• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

قانوني مسئلآ ۽ان جا حل

'whether we will open a page with the name of " legal problem and its soluation


  • سمورا ووٽر
    8

غلام مصطفي ميمڻ

سينيئر رڪن
سنڌ سلآمت جي سڀني با شعور۽ سٻاجهڻن ميمبرن جي خدمت۾ خلوص ڀريو آسلآم عليڪم۔ادا سائين ڪنهن ڪنهن جا نالآ وٺي مخاطب ٿيجي۔توهان سڀني جي خدمت ۾ هڪ گذارش آهي ته اسانجا سنڌي عوام پنهنجي قانوني حقن کان آڻڄاڻ آهن۔هو هميشه قانوني مسئلن ۾ گهريل رهن ٿا۔حالانڪ هر مسئلي جو حل قانون ۾ موجود هوندو آهي،پر هو آڻڄاڻي جي ڪري هن طرف رجوع نه ڪري سگهندا آهن۔جيڪڏنهن توهان مناسب سمجهو ته هڪ پيج قانوني مسئلا ۽ انهن جي حل جي نالي سان شروع ڪيو وڃي۔آسان ڇاڪاڻ قانون سان رليٽڊ هڪ گورنمنٽ جاب ۾ آهيون۔انڪري آسان پنهنجون خدمتون في سبيل آلله پيش ڪيون ٿا۔ٿي سگهي ٿو ته ان طرح سنڌ جي سنڌي عوام جي جنرل ۽ سنڌ ساٿ جي ميمبرن جي پرٽڪيولر خدمت ڪري سگهون۔آسان کي هن ڳاله تي يقين آهي ته ماڻهون پنهنجي نالي جي ڪري نه پر پنهنجي ڪم جي ڪري ٻين جي دلين ۾ زنده رهندو آهي۔ آسان کي ڪمپيوٽر جي گهڻي ڄاڻ نه آهي انهي ڪري توهان جي مدد جي ضرورت پوندي رهندي۔ آلله پاڪ هميشه توهان جو حامي ۽ ناصر هجي۔جواب جو انتظار رهندو۔آلله حافظ۔@};-@};-@};-@};-@};-@};-@};-@};-@};-
 
جواب: قانوني مسئلآ ۽ان جا حل

سڀ کان پهريان ته ادا غلام مصطفي ميمڻ اوهانجا لک ٿورا جو اوهان هن اڱڻ تي آيا ۽ پنهنجي اهليت ۽ علم مطابق قومي خدمت ڪرڻ جو في سبيل الله ارادو ڏيکاريو آهي ۔۔۔ چڱي ڪم جي ارادي سان ئي نيڪيون ملنديون آهن ۔۔۔ انڪري اوهانکي واڌايون جو اوهان نيڪ ڪم جو نه فقط ارادو ڪيو آهي بلڪه عملي طور تي به مدد ڪرڻ لا تيار آهيو ۔۔۔

بيشڪ ڪيترائي اسانجا سنڌي قانون جي ورن وڪڙن کان منجهي ڪيترائي پنهنجا حق وڃائي ويهندا اهن ۔۔۔ انڪري اها خدمت پڻ ڪارائيتي بلڪ بنيادي آهي ۔۔۔

اسين ادي رشيد کي گذارش ڪنداسون ته هو هن اڱڻ تي ”قانوني مسئلا ۽ انهن جا حل” جي نالي سان پڻ هڪ ڪمرو قائم ڪري ته جيئن ان ۾ اسانجا قانون سان لاڳاپيل دوست ڪا خدمت ڪري سگهن ۔۔۔ جنهن ۾ دوست پنهنجا سوال موڪلي سگهن ۽ اسانجا دوست ان ۾ جواب ڏئي سگهن ۽ رهنمائي ڪري سگهن ۔۔۔

ادا ميمڻ صاحب اوهانکي جيڪڏهن هن اوطاق تي ڪا به تڪليف هجي ته ” پڇڻا نه منجهڻا” واري ڪمري ۾ سوال موڪليندا ۔۔۔ ٻي ڳالهه ته ” سنڌ سلامت سکيا” ۾ ويندا ته اوهانجي ممڪن ڪئي سوالن جا جواب ملي وڃن ۔۔۔ ٽين ڳالهه ته اوهان جڏهن مسلسل ايندا ته اوهانکي تجربو ٿيندو ۽ ڪيتريون ڏکايون ختم ٿي وينديون ۔۔۔

