ڪابل ۾ مغل حڪمران بابر جي مقبري جون بحال ٿيندڙ سياحتي رونقون

'مختلف موضوع' فورم ۾ جواد رضا طرفان آندل موضوعَ ‏7 فيبروري 2011۔

  1. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    ڪابل ۾ مغل حڪمران بابر جي مقبري جون بحال ٿيندڙ سياحتي رونقون​


    رفعت الله اورڪزئي


    ظهير الدين بابر جو مقبرو ڪابل شهر جي وچ ۾ هڪ پهاڙي علائقي لڳ موجود آهي. افغانستان جي سرزمين جيڪڏهن هڪ پاسي عالمي طاقتن يا مُلڪي ۽ غير ملڪي دهشت گردن لاءِ ”ميدان جنگ“ جي حيثيت رکي ٿي ته ٻئي پاسي اها زمين آڳاٽي زماني کان طاقتور بادشاهن ۽ ويڙهاڪن جي آخري آرام گاهه به رهي آهي. سڪندر اعظم کان وٺي ڪري وڏا وڏا حڪمران يا ته ان سرزمين وٽان گذريا آهن يا اتي ئي پنهنجو آستان بڻائي ڇڏيو آهي. افغانستان ۾ اڄ به ڪيترا ئي حڪمران ۽ بادشاهه دفن آهن ۽ اتي انهن جا مقبرا به موجود آهن. اهڙن مقبرن مان بابر جو مقبرو به هڪ آهي. مغليه سلطنت جي باني ظهيرالدين بابر جو ان حوالي سان خاص طور ان ڪري به زڪر ٿيندو آهي جو سندس وفات ته هندستان جي شهر آگرا ۾ ٿي هئي پر سندس وصيت موجب ڏهن سالن کان پوءِ ان جي جسد خاڪي کي افغانستان آڻي هڪ باغ ۾ دفن ڪيو ويو. ٻڌايو ويندو آهي ته جنهن جڳهه تي بابر جو مقبرو ٺهيل آهي سو علائقو بابر کي تمام گهڻو پسند هو. هو جڏهن به افغانستان ايندو هو ته ان علائقي ۾ ئي اچي ٺڪاڻو ڪندو هو. جنهن جڳهه تي بابر جو مقبرو آهي تنهن کي ”باغ بابر“ به چيو ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته ان مقبري جي چوڌاري هڪ خوبصورت باغ به بڻايو ويو آهي. افغانستان ۾ موجود اهو باغ بابر گذريل ٽن ڏهاڪن کان هلندڙ جنگين ۽ ويڙهن جو به نشانو پئي بڻيو آهي. روس خلاف ٿيل جنگ ۾ ته اهو باغ ملڪي توڙي غير ملڪي فوج جو ڄڻ ته مستقل مورچو رهيو هو. بمباري سبب هن باغ جون سڀ ڀتيون ڪري پيون هيون جنهن ڪري سياحت جي حوالي سان ماڻهن جو اچڻ وڃڻ صفا بند ٿي ويو هو. پر آغا خان فائونڊيشن هاڻي وري ان باغ جي آبادي ۽ ڀتين جي مرمت جو ڪم شروع ڪري ڏنو آهي جنهن سبب هاڻي وري سياحن ان مقبري ڏانهن اچڻ شروع ڪيو آهي سو افغانستان ۾ جنگين سبب تاريخي آثار تقريبن ختم ٿي چُڪا آهن ته هاڻي امن ٿيڻ کان پوءِ حڪومت ان پاسي به ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو