عظيم جدوجهد جي ڪهاڻي!

'مختلف موضوع' فورم ۾ آرزو طرفان آندل موضوعَ ‏7 فيبروري 2011۔

  1. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    145
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    عظيم جدوجهد جي ڪهاڻي!

    دنيا ۾ بنگالي قوم جي سڃاڻپ جذباتي، جاکوڙي ۽ مسلسل جدوجهد ۾ رهندڙ قوم طور ٿئي ٿي. پاڪستان جي نالي هيٺ مسلمانن جي الڳ ملڪ لاءِ سڀ کان وڌيڪ جدوجهد ڪندڙ ۽ قربانيون ڏيندڙ بنگالي قوم جي سرواڻن جڏهن دنيا جي نقشي تي نئين اُڪريل ملڪ پاڪستان جي پنجاب نواز وفاق کي پنهنجي قومي تشخص، وقار، ثقافت، تهذيب جي تباهي ۽ سندن مادري توڙي قومي ٻوليءَ جي برباديءَ جو سبب بڻجندي ڏٺو ته هنن نه صرف قوم کي ايندڙ خطرن کان آگاهي ڏني پر کين اهڙي عمل خلاف هڪدم اٿي کڙو ٿيڻ ۽ آخري هڏڪيءَ تائين ويڙهاند ڪرڻ لاءِ اُتساهيو. پوءِ اها ويڙهاند پاڪستان جي ابي سڏجندڙ محمد علي جناح جي ان تقرير جنهن ۾ هن پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان قومن سان ڪيل سمورا وعده يا قومن جي قومي حقن بابت 23 مارچ واري قراداد ۾ ڏنل ضمانتون وساري اهو اعلان ڪيو هو ته ” گڏيل (اولهه توڙي اوڀر) پاڪستان جي سرڪاري ۽ قومي ٻولي صرف ۽ صرف اڙدو ٻولي هوندي“ يا لياقت علي خان ۽ يحى خان جي اڙدو ٻولي واحد سرڪاري ٻولي بابت ڏنل بيان هجن يا ذوالفقار علي ڀٽي پاران سندس پنهنجي مادري ٻولي ”سنڌي“ سميت پاڪستان جي ٻين قومن جي ٻولين جي قومي توڙي تواريخي حق جي آمرانه طرز تي لتاڙ ڪندي اڙدو ٻولي واحد سرڪاري ٻوليءَ جو اعلان هجي. هتي ڀٽي جي آمرانه طرز تي لتاڙ مان مراد ڀٽي جي آمرانه پاليسين سان سنگت سمجھڻ گھرجي. تواريخ جي صفحن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو دنيا جو پهريون سولين مارشل لاءَ ايدمنسٽريٽر ٿي گذريو آهي ان لاءِ پ پ وٽ کڻي ڪهڙا ۽ ڪيترا به دليل ڇونه هجن پر اهي ذوالفقار ڀٽي جي انهيءَ عيب کي ڌوئي صاف نه ٿا ڪري سگھن. جهڙي طرح سائين جيئيم سيد لاءِ سنڏ اسيمبليءَ مان پاڪستان جي قيام بابت قراداد پاس ڪرائڻ يا پاڪستان لاءِ جدوجهد ڪرڻ وارا عمل سندس سموري عمر پڇتاءَ جو سبب رهيا تهڙي طرح مارشل لاءَ ايڊمنسٽريٽر بڻجڻ، آزادي پسند بلوچن تي فوج ڪشي ڪري سندن قتلِ عام ڪرڻ، جائز حق گھرندڙ بنگالين جي قتل عام ڪرڻ ۾ پنجابي فوج ۽ پنجاب نواز اسٽبلشمينٽ سان صرف اقتدار جي لالچ ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجي جائز ۽ تواريخي حق کان محروم ڪرڻ، سون جي تعداد ۾ سنڌي رسالن اخبارن ۽ ڪتابن تي پابندي لڳائڻ توڙي سنڌي اديبن، شاعرن، دانشورن سميت سنڌي راڳين کي گرفتار ڪرائي جيل موڪلڻ وارا عمل سندس شخصيت سان تواريخ جي صفحن ۾ هميشه گڏ وگڏ رهندا. سائين جيئيم سيد ته پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي پنهنجي غلطين جو اعتراف ڪندي قوم کان معافي جي اپيل ڪئي ۽ غلطيءَ جي ازالي طور سنڌ جي نئين جنم لاءِ جدوجهد جو آغاز ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ کيس ٽيهن سالن کان به مٿي قيد ڪاٽڻو پيو ۽ مائي بي نظير جي دورِ حڪومت ۾ علاج واسطي سرڪار پاران اجازت نه ملڻ سبب قيديءَ جي حيثيت ۾ ئي سندس لاڏاڻو ٿيو، سندس اعتراف ۽ غلطيءَ جي عيوض ادا ڪيل ڪفارو قبوليت جوڳو آهي يا نه ان جو فيصلو سنڌي قوم جا ايندڙ نسل ۽ تواريخ ڪندي پر ذوالفقار ڀٽي کي ته ڪفارو ادا ڪرڻ جو به موقعو نصيب نه ٿيو. سنڌي قوم ۽ تواريخ کيس معاف ڪري يا نه پر بنگالي قوم کيس ڪڏهن معاف نه ڪندي.

    پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ سان ئي ملڪ جون واڳون پنجابي پناهگير مستقل مفاد طبقي جي هٿن ۾ هليون ويون ۽ ملڪ تي پنجاب نواز اسٽبلشمينٽ جي پڪڙ مضبوط ٿي جنهن ٻين قومن خاص طور بنگالي ۽ سنڌي قوم جي حق تلفي ڪرڻ شروع ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ قومن اندر حق خوداراديت ۽ قومي آزاديءَ جي تڙپ آهستي آهستي وڌڻ لڳي.

    مادري ٻوليءَ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ ۽ سمورو ڪارونهوار هلائڻ لاءِ پنهنجي مادري ٻوليءَ جو استعمال ڪرڻ هر فرد ۽ هر قوم جو بنيادي حق آهي جنهن کان روڪڻ قوم يا فرد جي قتل برابر آهي ۽ اهڙي قتل، غير فطري رڪاوٽ يا عمل خلاف جدوجهد توڙي عملي ويڙهاند ڪرڻ جو هر قوم يا فرد حق رکي ٿو.

    مٿي ڄاڻائي آيا آهيون ته هندستان جي ورهاڱي ۽ ننڍي کنڊ ۾ هڪ غير فطري ملڪ جي وجود ۾ اچڻ کان ترت پوءِ ئي پنجاب پناهگير مستقل مفاد گروهن باقي قومن کي غلام سمجھڻ شروع ڪيو ۽ سندن ڪلچرل توڙي قومي تشخص کي ختم ڪرڻ يا ميسارڻ لاءِ هٿ پير هڻڻ لڳو جن مان سڀ کان اول قومن کان سندن مادري ٻوليءَ ۾ ڳالهه ٻولهه جو حق کسڻ لاءِ نئين جڙيل غير فطري ملڪ ۾ اڳ ڳالهايون ويندڙ ٻولين سنڌي، بنگالي، پنجابي، بلوچي، پشتو ۽ سرائڪي کي نظر انداز ڪري اڙدو، جيڪا چند قبيلن جيڪي ورهاڱي کان بعد هندستان پنهنجي ماتر ڀومي ڇڏي پاڪستان آيا هئا جي ٻولي هئي، کي پوري ملڪ ۽ سمورين قومن مٿان مڙهڻ جي ڪوشش سمورين قومن مٿان تمام خطرناڪ وار هيو جنهن خلاف پوري ملڪ خاص طور سنڌ ۽ بنگال ۾ پنهنجي مادري ٻوليءَ جي بچاءَ لاءِ جدوجهد جي شروعات ٿي. سنڌ ۽ بنگال جو ٻوليءَ جي مامري ۾ ڪاوڙ ۾ اچڻ هڪ فطري عمل هيو خطي ۾ ٻنهي ٻولين کي پنهنجي وسيع تواريخ ۽ لکت ( رسم الخط) ميسر هئي ٻنهي ٻولين وٽ بي بها ادبي ۽ علمي سرمايو موجود هيو. جيئن ته بنگالي هڪ جاکوڙي ۽ جدوجهد ڪندڙ قوم طور ڄاتي ۽ سڃاتي وڃي ٿي انڪري سندس ٻوليءَ واري جدوجهد م پڻ اهو ساڳيو رنگ موجود هيو جيڪو سنڌ جي جدوجهد کان ڪافي سرس ئي هيو.

    بنگال ۾ ٻوليءَ جي مامري تي بحث مباحثو ته هندستان جي ورهاڱي کان اڳ ئي شروع ٿي چڪو هيو. هندستان جي مسلمانن جي ڪهڙي ٻولي هئڻ گھرجي ؟ ان بحث هيٺ انتها پسند مسلم ليڊر، جيڪي قومن جا انڪاري هيا، اڙدو ٻوليءَ کي مسلمانن جي ٻوليءَ طور نافذ ڪرڻ لاءِ دليل دلائل گھڙڻ لڳا سندن خيال موجب اڙدو ٻولي عربي لپيءَ ۾ لکي ۽ پڙهي پئي وڃي ان ڪري اڙدوءَ کي اوليت جي بنياد تي هندستان جي مسلمانن جي ٻوليءَ طور ڪتب آندو وڃي. باقي ٻيون هندستاني ٻوليون (سنڌي کان سواءِ) هندي يا سنسڪرت واري لپيءَ ۾ لکيون پئي ويون جن کان انتها پسند ليڊرن کي نفرت هئي. پاڪستان جي ورهاڱي کان گھڻو ئي اڳ 1918 محمد اڪرم خان اڙدو ۽ بنگلا ٻولين واري انهي بحث ۾ حصو وٺندي لکيو هيو ته ” بنگال جي مسلمانن سامهون هن وقت اهو نهايت ئي اهم سوال آهي ته اڙدو ٻوليءَ کي سندن مادري ٻوليءَ طور قبول ڪيو وڃي يا بنگلا کي؛ اهو سوال بلڪل اهڙو آهي جيئن ناريل جي وڻ بابت سوال ڪيو وڃي ته اهو ناريل ڏيندو يا ڪاٺ وارا صُوف!!؟“ هڪ ٻئي ليکڪ شاهتيا وسراد ساڳئي ئي دور ۾ لکيو هيو ته ” بنگلا نه صرف بنگال جي مسلمانن جي مادري ٻولي آهي پر بنگلا بنگال ۾ رهندڙ سمورن مسلمانن، هندن، سکن، عيسائين، ٻڌن ۽ ٻين سمورن مذهبن يا فرقن سان تعلق رکندڙ بنگالين جي قومي سڃاڻپ ۽ قومي ٻولي آهي“. جنهن کان بعد اهو بحث مسلسل جاري رهيو ۽ هندستان جي ورهاکي کان ڪجھه ڏينهن اڳ ڍاڪا يونيورسٽيءَ جي شاگردن پنهنجي مادري ٻوليءَ جي بچاءَ توڙي واڌ وِيجھه لاءِ ڪوششون وٺڻ شروع ڪيون جنهن جي نتيجي ۾ آڪٽوبر 1947 ۾ ”راشٽر ڀاشا سنگرام پريشاد“ (اسٽيٽ لينگويج ايڪشن ڪائونسل) جو بنياد پيو.

    جڏهن پاڪستان آئين ساز اسيمبليءَ جي ڪميٽيءَ اسيمبليءَ جو ڪارونهوار هلائڻ، ڪاروائي جون ڪاپيون تيار ڪرڻ توڙي ڊيٽا محفوظ ڪرڻ واسطي انگريزي سان گڏ اڙدو ۽ بنگلا ٻوليءَ لاءِ سفارشون ڏنيون ته ان وقت جي وزيراعظم لياقت علي خان اهڙين سفارشن کي سختيءَ سان ٿُڏيندي اڙدو کي واحد سرڪاري ٻوليءَ جي منظوري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ 11 مارچ 1948 کان ڍاڪا يونيورسٽيءَ جي شاگردن ”بنگلا ٻولي سرڪاري ٻولي“ جي سري هيٺ جدوجهد جو آغاز ڪيو. ڪجھه ئي ڏينهن کان بعد مملڪتِ خدادادِ پاڪستان جو ابو محمد علي جناح ڍاڪا آيو ۽ يونيورسٽيءَ ۾ خطاب ڪندي اعلان ڪيائين ته ”اڙدو ئي پاڪستان جي واحد سرڪاري ۽ قومي ٻولي هوندي“ جنهن جي جواب ۾ ٿڏي تي ئي ڍاڪا يونيورسٽيءَ جي شاگردن ”نو، نو“ جي صدا بلند ڪئي جيڪا بعد ۾ لڳاتار جاري رهي. تحريڪ ان وقت وڌيڪ زور ورتو جڏهن 1951 ۾ تڏهوڪي وزيراعظم خواجه ناظم الدين اعلان ڪيو ته اڙدو پوري ملڪ جي واحد سرڪاري ٻولي هوندي. فيبروري مهيني جي شروعات سان ئي پوري بنگال ۾ ٻوليءَ جي بچاءَ ۽ انکي سندس قانوني حق ڏيارڻ واسطي هلچل شروع ٿي وئي جنهن 20 ۽ 21 فيبروريءَ تي انتهائي زور ورتو. ڍاڪا يونيورسٽيءَ جا شاگردن پاران پنهنجي مادري ٻوليءَ جي بچاءَ لاءِ دکايل دونهي آهستي آهستي دُکڻ ۽ يونورسٽي ڪيمپس جي حدن کي پار ڪري پوري بنگال ۾ ڦهلجڻ شروع ڪري ڏنو پر پنجاب نواز فوج ۽ بيوروڪريسي پنهنجي هوڏ تان نه لٿي ۽ قومن کي سندن جائز حق ڏيڻ بدران، قراداد پاڪستان ۾ قومن کي ڏنل ضمانتن ۽ پاڪستان جي ابن پاران قومن سان ڪيل واعدا پاڙڻ بدران قومن جي رت جو آخري ڦڙو تائين چوسڻ جي ارادي سان بنگالين سميت باقي ٻين قومن جي چوڪيداري چوڪسي ۽ سندن خلاف ڪاروائي ڪرڻ جي رٿابندي شروع ڪري ڏني.

