• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مخدوم محمد زمان صاحب ”طالب المولى“۔۔۔!

آرزو

سينيئر رڪن
مخدوم محمد زمان صاحب ”طالب المولى“


(1)

هزارين رنگ بدلائي ڏٺاسون،
پراون جا به ڳڻ ڳائي ڏٺاسون،
فقط پنهنجي دران ٿيو حل مشڪل،
ٻيا در ڪيئي کڙڪائي ڏٺاسون.


(2)

گھڻا حرمين مان وحدت وٺن ٿا،
گھڻا دگران جان دائم ٿين ٿا.
گھڻا مومن محبت ۾ مچن ٿا،
گھڻا حاجي به رهزن ٿي اچن ٿا.


(3)

ڪٿي برسر وڏائي تاج آهن،
ڪٿي محبوب جا معراج آهن.
ڪٿي مسڪين مولائي چڱا مڙس،
ڪٿي عاشق مزاج الحاج آهن.


(4)

خيال ئي ٿو ٿئي بيمار اول،
خيال ئي ٿو ٿئي بيڪار اول،
خيال ئي تي سڀئي دارومدار آھ،
خيال ئي ٿو ٿئي بيدار اول.


(5)

ٺلهي بڪ بڪ ڪرڻ سان دل مري ٿي،
گھڻي چپ چپ هئڻ سان دل جئي ٿي.
فقط گونگو به ٿيڻو ڪو نه آهي،
رڳو هپ ئي نهڙ آخر نئي ٿي.


(6)

زماني ۾ هلڻ سان ئي هلڻ آھ،
هلي ڪنهن ڏي وڃڻ سان ئي وڃڻ آھ.
ڪري همدردي، همدردي ئي وٺبي،
ڪنهن وٽ پڻ اچڻ سان ئي اچڻ آھ.


_(7)

هزارن هوندي هڪڙو پاڻ آھي،
اهو ئي، عقل جو اُهڃاڻ آهي.
ڪبي خدمت هميشه پنهنجي پاڻهي،
هتي سر جي بلا سر ساڻ آهي.


(8)

محبت ڏينهن هڪڙي لئه نٿي ٿئي،
محبت زندگيءَ لئه آھ ٿيندي.
محبت زندگيءَ جي لاءِ ضامن،
محبت هر ڪنهن سان ناھ ٿيندي.


(9)

جي زخمن تي زبان مرهم نه لاتو،
ته پوءِ چئبو مقرر ڪجھ نه ڄاتو.
اتي ڪا بد زباني ڪا نه گھرجي،
اهو گُرُ ڪنهن نه اڪثر آھ ڄاتو.​
 
Back
Top