اوهانجا لک ٿورا ۔۔۔

سلام دوست

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: قانوني مسئلآ ۽ان جا حل

بيشڪ ڪيترائي اسانجا سنڌي قانون جي ورن وڪڙن کان منجهي ڪيترائي پنهنجا حق وڃائي ويهندا اهن ۔۔۔ انڪري اها خدمت پڻ ڪارائيتي بلڪ بنيادي آهي ۔۔۔

اسين ادي رشيد کي گذارش ڪنداسون ته هو هن اڱڻ تي ”قانوني مسئلا ۽ انهن جا حل” جي نالي سان پڻ هڪ ڪمرو قائم ڪري ته جيئن ان ۾ اسانجا قانون سان لاڳاپيل دوست ڪا خدمت ڪري سگهن ۔۔۔ جنهن ۾ دوست پنهنجا سوال موڪلي سگهن ۽ اسانجا دوست ان ۾ جواب ڏئي سگهن ۽ رهنمائي ڪري سگهن ۔۔۔


سائين سان گڏ پنهنجو هٿ به مٿي آهي

سائين غلام مصفطى ميمڻ صاحب توهان جو جذبي کي سلام آهي جو توهان في سبيل الله پنهنجون خدمتون پيش ڪري رهيا آهيو

الله توهان کي ان جو اجر ڏيندو

تمام سٺي سوچ آهي ادا سائين
 
جواب: قانوني مسئلآ ۽ان جا حل

سائين بالڪل اهڙي جذبي جو قدر ڪرڻ گهرجي سائين غلام مصطفى جن ادَي نجم الدين ڪنڀر جن کي به سهڻو مشورو ڏنو. اگر ڪو به سنڌي ويچارو ڪنهن اهڙي مسئلي جو شڪار آهي ته ان کي ڪو قانون دان هجي سو به في سبيل الله ان کي سولو دڳ ٻڌائي بيشڪ اهو وڏو نيڪي جو ڪم آهي محبوب عليه الصلواة والسلام جن جو فرمان آهي

[font="al_mushaf"]الدال علي الخير کفاعله [/font]
يعني نيڪي جو ڏس ڏيندڙ کي ان نيڪي جي ڪندڙ جيترو اجر و ثواب ملندو. سو جيڪو نيڪي جو ڏس ڏئي اهو بالڪل ان اجر جو مستحق آهي. ۽ جنهن کي ان ڪم جي ڄاڻ آهي ان کي ان ۾ دير نه ڪرڻ گهرجي.
 
جواب: قانوني مسئلآ ۽ان جا حل

مهرباني سائين غلام مصطفى ميمڻ صاحب

اوهان پهريان به هيء ڳاله ۽ پنهنجون خدمتون پيش ڪرڻ جو چيو هو ، اوهان جي اهڙي جذبي جو قدر ڪجي ٿو۔ دوستن کي گهرجي ته هنن کي جيڪڏهن ڪوبه مونجهارو هجي ته سائينء سان رابطي ۾ اچن۔

سائين اوهان کي به گذارش آهي ته عام زندگيء جا مونجهارا ۽ انهن جو قانوني حل هتي ونڊ ڪندا رهو جيئن سنڌ جي سٻاجهڙن کي معلومات ملي سگهي۔

اوهان جا لک قرب
 
جواب: قانوني مسئلآ ۽ان جا حل

اسان جي معاشري ۾ ڊاڪٽرن ۽ قانوندانن جي باري ۾ هميشه اهو تاثر رهيو آهي ته اهي رڳو پئسا خرچ ڪرائيندا آهن باقي صحيح رستو نه ڏيکاريندا آهن۔۔ پر اڄ غلام مصطفى ميمڻ صاحب جن جي مشورن بعد اسان جو اهو تاثر قانون دانن جي باري ۾ ته مٽجي وڃڻ گهرجي۔۔۔ مفت ۾ خلق خدا کي صحيح رستو ڏيکارڻ،ان جي خدمت ڪرڻ ثواب جو ڪم به آهي ته سڪون جو ذريعو به آهي۔۔ شل الله اوهان کي پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ڪري۔۔ اسان جون دعائون اوهان سان گڏ آهن​
 
جواب: قانوني مسئلآ ۽ان جا حل

ادا رشيد کي اسان طرفان به گزارش آهي ته مهرباني ڪري ان سلسلي لا‌هڪڙو ڪمرو کوليو وڃي۔
مهربانيون۔
 
Back
Top