پر يمن ۾ هن جون پاڙون پختيون ٿيل آهن . ان ڪري مصر واري موجوده وڳوڙ مان سڀ کان وڌيڪ فائدو وٺي سگهڻ واري پوزيشن القائدا ۽ ان جون اتحادي ديني جماعتون ڪڏهن به وڃائي نٿيون سگهن. ان ڪري هن وقت آمريڪا کان وٺي اسرائيلين تائين مصر بابت ننڊون وڃائي چڪا آهن .
    جيتوڻيڪ مصر جي فوج پاران مظاهرين تي ڪنٽرول نه ڪرڻ کان پوءِ صدر حسني مبارڪ مرتا ڪيا نه ڪرتا واري ڳالهه وانگر پنهنجي حمايتي ماڻهن کي ساڳين روڊن تي پنهنجي جي حمايت ۽ احتجاج ڪندڙن جي خلاف تشدد وارو مظاهرو ڪرايو آهي. جنهن ۾ درجن کن ماڻهو مارجي پڻ ويا آهن جڏهن ته ٻنهي ڌرين جا هزارين ماڻهو زخمي ٿيا آهن. جڏهن ته اپوزيشن وارن الزام هنيو آهي ته مبارڪ جي حمايتين جي شڪل ۾ پوليس وارن کان اسان جي خلاف تشدد ڀريو مظاهرو ڪرايو ويو آهي۽ مٿن هٿيارن سان حملا ڪيا پيا وڃن. آمريڪا سميت عالمي سطح تي حسني مبارڪ جي حمايتن پاران تشدد وارن حملن جي مذمت ڪئي وئي آهي. جيتوڻيڪ حسني مبارڪ پنهنجي نشري تقرير ۾ مرڻ جي باوجود پنهنجي ڌرتي نه ڇڏڻ واري سياسي طور جذباتي ڳالهه ڪئي آهي ۽ سندي مخالف مظاهرو ڪندڙن کي چيو آهي ته هو هاڻ واپس هليا وڃن باقي هو اقتدار تان اوسيتائين ڪنهن به صورت ۾ نه ويندو. جنهن جي جواب ۾ مظاهرو ڪندڙن اهي نعرا هنيا آهن ته اسين نه پر هو هليو وڃي. جڏهن ته خميس جي ڏينهن وري اها نئين ڊولپمينٽ ٿي آهي جو حسني مبارڪ پنهنجي نفرت ڀريل شخصيت کي پاسيرو ڪرڻ تي راضي ٿيندي پنهنجي ئي مقرر ڪيل نائب صدر کان اها ڳالهه چوائي آهي ته هو مخالف ڌر وارن سان التحرير اسڪوائر تي اچي ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهي پر کيس گهٽ ۾ گهٽ ٻڌو ضرور وڃي . جڏنهن ته مخالف ڌراهڙي رٿ کي پڻ رد ڪري ڇڏيو آهي .
