افتخار علي چوهاڻ
سينيئر رڪن
اخوان المسلمين
هي جماعت 1929 عيسوي ڌاري وجود ۾ آئي . هن جو باني شيخ حسن البنا هيو . هي هڪ ڳوٺ جو رهاڪو هيو . هُن هِن تحريڪ جي شروعات 1923 عيسوي ۾ ڪيو ۽ 1929 عيسوي ۾ هن کي باقائدا شڪل ڏنائين . هن جو مقصد اسلام جي بنيادي عقيدن جو نفاڊ ڪرڻ هيو پر بعد ۾ اها تحريڪ ٻين تحريڪن جيان سياسي صورت اختيار ڪري ورتي . مصر ۾ اها تحريڪ گهڻي مقبول ٿي ۽ هن جون شاخون ٻين عرب ملڪن ۾ به قائم ٿيون . ٻي عالمي جنگ جي بڄاڻي تي هن جا ڪارڪن لڳ ڀڳ ٻه لک هئا. اخوان المسلمين 1952 عيسوي ۾ مصر جي فوجي انقلاب جي حامي هئي پر هنن جي طرفان جنرل نجيب ۽ جنرل ناصر جي خارجه پاليسي جي مخالفت ٿيندي رهي . 1954 عيسوي ۾ هن جي ڪارڪنن جي طرفان جنرل ناصرمٿان قتل ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي جنهن کان پوءِ هن جماعت کي خلاف قانون قرار ڏنو ويو ۽ هنن جون ملڪيتون ضبط ڪيون ويون . هن کان پوءِ جماعت جي رهنماء شيخ حسن الهضيبي پنهجو صدر مقام قاهره مان دمشق منتقل ڪيو .هن جماعت عرب قوم پرستي جي خلاف آواز اٿاريو ۽ اسلامي ڀائيچاري جو نعرو بلند ڪيو جنهن جي پاداش ۾ هنن جي ڪارڪنن کي جيلن ۾ بند ڪيو ويو ۽ سيد قطب دين کي ڦاسي تي چاڙهيو ويو . پابندي جي باوجود به اها جماعت قائم رهي ۽ سڄي عرب ۾ ڦهلجي وئي .
اڄ جي سڄي دنيا ۾ مشهور اسلامي رهنمائن جو تعلق به اخوان المسلمين سان رهيو آهي جن مان القائده جو ليڊر ايمن الزهراوي ۽ حماس جي رهنماء شيخ ياسين ۽ ڊآڪٽر عبدالعزيز ارنتيسي شامل آهن .
اخوان المسلمين جا اڳواڻ
1. حسن البنا: المرشد الاول ومؤسس الجماعة (1928 - 1949)
2. حسن الهضيبي: المرشد الثاني للجماعة (1949 - 1973)
3. عمر التلمساني: المرشد الثالث للجماعة (1973 - 1986)
4. محمد حامد أبو النصر: المرشد الرابع للجماعة (1986 - 1996)
5. مصطفي مشهور: المرشد الخامس للجماعة (1996 - 2002)
6. مأمون الهضيبي: المرشد السادس للجماعة (2002 - 2004)
7. محمد مهدي عاڪف:المرشد السابع للجماعة (يناير 2004 - 16 يناير 2010)
8. محمد بديع: المرشد العام الثامن (16 يناير 2010 - اڄ تائين)
سنڌيڪار ؛ افتخار علي چوهاڻ
حوالو . انٽرنيٽ تان ورتل