• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اي خدا۔۔۔!

آرزو

سينيئر رڪن
اي خدا

احمد نسيم

اي خدا! هاڻوڪي ساوڻ رت ۾
پيار جون وسائج برکائون،
جنهن جي رم جھم رم جھم ڌن ۾،
ڌرتي پيار جا گيت ڳائي،
جنهن جو پاڻي ايڏو وسائج،
دل جي هر ڪاراڻ ڌوئاري،
مرجھايل چهرن تي،
انڊلٺي ست رنگ سجائي،
نفرت جا ڪارا ڪارا بادل،
پريت جا ڪرڻا ٿي پون،
ماڻهو سنڌ جا گيت چون،
هر چهري تي،
خوشيءَ جون ريکائون هجن،
اي خدا هاڻوڪيءَ ساوڻ رت ۾،
پيار جون وسائج برکائون!!!
پيار جون وسائج برکائون!!!
 
جواب: اي خدا۔۔۔!

هر چهري تي،
خوشيءَ جون ريکائون هجن،
اي خدا هاڻوڪيءَ ساوڻ رت ۾،
پيار جون وسائج برکائون!!!
پيار جون وسائج برکائون!!!
__________________


ادا بهترن ٻول آهن جزاڪ الله
 
جواب: اي خدا۔۔۔!

اي خدا! هاڻوڪي ساوڻ رت ۾
پيار جون وسائج برکائون،
نفرت جا ڪارا ڪارا بادل،
پريت جا ڪرڻا ٿي پون،
ماڻهو سنڌ جا گيت چون،

آمين ۔۔۔

احمد نسيم جي چيل سهڻي دعا، اسانجي دل جو آواز پڻ آهي ۔۔۔ انشاء الله اهو ڏينهن جلد ايندو ۔۔۔

جيڏو تنهنجو نان ٻاجهه به اوڏيائي منڱيان،
ري ٿوڻئين، ري ٿنڀي، تـــــون ڇپر تـــون ڇان،
ڪڄاڙو ڪهان، توکي معلوم سڀ ڪــا۔
 
Back
Top