اسان وٽ ڪاله کان برسات وسي رهي آهي اڄ برسات کي تڪيندي تڪيندي مهنجي ذهن ۾ به ڪجه سٽون آيون جن کي پني تي اتاريم اوهان سامهون پيش آهين
اڄ وري برسات آئي
پاڻ سان گڏ کوڙ ساريون يادون
کڻي آئي
ها اهي يادون جن ۾ تهنجو عڪس هو
تهنجي واعدن ۽ وفائن جو
تهنجي قولن ۽ اقرارن جو
بارش جي ان بوندن کي مان ڏسندو رهيس
نه ڄاڻي بادلن سان گڏ مهنجيون اکيون به
وسي پيون اهو سوچي ڪري ته بادلن سان گڏ
برسات آهي ڪڪرن سان گڏ گوڙ آهي گوڙ سان گڏ
کنوڻ جا تجلا به آهن هر شي مڪمل آهي
۽ ها اڌورو آهيان ته صرف مان
بلڪل ائين جيئن برسات جي بوند
زمين تائين پهچندي پهچندي اڪيلي ۽ تنها رهجي ويندي آ