    مصر ۾ حالتون لمحو، لمحو تبديليون کڻي ايندڙ آهن. جڏهن ته جمعي جي ڏينهن بابت مبصرن جو اندازو ڪيل آهي ته انهيءَ ڏينهن مصر بابت تبديلي وارو فيصلو ٿي وڃڻو آهي. ان ڪري، ميڊيا ۾ مصر بابت رپوٽ موڪلڻ سان گڏوگڏ ٽائيم ڏنو وڃي ٿو جنهن ۾ وقت ڄاڻايو وڃي ٿو. ان ڪري هن تحرير لکجڻ تائين حسني مبارڪ عالمي ڌرين جي مدد سان پنهنجي پاڻ کي فيس سيونگ وٺڻ لاءِ مصروف آهي. مصر جيو پوليٽيڪل طور تي حساس هنڌ تي واقع آهي . اسرائيل ، سعودي ارب، سوئيز ڪئنال۽ نيل درياءَ وارو ملڪ آهي. نيل درياءُ جيڪو هڪ ئي وقت اسرائيل سميت مڊل ايسٽ جي ڪيترن ئي ملڪن مان گذري ٿو . ان ڪري مصر جي اقتداري تبديليءَ ۾ عالمي قوتون خاموش ٿي ويهي نٿيون سگهن. دنيا جي هر قوت انهيءَ اقتداري تبديليءَ ۾ پنهنجي مفادن جي تحفظ ۾ مصروف آهي. تبديل ٿيل صورتحال تحت اڱاري واري ڏينهن جي مقابلي ۾ اربعه واري ڏينهن کان پوءِ وارن مظاهرن ۾ ڪو گهڻو زوردار پهرين ڏينهن وارو اثر نه رهيوآهي . ڏسڻو اهو آهي ته جمعي وارو ڏينهن ان ۾ ڪهڙي فيصلا ڪن تبديلي کڻي اچي ٿو. اهڙي ريت انهي ڳالهه کي سياسي طور گهڻو دلچسپي سان ڏٺو پيو وڃي ته جمعي جو ڏينهن مذهبي طور هفتي جي ٻين ڏينهن جي مقابلي ۾ وڌيڪ اهميت وارو هجي ٿو، ان ڪري ڏسڻو اهو آهي ته مصر جا اپوزيشن وارا جمعي جي ڏينهن تي اعلانيل پنهنجي ملين مارچ کي بنياد پرستن کان ڪيئن بچائي ان کي ڀرپور طور تي ڪروڙ ماڻهن وارو مظاهرو ڪرڻ ۾ ڪيترو ڪامياب وڃن ٿا.جيڪڏهن موجوده صورتحال ۾ جمعي جي ڏينهن وارو مظاهرو ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي ٻي معنى اها هوندي ته ان کان پوءِ حسني مبارڪ جو ڪو گهڻو جواز نه پيو رهي. پٿر پرائو پر سور سڀڪو پنهنجا روئندو آهي . اهوئي سبب آهي جو تيونس ۾ صدر جي خلاف ٿيل بغاوت کان پوءِ ٻارڙن جي سرن جي قطار ۾ رکڻ واري راند وانگر جنهن ۾ هڪ سر ڪري پوڻ کان پوءِ ٻيون سموريون سرون پاڻهي ڪري پوڻ لڳنديون آهن. بلڪل اهڙي طرح تيونس کان فرعونن کي ڊاهڻ وارو هليل سلسلو جاري آهي ڏسڻو اهو آهي ته ان جو دنگ ڪٿي ٿو ٿئي.
    اسرائيل سان 1967 ۾ لڳل جنگ جي نتيجي ۾ ڄاڻايل ملڪن ۾ لڳايل ايمر جنسي کي جيتوڻيڪ 44 سالن واري اڌ صدي جيترو عرصو گذري چڪو آهي . اسرائيل ۾ ان جي مقابلي ۾ هر چوٿين سال اليڪشن ٿيندي رهي آهي. پر انهيءَ جنگ کي سبب بنائي اقتدار تي قبضو ڪري ويٺل آمر ڪرسي تان لهڻ جو نالو به وٺڻ لاءِ تيار نه آهن. ان ڪري انهن کي لاهڻ لاءِ نيٺ ماڻهن کي روڊن تي نڪري اچڻو پيوآهي . حالانڪه مصرين کي فرعونن سان رهڻ جو به هزارين سالن وارو وڏو تجربو آهي پر آخر ماڻهوءَ جي سهپ جي به ڪا حد هجي ٿي.
    جيتوڻيڪ مصر جي گادي واري شهر قاهرا جي تحرير اسڪوائر تي ٿيندڙ مظاهرن کان پوءِ ٽيهن سالن کان مصر جي اقتدار تي قابض رهندڙ حسني مبارڪ جون ته هونئن ننڊون ڦٽي ويل آهن پر انهيءِ وڳوڙن کان پوءِ اصل ۾ اسرائيلين جون وڌيڪ ننڊون حرام ٿي ويون آهن. اهوئي سبب آهي جو ڪجهه وڌيڪ ڏينهن حسني مبارڪ ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. مصر ۾ ڄاڻايل وڳوڙن کان پوءِ اسرائيل سان مصر جو ٿيل ڪيمپ ڊيوڊ وارو امن معاهدو پڻ ڳڻتي جوڳو بنجي ويو آهي. ڇو ته 25 جنوري تي تيونس جي صدر زين العابدين بين علي جي 23 سالن جي اقتداري قبضي جي خلاف شروع ڪيل تحريڪ کان پوءِ مصر، اردن، يمن ۾ قهرام متل آهي پر انهيءَ وڳوڙن جي فيصلا ڪن جنگ هن وقت قاهرا جي روڊن تي هلندڙ آهن.