    21 فيبروري 1952 تي ڍاڪا يونيورسٽي جي شاگردن گذريل سال جي ياد ۽ بنگلا ٻوليءَ کي پنهنجو حق ڏيارڻ لاءِ ريلي ڪڍي جنهن ۾ بعد ۾ شاگردن کان علاوه عام ماڻهو پڻ شامل ٿيندا ويا ۽ اهڙيون ريليون ڍاڪا ۽ ڍاڪا کان ٻاهر پڻ ڪڍيون ويون، بنگالين جي آواز کي دٻائڻ يا نستو ڪرڻ واسطي پاڪستاني سرڪار پوليس کي شيلنگ ۽ فائرنگ جو حڪم ڏئي ڇڏيو جنهن جي نتيجي ۾ سون جي تعداد ۾ شاگرد زخمي ٿي پيا جن مان سلام، برڪت، رفيق، شفيع ۽ جبار سميت ڪجھه ٻيا شهيد ٿيا. انهيءَ واقعي بنگال جي اسرندڙ قومپرستيءَ ۾ روح ڦوڪيو ۽ قومي تحريڪ درسگاهن مان نڪري شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڦهلجڻ لڳي.

    چونڊن ۾ بنگال اندر مسلم ليگ کي ملندڙ بري شڪست کان بعد، مئي 1954 ۾ پاڪستان جي آئين ساز اسيمبليءَ بنگلا ٻوليءَ کي رياست جي ٻوليءَ طور ڪتب آڻڻ جو بل/قرارداد پاس ڪئي پر پنجاب نواز سرڪار ۽ فوج ان تي به ساڳي طرح پنهنجي روايتي هٺ جو مظاهرو ڪندي عمل نه ڪيو جيئن ڪالا باغ توڙي ٻين ڊيمن جي خلاف سنڌ، سرحد ۽ بلوچستان هڪ کان وڌيڪ ڀيرا قراادادون پاس ڪري چڪا آهن پر پنجاب آهي جو پنهنجي هوڏ تان لهي ئي ڪونه ٿو!! 1954 جي قراداد جي حشر کان بعد بنگالين ۾ ڏنهون ڏينهن تاءُ وڌندو رهيو ۽ قومپرستيءَ واري جدوجهد پنهنجي سگھه وٺندي رهي ...

    آخرڪار پاڪستان جي آرمي شيلٽرڊ سرڪار بنگالين جي جدوجهد اڳيان گوڏا کوڙيندي پنهنجي موقف ۾ لچڪ آندي ۽ 1956 جي آئين ۾ اڙدو سان گڏ بنگلا کي گڏيل طور رياست جي ٻولين طور قبول ڪيو ويو. بنگلا ٻوليءَ کي قبول ته ڪيو ويو پر ان سان شرط لاڳو ڪيو ويو ته اهو قانون 20 سالن کان بعد نافذ عمل ٿيندو ...!!!ملڪ جي ٻئي 1962 واري آئين ۾ پڻ ساڳي مڪاريءَ جو مظاهرو ڪندي لکيو ويو ته ٻوليءَ جو قانون 20 سالن کان بعد نافذ العمل هوندو...!! اهڙي مڪاري ۽ فريبي بنگالي قومپرست ڌرين کي ويتر چيڙائي وڌو هو ڪنهن به صورت ۾ پنجاب جي مڪاريءَ ۾ اچڻ ۽ سندن وعدن تي اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار نه هيا. بنگالي قوم هر سال 21 فيبروري قومي ڏينهن طور ملهائڻ لڳي، 21 فيبروريءَ واري ڏينهن هر سال هو پنهنجن شهيد ساٿين سان وچن ورجائيندا رهيا ته هو هڪ ڏينهن ضرور ڪامياب ٿيندا ۽ پنهنجي مادري ٻوليءَ کي ضرور سندس جائز حق ڏيارڻ ۾ ڪامياب ٿيندا ان لاءِ جيڪڏهن اسلام جي نالي ۾ جوڙيل غير فطري الحاق کي به ڇيهو رسيو ته کين ان جي ڪا پرواهه ناهي... هو هر سال شهيدن جي قبرن تي ۽ شهيد مينار تي وڃي گل چاڙهڻ سان گڏ اهو عزم پڻ ورجائيندا رهيا ته سندن اڳيان سڀ کان اُتم سندن ٻولي، ثقافت، قومي سڃاڻپ ۽ قومي وحدانيت آهي ان لاءِ جي مملڪتِ خداداد پاڪستان جي به قرباني ڏيڻي پئي ته هو پوئتي نه هٽندا ...!!!

    اهڙي ٻوليءَ واري هلچل جي چڻنگ آهستي آهستي ڀَڀَڙ بڻجي وئي جنهن پوري بنگالي قوم کي پنهنجي ڌارا ۾ آڻي بيهاريو ۽ آخرڪار انهيءَ مچ پاڪستان جا بکيا اُڊيڙي صرف 24 سالن جي تواريخ رکندڙ ملڪ کي ڀاڱا ڀاڱا ڪري ڇڏيو! ۽ بنگالين کي پنهنجي قومي ٻولي ءَ ۾ لکپڙهه ڪرڻ، سرڪاري ڪارونهوار هلائڻ توڙي قانون سازي ڪرڻ لاءِ اسان سنڌين وانگر انتظار جي صليب تي ٽنگجڻو نه پيو ۽ هو ڊسمبر 1971 جي سورهين ڏينهن پنهنجي قومي جھنڊي ۽ قومي ٻوليءَ سان آزاد ملڪ جي حيثيت ۾ دنيا جي سامهون اُڀريا. ان لاء کين ٽيهه لک جانين ۽ پنجٽيهه هزار عصمتن جو نذرانو پنجابي فوج جي حوالي ڪرڻو پيو.

    بنگالي ٻوليءَ لاءِ شروع ڪيل هلچل آخرڪار رنگ لاتو ۽ بنگلاديش جي پهرين آئين (1972) جي آرٽيڪل نمبر ٽئين ۾ ” رياست جي سرڪاري ۽ قومي ٻولي بنگلا هوندي جيڪا فوري طور تي نافذالعمل هوندي.“ (بنگالين جي عظيم جدوجهد جو ثمر!!).

    اقوام متحده جي اداري يونيسيف 2000 ۾ مادري ٻولين جي بين الاقوامي ڏينهن ملهائڻ جي منظوري ڏني جنهن لاءِ بنگالين جي پنهنجي مادري ٻوليءَ سان محبت ان جي لاءِ ڪيل اڻٿڪ جدوجهد کي سامهون رکندي بنگالين (جيڪي هاڻي بنگلاديشي ٿا سڏجن) قومي ڏينهن 21 فيبروري (جيڪو بنگلاديش ۾ 1952 کان بنگلا ٻوليءَ جو ڏينهن ڪري ملهايو پئي ويو/وڃي) کي چونڊيو جيڪا سچي ته بنگالي قوم جي قومپرستي ۽ قومي ٻوليءَ سان بي پناه محبت جي وڏي مڃتا آهي. اڄ 21 فيبروري نه صرف بنگالي يا بنگلاديش ملهائي رهيو آهي پر ساڻن گڏ پوري دنيا 21 فيبروريءَ کي دنيا جي سمورين مادري ٻولين جي ڏينهن طور ملهائي رهي آهي جيڪا شڪاگو جي مزدورن جي جدوجهد (1 مئي) جي مڃتا کان بعد ٻي وڏي ۽ اهم مڃتا آهي!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو