• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اک اک سان وک وک سان ڪئين سُورَ سَلي ٿي پئي۔۔۔!

آرزو

سينيئر رڪن
اک اک سان وک وک سان ڪئين سُورَ سَلي ٿي پئي،
جنهن جنهن دل ۾ جھاتي پايون جوت جلي ٿي پئي.

هڪ سرتيءَ تان ٻيو ڌرتيءَ تان سڀ ڪجھ صدقي آ،
ڳليءَ ڳليءَ هي ڳوٺاڻن ۾ ڳالهه هلي ٿي پئي.

ديس مٿان جنهن سيس سُهايو سا ته سهاڳڻ ٿي،
سون مٿان جنهن سيڻ مَٽايا، نيڻ مَلي ٿي پئي.

پِرهه ڦُٽيءَ سان تارو تارو ڦَٽَجي ڦَهه ٿي پيو،
رات رليءَ کي مات مِلي وئي، بات بَلي ٿي پئي.

سرمد وارو دور ڪٿي آ، سياڻو ٿي استاد،
پريت اڄوڪي، ڏاڍي اوکي، چال چلي ٿي پئي.​
 
Back
Top