نثارابڙو
نائب منتظم
دوستو! زال ۽ مڙس جو جهيڙو هر سماج ۾ ٿيندو رهندو آهي، ڪٿي تيز ته ڪٿي گهرو، اسانجي دعا آهي ته دنيا جو هر جوڙو خوشين ڀري زندگي گذاري پر پو به چوندا آهن ته جتي ٻه ٿانوَ هوندا ته کڙڪندا ضرور سو زال ۽ مڙس ۾ به هلڪي ڦلڪي ڏي وٺ ٿيندي رهندي آهي ۽ وري اهو به چيو ويندو آهي ته اها ڏي وٺ ٿيڻ سان پيار اڃان وڌندو آهي، ڇاڪاڻ روئڻ جي دوران عورت جو پيار اڃان گهرو هوندو آهي ۔۔۔ والله عالم؛
هي ان ڏي وٺ جو هلڪو اظهار ٿيل آهي ۔۔۔ انگريزي نظم هو جنهنکي مون ڪوشش ڪري سنڌي ويس پارايو آهي ۔۔۔ اوهانجي چهري جي مسڪراهٽ منهنجو سرمايو آهي ۔۔۔ڳالهه ٺهي نه ٺهي وٺ رينگٽ کي ۔۔۔
زال؛
مون نالو لکيو تنهنجو واريءَ تي، مٽجي ويـو،
مون نالو لکيو تنهنجو هوائن تي، اڏري ويــو،
پوءِ مون نالو لکيو دل تي، دل جو دورو پيو.
مڙس؛
خــدا مونکي بکيــو ۽ بيحــال ڏٺــو، انــاج خلقيــو،
هـــن مونکي اڃيــو ۽ خراب ڏٺـــو، پاڻـــي خلقيـو،
هـــن مونکي اڌيــري ۾ انــڌو ڏٺــو، ســـج خلقيـو،
هن مونکي مشڪل کان بغير ڏٺو، توکي خلقيو.
زال؛
گـــــــــول مـــــــول تـــــارا چمــــڪـــــي وارا،
اوهـــــان پــــاڻ کــي ڇو اڃان نه سمجهيو آ،
۽ جڏهن اوهان پاڻ کي ڪجهه سمجهنــدا،
گنـدو بــدر جو رستـــو پڪ سان پڇـــائيندا.
مڙس؛
مينهــــن ڪنـــدو هـــر شئي سهڻي آ،
وڻ ٽــڻ، گـــاهه هجن يا هجن گـــل ڇا،
جي مينهن ڪري ٿو هر شئي سهڻـي،
پوءِ اي جان! مينهن توتي ڇـو نه پيـو آ.
زال؛
گــل ڪي ڳاڙهـــا ته ڪـي پيــلا ٿين ٿـا،
ڀــولا تــوکي چڙيا گهر ۾ ڏســڻ گهــرن ٿــا،
تون ڏک نه ڪر، جان! آءُ به هوندس اتي،
پڃــري ۾ نه، ٻاهـــر کلنـدي هوندس توتي.