    فرعون جي اهرامن واري ڊگهي تاريخ رکندڙ آفريڪا جي ريگستان ۽ ايشيا جي سنگم تي انساني خوبصورت رنگن وارو مصر هن وقت سياست واري اهم ڪروٽ تي بيٺل آهي . هاڻ دنيا ۾ ڪلاسيڪل رائيٽ ۽ ليفٽ ونگ واري سرد جنگ وارو دور نه رهيو آهي . جڏهن ته ڪلاسيڪل ليفٽ ونگ عملي طور دانشوراڻا بحث کان وڌيڪ معاشري هن وقت ڪجهه به ڌيڻ لاءِ تيار نه آهي جڏهن ته رائيٽ ونگ ان جي مقابلي۾ وڌيل منظم ۽ وڌي پکيڙ رکندڙ سياسي سوچ بڻجي رهي آهي . اهڙي مرحلي ۾ مصر مظاهرا ڪندڙ اپوزيشن واري قيادت کي ڦوڪي ڦوڪي اڳتو وڌڻو پوندو. ٻي صورت ۾ مذهبي بنياد پرستي پڻ کين گهيرو ڪري ويٺل آهي. مصر جي اپوزيشن کي حماس جو پاڙيسري هئڻ وارو سياسي فائدو ضرور آهي، جيڪو عنصر وري القاعدا سان وڏو اختلاف رکندڙ مذهبي عنصر آهي.
    اهڙي اهم موڙ تان هن وقت مصر جي سياست گذري رهي آهي. جيتوڻيڪ مصر جي روڊن تي هلندڙ انهيءَ جنگ جي اڳواڻي ڪندي ناميارو سفارت ڪار البرادي سامهون آيو آهي پر ان جي باوجود اها سياسي وڳوڙن واري جنگ گهڻن مبصرن لاءِ اڃان گونگي جنگ بنيل آهي . انهن وڳوڙن مان گهڻي وقت کان مصر جي بنياد پرستي واري منظم جماعت اخوان المسلمين جو اڳيان اڀري اچڻ وارو خطرو ڪوبه سياسي زهن رکندڙ ٺڪرائي نٿو سگهي. اها ڳالهه ان ڪري به اهم آهي ته مصر جي تبديل ٿيل صورتحال کان پوءِ اخوا ن المسلمين واري ديني بنياد پرست جماعت تي وڌيڪ پابندي ۽ انهن جي ليڊرشپ کي وڌيڪ وقت جيل ۾ رکڻ ڏکيو هوندو. اهوئي سبب آهي جو سڄي دنيا ۾ اسرائيل جا سفارتڪار تمام باريڪ بيني سان مصري مظاهرن ۽ وڳوڙن تي گهري نطر رکي ويٺل آهن. ان ڪري سڄي دنيا پاران مصر وارن وڳوڙن تي بيان بازي ڪئي وڃي پئي، پر مصر جي پاڙيسري اسرائيل پاران سرڪاري طور سمورن وزيرن کي مصر بابت ڪنهن به قسم جي بيان بازيءَ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. ان جي باوجود جيل ٽوڙي آزاد ٿيندڙ قيدين بابت اسرائيلي اخبارن جو اهو چوڻ وڏي معنى رکندڙ آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ، حماس جي مبينا دهشت گردن کي آزاد ڪيو ويو آهي ، ان ڪري مصر سان امن معاهدو وڌيڪ ڪيئن هلي سگهندو.؟[/justify]
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: فرعون جي بادشاهي

    ادا عرس تمام ڪارائتو ونڊ آهي.
    حقيقت ۾ اها هڪ وڏي انقلاب جي شروعات لڳي رهي آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو