ماڻهو مون کي چون ٿا ته ”تون پنهنجي اندر وجود ۾ جھاتي پائي پنهنجو پاڻ کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪر ته پوءِٰ ئي سڀني ماڻهن کي سڃاڻي سگھندين؟“ پر مان ماڻهن کي چوان ٿو ته ”جيستائين مان سڀني ماڻهن جي اندر ۾ جھاتي پائي انهن کي سڃاڻي نه سگھندس تيستائين پنهنجو پاڻ کي به سڃاڻي نه سگھندس.“ (خليل جبران) سزا جو تصور ئي غلط آهي. سزا جو اهڙو تصور ۽ رواج ئي ختم ٿيڻ کپي، ڇو ته هر ڪو ڏوهه ۽ هر گناهه سماج جي ڪُک مان ئي ڦٽي نڪرندو آهي. سماج ئي ڏوهن ۽ گناهن کي جنم ڏيندو آهي. انڪري سزا به هڪ فرد بجاءِ سماج کي ملڻ کپي. اهڙو سماج ئي بدلايو ۽ ختم ڪيو وڃي جيڪو سزا جي جنم لاءِ جوابدار آهي. اهڙي سماج کي پاڙئون پٽي اڇلايو وڃي. (خليل جبران) مان هڪ ننڍي قوم جو فرد آهيان، توڙي مون کي پنهنجي انفراديت، ثقافت، معاشي مسئلا، مطلب ته پنهنجي الڳ قوميت آهي. تون ڏاڍو آهين ۽ منهنجي قوميت کان انڪار ڪري رهيو آهين ۽ مان اُن وقت جو انتظار ڪري رهيو آهيان، جڏهن تنهنجي پنهنجي قوم ابابيل ٿي اُڀرندي ۽ توکي پٿريون هڻي پورو ڪري ڇڏيندي ۽ تنهنجي اکين ۾ ايتريون ته ڪڪريون پئجي وينديون جو تون اهي مون ڏانهن کڻي به نه سگھندين! (شيخ اياز) ”اڇلايل تير خطا ٿي سگھندو آهي. نڪري آيل تلوار مياڻ ۾ پئجي ويندي آهي. ذهن ڪڏهين ڪڏهين سوچن کي ٻوساٽي به ڇڏيندو آهي. اُڀري آيل ڇولي واپس موٽي ويندي آهي، مگر منهن مان نڪتل لفظ واپس ٿي نه سگھندا آهن.“ (بابا سائين مرحوم مير غلام محمد ٽالپر) هو چوي تون نه چؤ، واتان ورائي، اڳ اڳرائي ، جو ڪري خطا سو کائي، پاند ۾ پائي ويو ڪيني وارو ڪين ڪي. (شاه) ”هر انسان پنهنجي ننڍپڻ کي ياد ڪندو آهي، ۽ تمنا هوندي اٿس ته هڪ دفعو وري ننڍپڻ وري موٽي اچي، پر سمجھان ٿو ته شايد مان ئي اهڙو ماڻهو آهيان جنهن ننڍپڻ جي موٽڻ جي ڪڏهن به تمنا نه ڪئي ۽ نه ئي ننڍپڻ کي ياد ڪري ڪي ٿڌا ساھ کنيم. ٿڌا ساھ کڻان به ڪيئن! ڪهڙو سک ڏٺو هوم.“ (نجم عباسي) جـو ڌاريو سو ڌاريو، گِلا ڪهڙي آهي، جو پنهنجو سو پنهنجو، ثنا ڪهڙي آهي! ڀِٽُن لئـه جيون ٿا ، ڀِٽُن لئـه مــرون ٿا. اِهـــو فرض آهــي ، وفا ڪــهـــڙي آهـــي. _ استاد بخاري ڄام ساقي چيو هو ته مان پاڪستاني 57 سالن کان آهيان، مسلمان 13 سؤ سالن کان ۽ سنڌيءَ پنج هزار سالن کان! . نڪاح وقت ڪنوار رئندي آهي جيتوڻيڪ رئڻ لاءِ هر ڪو سبب فقط گھوٽ وٽ هوندو آهي. (امر جليل) ڪنهن به اديب جي هٿ مان موت ئي قلم کسي سگھي ٿو. (امر جليل) گذريل موت آهي ان ڪري ته مردود آهي، مستقبل پيدائيش آهي، ان ڪري جو اهو مقصود آهي. مقتول لاءِ اهوئي وڏو فخر آهي ته اهو قاتل نه آهي. ڪجھ ماڻهو غم ۾ به خوشي جو پهلو ڳولي وٺندا آهن. پر ڪجھ ماڻهو اهڙا به هوندا آهن جيڪي پنهنجي وجود جي پاڪائي لاءِ پاڻي بدران گندگيءَ کان ڪم وٺندا آهن. جڏهن مهمان نه هجن ته گھر قبرستان ٿي وڃي ٿو. (خليل جبران) حقيقت هڪ گل آهي جنهن جي سامھون شهرت تمام گھٽ آهي. (خليل جبران) حاسدن جي خاموشي تمام گھڻي خطرناڪ هوندي آهي. (خليل جبران) اهو شخص يقينن پاڪ آهي جيڪو ٻين جا عيب ڏسي به انهن کان نفرت نٿو ڪري. (خليل جبران) ضابطه حيات هي آهي ته ضابطه حيات تي عمل ڪيو وڃي. (خليل جبران) مان بي فڪر ۽ سست ماڻهن جي حڪمران ٿيڻ بدران غريب پرفڪر ماڻهن جو غلام بڻجڻ پسند ڪندس. (خليل جبران) جھنم جو خوف بذات خود جھنم آهي. بهشت جي اميد بذات خود بهشت آهي، اسانکي هڪ حقيقت وسارڻ نه گهرجي ته ماڻهو هاڻي به غارن ۾ رهن ٿا. ۽ هي غار اسان جي پنهنجي دل آهي. انسان جي زندگيءَ ڪهڙي آهي؟ پيدائش، شادي ۽ موت. ۽ پوءِ پيدائش، شادي ۽ موت. پيدائش شادي ۽ موت. تڏهن هڪ ديوانو عجيب خيالن سان انسان جي وچ تي نروار ٿيندو آهي ۽ انهن کي هڪ عجيب دنيا جي خوشخبري ڏيندو آهي. اهڙي دنيا جي خوشخبري جنهن ۾ موت جي نالي جي ڪابه شيءَ نه آهي! (خليل جبران)