جواب: ڀاڪر جي خوشبو (من جي ماجرا) ان شعر کي فيسبڪ تي پيش ڪرڻ واري کي ڪنهن چيو هو ته تنهنجي بدبودار جسم جي ڀاڪر کان پو ڪنهن کي ڀاڪر پائڻ تي دل ئي نٿي ڪري ۔۔۔ ها ها ها ها
جواب: ڀاڪر جي خوشبو (من جي ماجرا) سائين محبوب ڀاڪر ۽ ان جو هٿ پنهنجي سيني تي زندگي ڀر ناهي وسرندو، مان ته اڄ به پنهنجي دل تي ان هٿ محسوس ڪندو آهيان۔۔۔۔ بهترين لفظ۔۔
جواب: ڀاڪر جي خوشبو (من جي ماجرا) ادا آرزو حال ته اسان وار ابڙي صاحب جو به ساڳيو ئي اٿو ۽ خيال به پر الاء ڇو مزاق ۾ پهنجو ڏک لڪائي ويو ڏاڍو ڪو سياڻو آهي بابا
جواب: ڀاڪر جي خوشبو (من جي ماجرا) سائين اوهانجو جواب ۾ مونکي ڪاوڙ جي خوشبو پئي اچي۔۔۔ :d ڇوته اوهان جنهن به پوسٽ تي لکندا آهيو ان پوسٽ کي چار چنڊ لڳي ويندا آهن۔
جواب: ڀاڪر جي خوشبو (من جي ماجرا) سائين پوء پڪ سان ان ڀاڪر به ڀل ۾ ڪنهن ڀِيلڻ کي پاتو هوندو جو ان مان ڀاڪر جي ڌپ نٿي وڃي ههههههه باقي چوندا آهين ته جي مرڻ وقت به محبوب جو ديدار ٿي پوي ته موت جي هر تڪليف ختم ٿي ويندي آهي انسان محبوب جي دايدار کان پوء موت جي تڪليف کي به وساري ويهندو آهي ۽ موت کي به امر سمجهي ڳلي لائي ويندو آهي سو اهو ئي محبوب جي ڳلي لائي ته پوء ڇا کپي سو محبوب جو ڀاڪر وسارڻ جهڙو ناهي سائ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ن
جواب: ڀاڪر جي خوشبو (من جي ماجرا) علي علي ايترو ڏنگو آهي جو آخر مونکي ڀيلياڻي ياد ڪرائي ڇڏيائين ۔۔۔ اڙي يار علي علي عشق ۾ ڪير ڀيل ڪير سيد ۔۔۔ ياد ڪر ڄام تماچي ۔۔۔ سنڌ جو سهڻو بادشاه، ايترو آسودو ۽ سهڻو جو سميون شهزاديون کيس ڏسي ٿڌا ساهه ڀرينديون هيون ۔۔۔ پر ان سهڻي لاڏلي بادشاه جي نظر نوري نماڻي تي پئي ته کائنس وسري ويا محل ۽ محل جون خوشبون ۔۔۔ ککي جي کارن جي وچ ۾ وڃي ويٺو ۔۔۔ باقي اسان واري پاسي جون ڀيلياڻيون ايتريون ته نازن واريون هونديون هيون جا ڏسڻا وائسڻا ماڻهون وات گودو ڪري پيا هلندا هئا ۔۔۔ خاص ڪري لوٽي واريون ته سڄي شهر ۾ ائين گهمنديون هيون ڄڻ ڪي شهر جون مالڪياڻيون هجن ۔۔۔ خئير مون اهو ونڊ ڪيل بيت ڪيترائي ڀيرا پڙهيو آهي ۽ شايد آغا مشتاق فيسبڪ تي ونڊ ڪيو هو ۔۔۔ محبوب جي نظر جي هڪ گهور ئي گهايل ڪري ڇڏي ٿي ته سندس ڀاڪر ته ماڻهون کي ماري ڇڏيندو آهي ۔۔۔ ڳالهه ڪرڻ جهڙي ناهي ۔۔۔ لک ٿورا ۔۔۔