سنڌ جو بي روزگار نوجوان ۽ سندس مستقبل

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ جواد رضا طرفان آندل موضوعَ ‏7 فيبروري 2011۔

  1. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    سنڌ جو بي روزگار نوجوان ۽ سندس مستقبل​


    نثار ٻانڀڻ

    مون جڏھن ھي آرٽيڪل لکڻ شروع ڪيو ته ھڪ گھڻ گُھري دوست جيڪو وفاقي اداري ۾ ھڪ پيشڪار جي عھدي تي فائز آھي جي فون ڪال ٿي، سندس پھريون جملو ھو ته ڀائو ...ھِن مُلڪ جي ٽيھٺ سالن جي تاريخ رڳو عھدنامن ۽ واعدن جي انحراف جي ڪٿا بڻيل آھي ۽ ھاڻ به واعدن جا پھراڻ پيا پھرائجن..يار ائين ڪيسيتائين ھلندو.؟اسانجي اجتماعي پيڙا ۽ ڀوڳنا جو سفر کٽي نٿو کُٽي.!؟ مون کيس چيو ته سائين رياست جي اھا ٻه اکيائي ته ھر وار سھون پيا ڪا نئين ڳالھه ٿورئي آھي، ھن ڀيري پاڻ پيٽ جي معامري تي ڳالھائينداسين ۽ انھن احساسن تي ڳالھائينداسين جن کي پنھنجي اسڪرپٽ ۾ سموئي نه پيا سگھون، اُنھن لفظن تي ڳالھائينداسين جيڪي ھن جمھوريت جي مُند ۾ به اڻ مندائتا ڪوٺيا پيا وڃن. بهر حال پاڻ سنڌ جي بي روزگار مستقبل تي ڳالھائينداسين ۽ ھن عوامي قوت تي حڪمراني جو حق حاصل ڪندڙن آڏو ياداشت نامو پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. جڏھن معاشري ۾ ناانصافين جا فصل پوکيا ويندا آھن تڏھن بغاوت جي لُڪَ لڳڻ شروع ٿيندي آھي، اھا ڳالھه حڪمران ڌر جنھن کي پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت به ڪوٺيون پيا، ان جو اھو حلقو به ڪندو جنھن وٽ سنڌ ڌرتي ماءُ جي حيثيت رکندي آئي آھي ته سنڌ کي 63 سالن کان اھو انصاف ناھي مليو جيڪو کيس ملڻ گھرجي، سياسي ۽ سماجي دانشور چون ٿا ته جنھن نظام ۾ انصاف وڪامي اُن نظام خلاف بغاوت ٿيڻ فطري عمل آھي، سنڌ جي عام فھم رکندڙ فردن جو وري اھو سوال آھي ته جنھن نظام ۾ انسان وڪامي اُن نظام خلاف ڇا ڪرڻ گھرجي؟ اھا حقيقت آھي ته سنڌ جيڪا پنھنجن قدرتي وسيلن سان مالا مال آھي تنھن ۾ ٻن ويلن جي مانيءَ لاءِ انسان وڪامي رھيا آھن، مائرن ۽ پيئرن جي دل ٻچن کي وڪرو ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي پئي آھي، اخباري تاريخ کڻي ڏسو گذريل ٽن سالن ۾ اڪثريت سان سنڌ جا ماڻھو ٻن ويلن جي مانيءَ ٽڪر لاءِ پنھنجا ٻچا وڪڻڻ تي مجبور ٿيا آھن، صديون پوئتي نھاربو ته تاريخ رڙندي چوندي پھريان غلام رکيا ويندا ھئا ۽ انھن جون جانورن جيان منڊيون لڳنديون ھيون تڏھن به کين ٻن ويلن جي ڳڀو ٽُڪر ضرور ملندو ھئو پر ھن جديد دور جو ھي ڪھڙو سماج آھي جنھن ۾ ماڻھو ماني لاءِ مجبور آھي، ٻچا بک ۾ بدحال ٿي مائرن کي چون ٿا امان اسان جي نصيب ۾ ڳڀو ڪونھي ڇا؟ بابا توھان ته چيو ھو بينظير ايندي روزگار آڻيندي اُها بينظير ڪڏھن ايندي ۽ ڪڏھن اوھان کي روزگار ڏيندي جو اسان به سڻنڀو ڳڀو کائڻ جھڙا ٿينداسين؟ سمجھه جھڙا ٻار وري مائرن کي چون ٿا ته امان ھاڻ پِنَ جو ٽڪر نڙيءَ مان نه ٿو لھي، بابا پنھنجو ڇو ڪو نه ٿو ڪمائي؟ اِھي سوالَ اھو شعور پيا سھيڙين جنھن کي پابند نه ڪري سگھبو، اھي سوال ھڪ بغاوت کي جنم ڏيڻ لاءِ ماحول پيا جوڙين ۽ اھا بغاوت پيدا ڪندڙ باھ سنڌ جي ھر گھر ۽ گھٽيءَ ۾ ڄڀيءَ وانگر ڀڙڪندي ڏسجي پئي. سنڌ سان ٿيندڙ ڏاڍاين، ناانصافين خلاف غصي، نفرت ۽ ڪروڌ جو اظھار ھاڻ ڪنھن به وقت جوالا مکيءَ وانگر ڦاٽي سگھي ٿو، جنھن جي لاءِ ھاڻ ئي عوام جي طاقت جو دھل وڄائيندڙ ھن حڪومت کي سوچڻ گھرجي. شھيد راڻي بينظير ڀٽو طرفان ڏنل اٽي، لٽي ۽ اجھي جي نعري جو ئي ڀرم رکيو وڃي ۽ پھرين مرحلي ۾ بي روزگاريءَ بابت ڪي جوڳا قدم کنيا وڃن ڇو ته بي روزگاري اھڙو مھڻو بڻجي چڪي آھي جيڪو نوجوانن جي قابليت کي گرھڻ جيان لڳي ٿو، بي روزگاري فرد کي متاثر ڪرڻ سان گڏ پوري سماج تي پنھنجا منفي اثر ڇڏي ٿي، نوجوانن جي وڏي اڪثريت جو بي روزگار هئڻ ڪري سماج مختلف مسئلن جو شڪار بڻجي وڃي ٿو، بي روزگار نوجوانن مان ڪي احساس ڪمتري جو شڪار بڻجي منشيات، چوري، اغوا، ڦرلٽ ۽ ٻين سماجي ڏوهن ۾ ملوث ٿي بداخلاقين جا مينار جوڙي معاشري تي بار بڻجي ويا آهن ۽ اھو کُليو سچ آھي جنھن کي لڪائي نه ٿو سگھجي، جنهن ڪري امن امان جو مسئلو پڻ پيدا ٿئي ٿو، جڏھن ته ڪجھه گھڻائي ۾ نوجوان وري خودڪشي کي مسئلن جو حل سمجھي پنھنجن مونجھارن مان جان ڇڏائڻ وارو رستو وٺن ٿا، جنهن جي ڪري انهن جي خاندانن کي سخت تڪليف ۽ ايذاءَ مان گذرڻو پوي ٿو، بي روزگاري معاشري کي ڪيتري قدر معذور بڻايو ڇڏي ٿي اِن جو مثال سنڌ جي سماجي صورت حال مان ظاھر ٿئي ٿو جنھن جو تفصيلي جائزو وٺڻ گھرجي جنھن کي جنگي بنيادن تي ڏٺو وڃي، هڪ فرد جي بي روزگاري سبب ان جي معاشي بدحالي ٿئي ٿي ۽ سماج اندر فردن جي بي روزگاري سماج کي متاثر ڪري ٿي. معاشي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ناجائز طريقي سان مالي استحڪام حاصل ڪرڻ جو رجحان پيدا ٿئي ٿو جنهن تحت معاشري ۾ ڪرپشن، ڦرلٽ، ڌاڙا، چوريون ۽ اقربا پروري جهڙيون عادتون پڻ واڌ وٺن ٿيون ۽ اهڙي سماج جي جوڙجڪ کي برو سمجھيو وڃي ٿو اتي تھذيب، قدر ۽ ثقافتي اھڃاڻ جو حشر نشر ٿئي ٿو. سنڌ جي نوجوانن جي وڏي انگ ۾ پکڙيل بي روزگاري هڪ سنجيدهه ۽ جلدي ڌيان ڇڪائڻ وارو مسئلو بڻجي چڪو آهي، تعليم يافتا ۽ پروفيشنل ڊگريون رکندڙ نوجوانن ۾ پکڙيل بي روزگاري جو ڪاٿو اخباري اشتھارن جي تحت موڪليل درخواستن مان بھتر انداز ۾ لڳائي سگهجي ٿو، مٿان وري پبلڪ سروس ڪميشن جي نتيجن ۾ ماٽيلي ماءُ جي ورڇ وارو رويو پڻ قابليت کي مايوسين ڏانھن ڌڪي ٿو. بي روزگاري جي انهيءَ سنگينيءَ جو ادراڪ سرڪار سڳوريءَ کي ڪونهي اهو نه به کڻي چئجي پر مختلف کاتن طرفان ملازمتن جي لاءِ گهرايل درخواستن مان سنڌ سيڪريٽريٽ جا گدام ائين ڀريا ويا آھن جيئن موجودهه حڪومت جا وزير، مشير ۽ ڪارندا پنھنجا بينڪ لاڪر ڀريو ويٺا آھن، اخبارن ۾ آيل اُنھن اشتھارن موجب نوجوانن پاران 1000 رپين جي فوٽو ڪاپين، ٽپال خرچ، تصديق ۽ کاتي ڏانھن موڪليل ڊرافٽ يا پي آرڊر جي مرحلن مان گذاريل اِهي درخواستون سندن نصيب جيان ڦٽل ئي رھن ٿيون، سرڪار ۽ اُن جي مشينريءَ طرفان پنھنجي روايتن کي برقرار رکندي اهو نه سوچيو ويو ته بنا ڪنهن ڇنڊ ڇاڻ جي ٻورين ۾ بند ڪري رکيل انهن درخواستن سان ڪيترن ئي نوجوانن ۽ سندن والدين جون اميديون واڳيل آهن، انهن درخواستن سان سنڌ جي بي روزگار نوجوانن کي ڪو روزگار ته نه ملي سگهيو پر اختيارين جي اکين تي چڙهيل ”ڪو مسئلو ئي ناھي پاڻھي سڀ ٺيڪ ٿي ويندو“ جي عينڪ تي ڪجهه ڌنڌلو ئي سهي حقيقت جو روپ ضرور اُڀريو هوندو. بي روزگاري جي انهي ادراڪ جي ڪري مختلف موقعن تي حڪومتي اختياريون ملازمتون ڏيڻ جا اعلان ڪنديون رهيون آهن پر وقت گذرڻ سان گڏ اهي صرف اهڙا اعلان ثابت ٿي سگهيا آهن جيڪي فقط اعلان جي حد تائين محدود رهجي ويا آهن. سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني، لاقانونيت، ڌاڙا ۽ ڦرون به بي روزگاري جو ئي ھڪ نتيجو آهن انهي صورت حال جي ڪري امن امان جي لاءِ ڪيتري ئي اضافي رقم حڪومت کي رکڻي پوي ٿي مٿان وري بارڊر تي ڪم ايندڙ فورس (رينجرز) کي رھائي اُن جو خرچ پکو کڻڻ وارو مستقل سلسلو پڻ جاري ۽ ساري آهي، جيڪو پرڳڻي جي معيشت تي بار پوي ٿو. سنڌ ۾ موجود بي روزگارن مان وڏي اڪثريت تعليم يافتا نوجوانن جي آهي، جيڪي تعليمي ادارن مان مختلف ڊگريون وٺي نڪتا آهن ۽ هاڻ نوڪري جي لاءِ دربدر ٿيڻ سندن مقدر بڻيو آهي، بي روزگارن جي انهي فوج ۾ هر سال ڊگريون وٺي نڪرندڙ واڌاري جو سبب بڻجن ٿا. انهي جي ڪري ماڻهن جو تعليم طرف ڌيان گهٽجي وڃي ٿو، اسان وٽ تعليم کي روزگار جو هڪ مکيه مقصد سمجھيو وڃي ٿو، جنهن گهر ۾ هڪ تعليم يافته فرد پھريان کان بي روزگار هوندو ته وري ٻي کي اهو چئي اڳتي نه ٿو پڙھايو وڃي ته وڏي پڙھي ڪهڙا اَڪَ ڪارا ڪيا آھن جو تون اڳتي پڙهڻ ٿو چاهين؟! انهي جي ڪري تعليم خاص ڪري اعلى تعليم جو رجحان معاشري مان گهٽجندو پيو وڃي، اِن طرف حڪومتي ڌر جو ڌيان اڃان ناھي ويو، هاڻ حڪومتي حلقي خاص ڪري پيپلزپارٽي جي ٿنڪ ٽينڪ ۽ سنڌ لاءِ حڪمت عمليون جوڙيندڙن آڏو اھو سوال ٿو پيدا ٿئي ته سنڌ ۾ ڳاڻيٽي کان وڌيل انهيءَ بي روزگاري جا ڪارڻ ڪهڙا آهن ۽ انهيءَ بي روزگاري کي ڪهڙي ريت ختم ڪري سگھجي ٿو؟ بي روزگاري جي اضافي جي مکيه ڪارڻن مان هڪ سبب اِهو پڻ آهي ته ڪافي وقت لڳ ڀڳ يارھن سالن کان وٺي رياستي حڪمرانن سرڪاري نوڪرين تي پاپندي مڙھي ڇڏي ھئي ۽ جڏھن عوامي حڪومت آئي تنھن وري نوٽن ۽ پنھنجن تمام ويجھن کي نوازڻ وارو رستو کولي سنڌ جي باقي مستقبل کي ٻنجوڏئي ڇڏيو. اسان وٽ پڙهيل لکيل نوجوانن جي لاءِ روزگار جو هڪ ئي ذريعو سرڪاري نوڪري آهي جنهن ۾ روزگار جي فراهمي تي غير اعلانيه مدت تائين پاپندي ۽ وري پنھنجا نواز ۽ رشوت جي رڪارڊ ھڻي نوجوانن جون متيون منجھائي ڇڏيون، مجبور ٿي ماڻھن پاڻ ساڙڻ ۽ ٻچا وڪڻڻ کي ئي واحد حل سمجھيو. ٻئي طرف پرائيويٽ سيڪٽر اسان وٽ يا ته قائم ناھي ٿي سگھيو ۽ جيڪو ٿورڙو گھڻو قائم ٿيو به آھي ته انهي ۾ سنڌ جي نوجوانن کي روزگار ڏيڻ بجاءِ غير مقامي ماڻھن کي ۽ مُلڪ جي ٻين مختلف علائقن جي رهواسين کي ڀرتي ڪيو ويو آھي ۽ خانگي حيثيت رکندڙ سنڌ جي نيم سرڪاري ادارن ۾ وري سنڌ جي قابل نوجوانن کي سپورٽ اسٽاف جي حيثيت تائين رکي اُنھن جي مسلسل تذليل ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته سنڌي پنهنجن ئي علائقن ۾ قائم صنعتن ۽ فيڪٽرين ۾ پڻ ساڳين حڪمت عملين تحت کنيا پيا وڃن، گھڻن احتجاج کان پوءِ وڃي اتي نالي ماتر سنڌي نوجوان کي ننڍين پوسٽن تي مقرر ڪيو ويندو آھي. انتظامي سطح جي اسٽاف تي غير سول ريٽائرڊ ماڻهن کي مقرر ڪيو ويندو آهي، هن وقت جڏهن مختلف فصل لهڻ جي مُند شروع ٿي چڪي آهي، تڏهن ٻاهران ٻين صوبن مان به وڏي تعداد ۾ ليبر اچي ڪڙڪيو آهي، جيڪا مختلف منڊين، ملن ۽ صنعتي يونٽن ۾ سستي پورھئي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا، جنهن جي ڪري مقامي پورھيت کي وڏو ڌڪ رسي ٿو، ٺيڪيدار ٻه رپيا وڌيڪ ڪمائڻ خاطر ٻاهرين مزدور کي وڌيڪ ترجيح ڏين ٿا جيڪو مخصوص علائقي جي آبهوا سان تعلق رکڻ جي ڪري مقامي مزدور کان سگھارو پڻ هجي ٿو، انهن ٻاهريان ايندڙن مان گھڻن جي اڪثريت شهرن جي مکيه روڊن جي فٽ پاٿ تي مختلف سامان وڪرو ڪندي پڻ نظر ۾ اچي ٿي، مقامي واپارين جي ڀيٽ ۾ هي ڪو ٽئڪس ادا نه ڪرڻ جي ڪري سستو سامان ڏيڻ جي پوزيشن ۾ هوندا آهن، جنهن ڪري مقامي واپاري پڻ متاثر ٿيندي ڏٺا ويا آهن، حڪومتي انگ اکرن موجب رڳو ڪراچي ۾ انهن ٻاهران ايندڙن جي تعداد ساڍن چئن لکن کان 5 لکن تائين آهي، جيڪي اُتي مختلف حوالن سان فيڪٽرين، ٺيڪيدارن، خانگي سيڪورٽي ڪمپنين ۽ ٻين روزگار جي ذريعن تي قابض بڻباآهن، هڪ اندازي مطابق سنڌ کي دبئي سمجھي ڪمائڻ لاءِ ايندڙن جو روزانو 8 هزار وارو تعداد سنڌ جي ٽن وڏن شھرن مان رڳو ڪراچيءَ ۾ اچي ٿو جنهن ڪري سنڌ کي دستياب محدود وسيلن تي اضافي بار پوي ٿو ۽ صوبي جي آمدني ٻاهر منتقل ٿئي ٿي، صوبي وٽ اهڙو ڪوبه قانون موجود ناهي جنهن سان ٻاهران ايندڙن کي روڪي سگهجي، جنھن جو نتيجو اهو نڪري پيو ته سنڌي ماڻھو آهستي آهستي پنهنجن ئي شهرن جي سڃاڻپ، تهذيب ۽ روزگار جي ذريعن کي وڃائيندا پيا وڃن. جڏھن ته تعليم جو حق ته سنڌي ماڻھو ڪراچيءَ ۾ اڳ ئي پنھنجن جي مھربانين سان کسائي چڪو آھي، نيشنل ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنين تي نھار وجھبي ته اُتي سنڌي ماڻھو نالي ماتر نظر ايندا بلڪ انهن ادارن ۾ سندن لاءِ مخصوص ڪوٽا هئڻ باوجود اهي نوڪريون حاصل ڪرڻ کان محروم بڻيل آهن، سنڌ جي ڊوميسائل تي وفاق وٽ نوڪري ڪندڙ گهڻا سنڌ سان حقيقي تعلق رکندڙ آھن ۽ سندن جنم ڀومي سنڌ آهي، اُن تي حڪومتي حلقي کي سوچڻ گھرجي؟ موجوده حڪومت لاءِ اهو معامرو اڃان وضاحت طلب بڻيل آهي. صوبي ۾ قائم وڏن ادارن جن ۾ اسٽيل مل، پورٽ قاسم، او جي ڊي سي، پي آءِ اي، پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن ۽ فارين سروسسز ۾ سنڌي ماڻھن جو تعداد ڏٺو ويندو ته گذريل ۽ موجودهه حڪومت جي پت وائکي ٿي پوندي، بهر حال بي روزگاري جي وڌندڙ سيلاب آڏو ڪو بند ٻڌڻ لاءِ ضروري آهي ته ملازمتن ۾ اڻ برابري کي ختم ڪيو وڃي، گهٽ ۾ گهٽ آئيني طور مليل ڪوٽا تي صوبي جي ماڻهن کي مقرر ڪيو وڃي، جتان جي لاءِ اها ڪوٽا مخصوص آهي. سنڌ اندر سرڪاري نوڪرين تان عارضي پابندي هٽائي ۽ رشوت جي بازار کي بند ڪري سالن کان خالي پيل مختلف کاتن جي جاين کي ڀريو وڃي، اُنھن نوڪرين لاءِ اضافي بجيٽ جي ضرورت ڪونھي ڇو ته انهن ملازمتن جي لاءِ هر سال بجيٽ رکي ويندي آهي جيڪا استعمال نه ٿيڻ ڪري واپس ليپس ٿيڻ وارن ڳوٿرن ۾ وڃي پوندي آھي. صوبي جي آبادي وڌڻ ڪري اهو ضروري ٿي پيو آهي ته تعليم، صحت، انصاف ۽ ٻين ادارن جون سهولتون وڌ کان وڌ ماڻهن تائين پهچائجن جنھن جي لاءِ وڌيڪ ملازمتن جي ضرورت پوندي اسان ھڪ ننڍڙو مثال وٺون ته ڪراچي جهڙي شهر ۾ جتي جي آبادي ڪروڙن ۾ آھي اُتي پوليس جي