[JUSTIFY]ڪاڪي آچار کي هڪ ڀيرو پٽيوالي جي ڊيوٽي ملي، اها به راڻي باغ (zoo) ۾، روز پيو ڊيوٽي تي ويندو هو۔۔ هڪ ڏينهن سندس پاڙي وارو راڻي باغ گهمڻ آيو، ان پاڙي واري سان ڪاڪو آچار ٺهندو ڪونه هو، ان ڪري ڪاڪو آچار اڳيان اچي بيهي رهيس۔۔۔ پڇيائينس: ڏي خبر ڪاڏي پيو وڃين اندر۔۔ همراهه چيو “ڪاڪا آچار مان هتي ڀولڙا ڏسڻ آيو آهيان“ ڪاڪي آچار کلي ورائي چيس: هل ڙي ! مڙس ڏسو وري ڀولڙا ڏسڻ آيو آهي۔۔۔ ابا تون اتي ترس! مان ڀولڙن کي ٿو وٺي اچان اهي توکي ڏسن، تون انهن کان به چڙهيل آهين۔۔۔ =)) [/JUSTIFY]
جواب: تون اتي ئي بيهه هاهاهاهاهاها۔۔۔واھ جو همراھ کان ڌڪ ڪڍيو اٿئين ڪاڪي همراھ جا مُهانڊا لڳي ٿو ڀولن کان به بهتر هوندا۔ اسان وارو ڪاڪو آچار به سياڻو آهي سائين ڪا گهٽ ڳالھ نه آهي۔۔پر اها چڙيا گهر واري نوڪري به واھ جي آهي۔
جواب: تون اتي ئي بيهه واه ڙي ابا مست واه واه جي کڙه هڻي ويو ڪاڪو آچار پاڙي واري کي کڙه هڻي به ڇو نه ها اصل سنڌ سلامت جو ڪاڪو آچار آهي سڀني دوستن جو آشير واد گڏ اٿس ڪاڪي سان سو موقعو ملندو ته دشمن کي ڇو ڇڏيندو
جواب: تون اتي ئي بيهه اصل کلي کلي وات پٽجي ويو آهي، بند ٿيڻ جو نالو ئي نٿو وٺي ۔۔۔ !!1 خئير يار مست جي ڀولا ايترا سهڻا هوندا ته پو انهن جو حق ٿو ٺهي ته انسان جهڙي عجيب مخلوق کي ڏسڻ لا ٽڪيٽ هڻن ۔۔۔ عاشق کي به شوق ٿيو آهي چڙيا گهر جي نوڪري جو ۔۔۔؟؟؟ واه سائين واه ۔۔۔
جواب: تون اتي ئي بيهه هاهاهاهاها۔۔۔نه نه سائين مان مڙئي ڪاڪي آچار جي دل پيو خوش ڪيان ته نوڪري ڀلي آهي۔ هي ڏسو با الائي ڪهڙي چڙيا گهر مان هاٿي ۽ ٻيا جانور چڙيا گهر جا پڃرا ڀڃين ٻاهر نڪري پيا آهن۔۔۔سڄي شهر ۾ تباهي مچائي ڇڏي اٿائون۔۔۔اجهو ٿا ان ملڪ جي حڪومت ڪاڪي اچار کي فون ڪري۔
جواب: تون اتي ئي بيهه دوستو ڪاڪي آچار پنهنجي اوطاق ڇڏي ڪري وڃي چڙيا گهر ۾ نوڪري هٿ ڪئي اٿس يار اهي سنڌ سلامت جو دوست جو ڪاڪي آچار جي اوطاق تي اچي ڪري ڪچهريون ڪندا هئا انهن جا ته تاڪ نڪري ويا سڀ کان پهريان ته اسانجا يار پوءَ اسان ڪيئن دوستن جي خدمت ڪنداسين بس ڪاڪا آچار يار لاه ڪڍي ڇڏي آهن منهنجي ڪاڪي آچار کي گذارش آهي ته اهي چڙيا گهر جي نوڪري ڇڏي ڪري پنهنجي اوطاق وسائي اهي ڪاڪي آچار جي شان نه آهي بس سڀاڻي اسين ڪاڪي آچار کي پنهنجي اوطاق تي ڏسڻ چاهيو ٿا۔۔ هاڻي دوستن کان ووٽ ٿا وٺون ته ڪاڪو آچار اهي چڙيا گهر واري نوڪري ڪري يا وري پنهنجي اوطاق اچي ڪري وسائي؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟ ها يا نه؟؟؟؟؟؟؟؟
جواب: تون اتي ئي بيهه ابا همانگير پاڻ وارو ڪاڪو صبح جو ڊيوٽي ڪندو آهي وري شام جو پهنجي اوطاق تي ئي هوندو آهي سو بابا ي پيٽ به ته پالڻو آهي نه ابا ضد نه ڪري ويچاري کي ڌنڌو ڌاڙي به ڪرڻ ي يار ننڍڙا ننڍڙا بار اٿس بابا ڪجه رحم ڪر فقير تي =))=))=))
جواب: تون اتي ئي بيهه بس ادا ڪاڪو آچار ايئن ئي اٿئي۔۔۔ ڪڏهن ڪڏهن اهڙا گُفتا ڪڍي وٺندو اٿئي۔۔ ها ها ها
جواب: تون اتي ئي بيهه ها ها ها ۔۔۔ سائين وات کي گهڻي دير پَٽي نه ويهجي۔۔۔۔ گهڻا ئي خطرا لاحق ٿي ويندا آهن۔۔۔ سائين واقعي انسان جي عجيب حرڪتن کي ڏسي ڀولڙن جو حق بڻجي ٿو ته اهي وڃي انسانن کي ڏسن۔ مطلب ته هاڻي چڙيا گهر ۾ انسانن جي لاءِ به پڃرا لڳايا وڃن۔۔ عاشق کي صلاح آهي ته جنهن نوڪري ۾ آهي اتي ڀلو آهي، چڙيا گهر جي نوڪري بس ڪاڪي آچار جهڙو ئي ڪري سگهي ٿو جيڪو انسانن کي به منهن ڏيئي ته جانورن کي به۔۔۔
جواب: تون اتي ئي بيهه [justify]يار همانگير ٿورو خيال ته ڪر۔۔۔۔ ياد ڪونه اٿئي جڏهن پاڻ واري اوطاق تي توکي ٻه ڏينهن ماني نه ملي ته تون ڪم ڇڏي وئين۔۔۔ هاڻي ماڻهو دانهون ٿا ڪندا وتن ته ڪاڪي آچار جي اوطاق جو خدمتگذار هَمانگير ڪاڏي ويو، جنهن کي ڪاڪو ۽ عاشق پيار منجهان هَمو سڏيندا آهن۔۔۔۔ پئسا هوندا ته سنگت کي ماني به کارائبي، چانهه به دل کولي پيئاربي۔۔ پئسن لاءِ نيٺ ته ڪاڪي آچار کي نوڪري ڪرڻي پئي۔۔۔ ٻي جڳهه تي نه ملي ته چڙيا گهر جو پاسو ورتائين۔۔۔۔[/justify]