اڄ نيڻ وري نمي پيا [justify]زندگي جو هر پل ڪنهن نه ڪنهن پاسي کان يا عبرت بڻيل آهي يا عبرت حاصل ڪرڻ ۾ مگن آهي . هر لمحو يا سکيا ڏئي ٿو يا سکيا حاصل ڪري ٿو. زندگي يا حاڃن مان گذري ٿي يا حاڃن جي چشمديد گواھ آهي پر اسان وٽ اڪثريت، هن زندگي کي اڻ محسوس طريقي سان گذاري وڃي ٿي هي هڪ عليحده الميو آهي ان تي عليحده بحث ٿي سگهي ٿي . مون ڪجھ ڏينهن پهريان ڪراچي جي سچل ڳوٺ واري واقعي ۾ لکيو هو ته اتي هڪ پيءِ ڪيئن پنهنجي ٻن نياڻين کي گولين جو کاڄ بڻايو ۽ هڪ ڌي جيڪا خوش قسمتي سان بچي وئي ۽ سندس گهرواري به معجزي جيان بچي وئي .جڏهن آءُ ڪڏهن انهن اکين ۾ ڏسندو آهيان ته مونکي ائين محسوس ٿيندو آهي ته انهن نياڻين جا نيڻ ائين چوندا آهن ته انهن گولين سان مري وڃڻ هنن لاءِ آسان هو به نسبت هن جيئڻ جي۔ هي زندگي گذارڻ ڪيڏي نه مشڪل هوندي آهي جنهن زندگي جي ڏيئي وسائڻ لاءِ اهي هٿ اڳتي اچن جن هٿن کي انسان زماني جي هر طرف جي اڳيانپنهنجي لاءِ ڍال ڍال سمجهندو هجي . مون ڏٺو آهي جڏهن اهڙو حادثو رونما ٿيندو آهي تڏهن اڪثريت زندگي کي موت تي ترجيح ڏيندي آهي .پواڄ نيڻ وري نمي پوءِ جيئندا فقط اهي آهن جن کي دنيا سان وڙهڻ جو جنون هوندو آهي۔باقي انسان شايد ان ڏينهن ئي مري ويندو آهي جڏهن ان سان اهڙي ويڌن ٿيندي آهي۔ اهو به ٿي سگهي ٿو ته جڏهن اهي هٿ جيڪي ڪنهن جي حفاضت جا ضامن هوندا آهن ۽ انهي گردن تي پوندا آهن جن جي ضمانت انهن جي ذميداري هوندي آهي ته انجي پٺيان ڪي اهڙا اسباب هوندا آهن جنهن ڪري ڪو انتهائي قدم کڻندوآهي ته انجي دل تي به ڪا اهڙي ضرب لڳل هوندي جنهنجي ڪري هن اهو قدم کنيو هوندو. پر هر حاڃي جي پٺيان هر معاشرتي ڪهاڻي هڪجهڙي ناهي هوندي . آءُ ان همراه کي سڃاڻان جنهن اهو ڪم ڪيو پنهنجي زماني جو دولتمند ماءُ پي جو لاڏلو ٻار هو . ان لاڏ پيار جي ڪري هو بري سنگت جو ساٿي ٿي ويو آخر ماءُ پي هن دارِ فاني مان ڪوچ ڪري ويا هن جي بي راه روي جي ڪري هن جا پنهنجا پراوا ٿيندا ويا ڀائرن ڀينرن گهڻو ئي سمجهايو پر هميشه جي طرح انسان هن کي پنهنجو دشمن سمجهندو آهي جيڪو ان جي خواهش جي آڙي ايندو آهي هر ڪو چڱائي چوندڙ ان جو دشمن ٿيندو ويندوآهي۔ هتي ڪو نبي صلعم جو پيروڪار معاشرو ته آهي ڪو نه جو حضور جي ان سنت تي عمل ڪري ها ته جيڪا عورت سندن رستي تي ڪنڊا اڇليندي هئي پاڻ ان کي ته ڪجھ نه چيان پر ايترو به نه ڪياؤن جو اهو رستو ئي تبديل ڪن هايا پنهنجي اچڻ جو وقت تبديل ڪن ها۔ ڇو جو رحمت العالمين جنهن کان پاسو ڪري ها ته ان جي هدايت ڪير ڪري ها .مون هي فرامين پهريان به کلکيا آهن پر چوندا آهن ته تڪرار ۾ افاديت آهي ، حضرت علي عه فرمائين ٿا ته جنهن کي پنهنجا ڇڏي ڏيندا آهن اهو پرايو ٿي ويندو آهي ،۔ رابطو اهڙي شي آهي جي غيرن سان رکجي ته ونهنجا ٿي ويندا آهن پر جي پنهنجن سان ڇڏي ڏجي ته اهي پراوا ٿي ويندا آهن۔آءُ اهو نه ٿو چوان ته سندس عزيزن هن لاءِ نه سوچيو هوندو پر هڪ مقام اهڙو آيو ته جتي انسان چوندو آهي ته جي هن کي خيال ناهي ته اسان ڇا ڪريون ۽ پوءِ هو پرايو ٿيندو ويو۔ امامِ حسين عه جو فرمانِ اطهر آهي ته دنيا بري ٿيندي ٿي وڃي ان جو سبب اهو ناهي ته برا برايون ٿا ڪن پيا پر ان جو ڪارڻ اهو آهي ته شريفن چپ اختيار ڪري رکي آهي ۔ اسان جي حقيقت ته هي آهي جو اسان آهيون ته رحمت اللعالمين صلعم جي مڃڻ وارا پر جي اسان کي ڪونه ٻڌييا اسان جي ڳالھ کي اسنجي مرضي جي مطابق اهميت نه ڏيئي ته انسان زندگي ڀر ته ڇا پر پيڙهين تائين انکي ڳلي لڳائڻ لاءِ تيار ناهيون هوندا. مون پنهنجي لکڻين ۾ اڪثر اهو ذڪر ڪيو آهي ته هي قرآنِ ڪريم انسان جي ڊاڪٽ بوڪ آهي ، هن ۾ انسان جي نفس جي خوشڪ وتر جو ذڪر موجود آهي انبياء عه جي زندگي اسان جي لاءِ بهترين عملي نمونو آهي پر اسان جي حالتِ زار هي آهي ته اسان جو موضوع بجاءِ پنهنجي اصلاح جي انبياء عه جي ذات تي بحث آهي ڪو چوي ٿو ته ترڪِ اولا ته ڪو چوي ٿو انهن کان کتا ٿي وغيره . اصل ۾ هڪ سالڪ جي محفل ۾ ويٺا ها سين ته اتي حضرت آدم عه جي جنت مان نڪرڻ جو تذڪرو ٿيو، ان سالڪ چيو ته بابا حضرت آدم عه پنهنجي والاد جي قيامت تائين رهبري ڪئي ته رن مريدي اهڙو فعل آهي جو انسان جنت مان نڪري ويندو آهي ۽ اهو عمل ڪري ڏيکاريو ته ڏسو جي اوهان هي فعل ڪيو ته انجو انجام هي نڪرندو. هاڻ اهو فعل سيد ڪري ، ماڇي ڪري ، مشوري ڪري ، مڱڻهار ڪري ڏاڏل ڪري يا ڪنهن به ذاات پات سان تعلق رکندڙ عرب ڪري يا عجم ڪري انجي هن عمل جي قيامت جنت مان نيڪالي هوندي.سالڪن جو چوڻ آهي ته هڪ جنت اها آهي جيڪا روزِ قيقمت برپا ٿيئڻي آهي پر ٻي جنت جنهن جو نالو سڪون آهياها انسان جي هن زمان سان جڙيل آهي ۔ جيئين ڪنهن شخص امام عه کان سوال ڪيو ته دعا ڪيو ته مونکي جنت ملي امام عه جن فرمايو تون ته جنت ۾ رهندو آهي دعا اها ڪر ته توکان ڪو اهڙو ڪم نه ٿئي جنهن جي ڪري توکي جنت مان نڪرڻو پوي۔( اترو به جسارت ڪري لکيو اٿم ان کان اڳتي لکڻ منهنجي اوقات ناهي)۔ اسان ڏٺو آهي ته رشتن ۾ اڪثر ناچاقي جي وجه زاال مريدي ئي هوندي آهي . گهڻي ڀاڱي ماڻهون شادي کان پوءِ ساهراڻي گهر جا ٿي ويندا آهن انجو سبب سمجهڻ لاءِ سڀڪو سياڻو آهي انسان جو جهڪاءُ ان طرف هوندو آهي جتان هن جي لذت پوري ٿيندي آهي. ته هن همراه سان بٿه ڪجه اهڙيون ويڌنون هيون جنهنجي ڪري هي شخص پرسنالٽي ڪمپليڪس ،ڊپريشن جو مريض ٿي ويو هر ڪو هن کان پاسي تي ٿيندو ويو. جنهنجو آخري نتيجو اهو نڪتو ته هي پنهنجي ئي ٻن ڌيئرن جو قاتل ٿي ويو . پاڙي وارن جو چوڻ آهي ته هن جو پنهنجي ننڊڙِي ڌي جنهنجي عمر تقريب ست سال هئي ايترو ته پيار هوندو هو جو جاڏي ويندو هو تاڏي ان ننڍڙي کي ساڻ کڻي ويندو هو . ان ننڍڙي کي ڪڏهن هن کان ڌار نه ڏٺوويو هو۔ ۽ جنهن وقت هن گهر ۾ گوليون هلايون ته ان وقت اها ننڍڙي بيڊ جي هيٺان لڪي وئي ته هن جي هٿ ۾ رنبو هو جنهن سان هن ان ننڍڙِي کي بيڊ جي هيٺان ڪڍي ان رنبي سان وار ڪري ماريو آهي ، يقين ڪريو ته هي تصور منهنجي ڪاغذ کي ڪئي ڀيرا آلو ڪري چڪو آهي شل خدا ڪري ڪنهن دشمن جي گهر ۾ به هڙو حاڃو يش نه اچي . بحرحال مون جنهن موضوع تي قلم کڻي لکڻ جي جسارت ڪئي آهي ٿي سگهي ٿو ته ڪيترائي دوست هن کي فضول سمجهندا هجن پر منهنجي آڏو ته اهي جملا آهن جيڪي مون ٻڌا آهنجڏهن تري ايندا آهن ته آءُ نه چاهيندي به روئي پوندو آهيانان جي وجه چوندا آهن ته پٿر پرايو سور پنهنجا . اڄ کان تقريبن چوڏنهن سال پهريان جي ڳالھ آهي جڏهن منهنجو ننڊڙو ڀائٽيو ڪنهن دشمني جي بنياد تي اغوا ڪري قتل ڪيو ويو هو جنهن جو لاش اسان کي چئن ڏينهن کان پوءِ مليو هو۔ ادا جو اهو ننڊڙو مونسان تمام گهڻو گهليل مليل هوندو هو ايتري تائين جو منهنجي هوندي ڪڏهن پي جي جهولي ۾ نه ويندو هو . ان جي قتل کان پوءِ ڪئي مهينن تائين منهنجي اها حالت هوندي هئي ته جڏهن آءُ سمهندو هيس ته انجون داهون منهجي ڪنن ۾ پونديون هيون ۽ مونکي ائين لڳندو هو ڄڻ هو چاچا ڪري مونکي سڏي ٿو منهنجي پهچڻ تي هو ٻڌائي ٿو ته چاچا هنن مونکي ڏاڍو ماريو آهي هنن مونکي گهٽا ڏنا آهن۔ هن جي عمر ڇھ سال هئي ان جون اکيون مون اڳيان وري وري تري اينديون هيون ۽ جڏهن به مون ان تي لکيو آهي يا سوچيو آهي ته يقين ڪريو آءُ هفتن جا هفتا سمهي ناهيان سگهيو . 04_02_2011 تي جڏهن آءُ ان ادڙي جنهن کي ان جي عزيزن سان اسپتال کڻائي ويس ته ان ننڊڙي جا جملا ٻڌي آءُ گهر اچي ڪافي دير تائين رئندو رهيس . جنهن وقت انجي ڊاڪٽر پٽي ڪري رهيو هو ان وقت سندس زبان تي بي اختيار جڏهن هي جملا نڪتا اباڙي ته مون هن ڏي ڏٺو ته هن ادي کي شايد پنهنجي ان جملي جو احساس ٿي ويو .۽ اهو احساس شايد ايترو ته شديد هو جو ان کان پوءِ ان ادي جي پٽي تڪليف واري ٿيندي رهي ليڪن هوءَ ان درد ۾ گم رهي ۽ وري تڪليف جي دانهن نه ڪئي۔ شايد اهي جسماني درد ان لاءِ ڪا معنى نه پيا رکن جيڪو درد ان جي سيني ۾ هو ڌيئرون ته پي جي سلامت کرڻ جون دعاؤن گهرنديون آهن مان اهو سمجهڻ کان قاثر رهيس ته ان ادڙي پنهنجي پروردگار کان ڇا پئي گهريو پنهنجي لاءِ يا پي جي لاءِ اهو سوچي ۽ ان درد سان گڏ پنهنجي درد کي ڏسي وري وري نيڻ نمجي ٿا پون الله انهن ادڙين ۽ باقي سڀني ڀينرن توڙي ڀائرن و انسانن کي انهن دردن کان پنهجي حفظُ وامان ۾ رکي ۔ آمين۔ وسلام . [/justify]
جواب: اڄ نيڻ وري نمي پيا ادا توهان جي اهي پوسٽ تمام وزن رکي ٿي دوست توهان جي قلم الله تعالي اڃان به طاقت ڏئي
جواب: اڄ نيڻ وري نمي پيا انا لله وانا عليه راجعون سائين محترم ڏاڏل، الله اوهانجي دل جي احساس کي حيات رکي، جيتوڻيڪ اهڙا ۽ انکان به ڀيانڪ حادثا دنيا ۾ ٿيندا رهيا آهن ۽ ٿيندا رهندا ۔۔۔ ازل کان ابد تائين اهو سلسلو نه ختم ٿيو آهي نه ختم ٿيندو ۔۔۔ ڇاڪاڻ ته ابليس آزاد آهي ۽ کيس تا قيامت اجازت مليل اٿس، انڪري اهڙا هاڃا يا حادثا ته اسان جي سماج ۾ يا اسانجي گهرن م ٿيندا رهندا ۔۔۔ دنيا جا حساس ۽ سڄاڻ ماڻهون اهڙن حادثن تي روئيندا ۽ ٻين کي به روئاريندا رهندا جيئن اوهان هاڻ اسانکي روئاري وڌو آهي ۔۔۔ رب العالمين، ابليس کي چيو هو ته ؛ “منهنجا دوست تنهنجا هر گز نه ٿيندا” دعا آهي ته اسانکي به رب جي قربت حاصل ٿئي ته اهڙن ابليسي ڪمن کان بچي وڃون ۔۔۔ صاحب تنهنجي صاحبي عجب ڏٺي مون، سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: اڄ نيڻ وري نمي پيا سائين اوهان جي ڳالھ سو فيصد صحيح آهي ته ابليس آزاد آهي پر ابليس ۾ ته ايتري به طاقت ناهي جو هو پاڻي جو ڀريل ڪؤنرو به نه ٿو ڪيرائي سگهي۔ ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته انسان جو هي ظالماڻون روپ ڏسي سجدو ناهي ڪيو ته هن به صحيح ڪيو پر جاتي صالحين جي زندگي ڏسان ٿو ته هن واقعي غلطي ڪئي بحرحال دل جو اوٻر ڪڍيو سون ۔