تعداد ڏھن ھزارن کان مٿي ڪونھي، جن مان اڌ ڏينھن جو ته وري ڪجھه حصو رات جي ڊيوٽي تي هوندو آهي باقي ٿورا گھڻا آھن جيڪي انويسٽيگيشن ۾ لڳايا ويا آهن ته ڪي ٽرئفڪ پوليس ۾ پنھنجون جھڙيون تھڙيون خدمتون سرانجام ڏين پيا مقصد ته تمام ٿوري تعداد ۾ ماڻهن کي سهولتون دستياب آهن، اھا صورت حال ادارن ۾ موجود انهي ذريعن جي پورائي واري صورت حال جي ڪارڪردگي کي به متاثر ڪري رهي آهي، ادارن ۾ اسٽاف جي کوٽ کي ختم ڪرڻ سان انهن جي ڪارڪردگي ۾ به بهتري اچي سگهندي. انهي سان گڏوگڏ سنڌ جي نوجوانن مان بي روزگاري پڻ ختم ٿي سگهندي. پرائيويٽ سيڪٽرز کي به متحرڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي، کين پابند بڻايو وڃي ته سنڌ ۾ موجود وڏي تعداد ۾ بي روزگاري جي ڪري ٻاهران ايندڙن کي ملازمتون ڏيڻ بجاءِ سنڌ جي مقامي نوجوانن کي روزگار سان لڳايو وڃي، صوبائي حڪومت کي اھڙو قانون جوڙي اسمبليءَ مان پاس ڪرائي اُن تي عمل ڪرايو وڃي، ٻين صوبن کان ايندڙ پورھيت ۽ واپاريءَ کي پڻ روڪڻ لاءِ مناسب قدم کنيا وڃن ته جئين سنڌ جي مقامي وسيلن تي بار نه پوي. ھڪ طرف سنڌ ۾ موجود بي روزگاري سماج لاءِ ائين آهي جئين باراني علائقي ۾ خشڪ سالي! ته ٻئي پاسي سنڌ سرڪار جون صوبي کي ترقي وٺائڻ لاءِ ڳاٽي ٽوڙ حڪمت عمليون جن ۾ عوام جي فلاح ۽ ڀلائي جا سمورا ترڪتال ڪجھه اھڙي انداز سان سنواريل آھن جو انھن جو سڌو ۽ اڻ سڌو فائدو رڳو وزيرن، مشيرن ۽ ڪامورن کي ئي رسي سگھي ٿو، جنھن تي پڻ لکڻ گھرجي.
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ جو بي روزگار نوجوان ۽ سندس مستقبل

    سهڻا واڪا ڪيل آهن پر ٻڌي ڪير ۔۔۔؟ نه قوم ٻڌڻ لا تيار آهي نه سياستدان (وفاقي يا قومپرست)، پاڪستان جي هوندي سوندي چڱائي جون اميدون مري چڪيون آهن ۔۔۔ بس هاڻ ڪنهن معجزي جو انتظار آهي ،،، پر رب تعالا ته چوي ٿو ته هو به ان قوم جي حالت نٿو بدلائي جيستائين هو پاڻ اڳتي نٿا وڌن ۔۔۔

    ڪجهه آ به اڳڀري ٿيان متان چوي خان بلوچ ته هن ڪميني مان ڪي ڪين ٿيو ۔۔۔
     
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سنڌ جو بي روزگار نوجوان ۽ سندس مستقبل

    سائين بلڪل قوم جڏهن جاڳي ته انقلاب ضرور ايندو..پر قوم جاڳندي ڪيئن ۽ ڪير جاڳائيندو...؟؟
     
  4. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    جواب: سنڌ جو بي روزگار نوجوان ۽ سندس مستقبل

    ادا جڏهن ڪير جاڳائيندو ته ضرور جاڳندا ؟ اسان کي ڪنهن ليڊر جي ضرورت آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو