اخوان المسلمين هي جماعت 1929 عيسوي ڌاري وجود ۾ آئي . هن جو باني شيخ حسن البنا هيو . هي هڪ ڳوٺ جو رهاڪو هيو . هُن هِن تحريڪ جي شروعات 1923 عيسوي ۾ ڪيو ۽ 1929 عيسوي ۾ هن کي باقائدا شڪل ڏنائين . هن جو مقصد اسلام جي بنيادي عقيدن جو نفاڊ ڪرڻ هيو پر بعد ۾ اها تحريڪ ٻين تحريڪن جيان سياسي صورت اختيار ڪري ورتي . مصر ۾ اها تحريڪ گهڻي مقبول ٿي ۽ هن جون شاخون ٻين عرب ملڪن ۾ به قائم ٿيون . ٻي عالمي جنگ جي بڄاڻي تي هن جا ڪارڪن لڳ ڀڳ ٻه لک هئا. اخوان المسلمين 1952 عيسوي ۾ مصر جي فوجي انقلاب جي حامي هئي پر هنن جي طرفان جنرل نجيب ۽ جنرل ناصر جي خارجه پاليسي جي مخالفت ٿيندي رهي . 1954 عيسوي ۾ هن جي ڪارڪنن جي طرفان جنرل ناصرمٿان قتل ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي جنهن کان پوءِ هن جماعت کي خلاف قانون قرار ڏنو ويو ۽ هنن جون ملڪيتون ضبط ڪيون ويون . هن کان پوءِ جماعت جي رهنماء شيخ حسن الهضيبي پنهجو صدر مقام قاهره مان دمشق منتقل ڪيو .هن جماعت عرب قوم پرستي جي خلاف آواز اٿاريو ۽ اسلامي ڀائيچاري جو نعرو بلند ڪيو جنهن جي پاداش ۾ هنن جي ڪارڪنن کي جيلن ۾ بند ڪيو ويو ۽ سيد قطب دين کي ڦاسي تي چاڙهيو ويو . پابندي جي باوجود به اها جماعت قائم رهي ۽ سڄي عرب ۾ ڦهلجي وئي . اڄ جي سڄي دنيا ۾ مشهور اسلامي رهنمائن جو تعلق به اخوان المسلمين سان رهيو آهي جن مان القائده جو ليڊر ايمن الزهراوي ۽ حماس جي رهنماء شيخ ياسين ۽ ڊآڪٽر عبدالعزيز ارنتيسي شامل آهن . اخوان المسلمين جا اڳواڻ 1. حسن البنا: المرشد الاول ومؤسس الجماعة (1928 - 1949) 2. حسن الهضيبي: المرشد الثاني للجماعة (1949 - 1973) 3. عمر التلمساني: المرشد الثالث للجماعة (1973 - 1986) 4. محمد حامد أبو النصر: المرشد الرابع للجماعة (1986 - 1996) 5. مصطفي مشهور: المرشد الخامس للجماعة (1996 - 2002) 6. مأمون الهضيبي: المرشد السادس للجماعة (2002 - 2004) 7. محمد مهدي عاڪف:المرشد السابع للجماعة (يناير 2004 - 16 يناير 2010) 8. محمد بديع: المرشد العام الثامن (16 يناير 2010 - اڄ تائين) سنڌيڪار ؛ افتخار علي چوهاڻ حوالو . انٽرنيٽ تان ورتل
جواب: اخوان المسلمين مصر جي موجوده تحريڪ ۾ به ٻڌايو وڃي ٿو ته اخوان المسلمون جو هٿ آهي۔۔۔ پر ماڻهن ۾ تحريڪ آڻڻ لاءِ ٻين ڌرين به ڪوشش ڪئي آهي۔۔۔ خبر نه آهي ته اخوان المسلمون مصر ۾ مقصد ماڻيندي يا نه ۔۔ ڇو ته هن وقت تحريڪ جو سپر ليڊر البرادعي آهي جنهن جي باري ۾ پڻ اهي خبرون آهن ته اهو آمريڪا جو پسنديده آهي۔۔۔ جي ٿورو پاڪستان تي سوچجي ۽ ججن جي بحالي تي نظر گهمائجي ته ان وقت ائين پئي لڳو ته جي هي جج بحال ٿي ويا ته ملڪ ۾ انصاف جو بول بالا هوندو۔۔۔ ۽ ملڪ جي تقدير تبديل ٿي ويندي۔۔ پر اڄ جڏهن ججن کي بحال ٿيندي سال گذري ويو آهي ۔۔۔ تبديلي ڪابه نظر نه ٿي اچي۔۔ عدالت جي فيصلن تي عمل اڃان به نه پيو ٿئي۔۔۔ سياسي مسئلن کي ته ڇڏيو پر عدالت واضح طور فيصلو ڏنو هو ته ملڪ ۾ کنڊ 40 روپيه في ڪلو عوام تائين پهچي پر هن وقت جڏهن شگر ملون پڻ ڪريشنگ ۾ مصروف آهن ۔۔ ملڪ ۾ کنڊ 75 کان 85 روپيه في ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي۔۔۔
جواب: اخوان المسلمين جي ادا بلڪل صحيح پيا چئو مون به هن ئي ڪري اها ونڊ ڪئي هئي جو اڄ ڪل مصر ۽ اخوان المسلمين هاٽ اشو بڻيل آهن
جواب: اخوان المسلمين ادا آسلام عليڪم۔هڪ سٺو ونڍ آهي ،پر توهانجا نيشن جي باري ۾ لکيل آرٽيڪل پنهنجو مٽ پاڻ هوا۔ادا رشيد سمون توهانجي آرٽيڪل تي ڪمٽ ڪندي جوڊيشري جي رسٽورييشن جي حوالي سان قانون جو اڃا تائين ملڪ ۾ بول بال ن ٿيڻ جو ذڪر ڪيو آهي۔ادا جوڊيشري هميشه ڊليور ڪندي آهي جڏنهن ت آن تي عملدرامد آيگزيڪٽوس ڪندا آهن۔جيڪڏنهن آيگزيڪٽوس ڪنهن هيڊن آبجيڪٽ جي ڪري ڪورٽن جي فيصلن تي عمل ن ٿي ڪري ت ان جو مطلب اهو ن آهي ت جوڊيشري ماڻهن جي مسئلآن جي لاء ڪوشش ن وٺي يا فيصلآ ء ڊليور ن ڪري۔سڀني آرگن آف دي گورنمنٽ کي حد جي اندر رهي پنهنجون constitutional ذميوري نباهڻ گهرجن ۔مايوسي ڪفر آهي ۔آسان کي آلله پاڪ ۾ يقين آهي ت آنشاآلله هڪ ڏينهن آهڙو ب آيندو جڏهن جوڊيشري جي فيصلن تي عمل ٿيندو ۽ سڄو ملڪ جنرل ۽ آسانجي سنڌ پرٽيڪولر ڏاڍي ترقي ڪندو۔سڀ ٿڪ لهي ويندا ۔