TAHIR SINDHI
سينيئر رڪن
السلام عليڪم دوستو!
1996 کان وٺي مون طالب علمي جي زماني ۾ ڪجهه شاعري لکڻ شروع ڪئي هئي، پر گهڻي ڀاڱي مون اردو ۾ شاعري ڪئي هئي جيڪا پنهنجي ڊائري ۾ سانڍيندو ويندو هوس.
ڪجهه وقت اڳ ٽنڊي محمد خان ۾ سائين استاد نثار احمد ناز صاحب سان ان باري ۾ ڊسڪشن ٿي هئي جن منهنجي همت افزائي ڪندي شاعري ونڊڻ جو حڪم ڏنو هو.
اصل ۾ گهڻي ڀاڱي اهڙي آهي جيڪا ڪا خاص نه آهي، پر آءُ ان کي جيئن جو تيئن ونڊي رهيو آهيان مَنَ سائين نثار ناز صاحب ان جي درستگي جو شرف به ڏين.
ياد رهي ته صرف چند سال شاعري لکي مون اها ڊائري ئي بند ڪري ڇڏي هئي زماني جي لاهن چاڙهن جي ڪري.
مڪي پاڪ ۾ منهنجا هندوستاني استاد منهنجي شاعري جي درستگي ڪندا رهندا هئا، جو آءُ انهن کي اصلاح خاطر ڏساريندو هوس، اهي پڻ مونکي همٿائيندا رهندا هئا.
هي به زندگي جي هڪ موڙ ۾ منهنجون يادون آهن، پوءِ کڻي ڪهڙيون به هجن، جن کي آءُ اڄ ونڊڻ شروع ڪريان ٿو.
اميد آهي دوست برداشت ڪندا.

ملڻ چاهيم توسان
ملڻ چاهيم توسان پر زماني ملڻ نه ڇڏيو
کلڻ چاهيم توسان پر زماني کلڻ نه ڏنو
ڪڏهن ٿيندي پرين وري ملاقات
ڪڏهن ملندو مونکي تنهنجو ساٿ
ڪري ويٺم ماٺ! پر جدائي جيئڻ نه ڇڏيو
ڀلا ڪيڏو جدا رهڻو آهي اڃان!
وري ڪيترو جيئرو مرڻو آهي اڃان!
تون کل ته مڃان! زماني مڃڻ نه ڏنو
ڪندس ملڻ جي ڪوشش توسان جلدي
عشق ۾ هلندي پنهنجي ٻي جي نه هلدي
مولا ڪر ڪرم جلدي! زماني سمهڻ نه ڇڏيو
عشق ڪري ٿو توسان طاهر
آهي تنهنجي عشق جو هو ماهر
آ ڳالهه اها ظاهر! زماني چوڻ نه ڇڏيو
ملڻ چاهيم توسان پر زماني ملڻ نه ڇڏيو
کلڻ چاهيم توسان پر زماني کلڻ نه ڏنو
ڪڏهن ٿيندي پرين وري ملاقات
ڪڏهن ملندو مونکي تنهنجو ساٿ
ڪري ويٺم ماٺ! پر جدائي جيئڻ نه ڇڏيو
ڀلا ڪيڏو جدا رهڻو آهي اڃان!
وري ڪيترو جيئرو مرڻو آهي اڃان!
تون کل ته مڃان! زماني مڃڻ نه ڏنو
ڪندس ملڻ جي ڪوشش توسان جلدي
عشق ۾ هلندي پنهنجي ٻي جي نه هلدي
مولا ڪر ڪرم جلدي! زماني سمهڻ نه ڇڏيو
عشق ڪري ٿو توسان طاهر
آهي تنهنجي عشق جو هو ماهر
آ ڳالهه اها ظاهر! زماني چوڻ نه ڇڏيو
با! اميد آهي ته برداشت ڪئي هوندوَ تڏهن ته هنن جملن تائين به پهتا آهيو!!