آرزو
سينيئر رڪن
ڏک جا ڏينهن ٻه ٽي. . . .
ڀونءَ سنڌي
سک جا سال سوين او ساٿي،
ڏک جا ڏينهن ٻٽي.
ڀاڳ نه هاڻي ڀينگ ڪندو،
ڪوبه نه مرندو اٽي لٽي
ڏک جا ڏينهن ٻه ٽي.
آد جڳاد کان اڀرو آدم،
بازي ويندو نيٺ کٽي،
ڏک جا ڏينهن ٻه ٽي.
محبت جي مترڪن سان،
ڪاريو ويٺو ڪوڙ ڪٽي،
ڏک جا ڏينهن ٻه ٽي.
رات جي رهزن راڪاسن کي،
اُڀري آ پرڀات ڦٽي،
ڏک جا ڏينهن ٻه ٽي.
وقت جا ارغون اُڏري ويندا،
دولهه ورندو ننگر ٺٽي،
ڏک جا ڏينهن ٻٽي.
ڀونءَ سنڌي
سک جا سال سوين او ساٿي،
ڏک جا ڏينهن ٻٽي.
ڀاڳ نه هاڻي ڀينگ ڪندو،
ڪوبه نه مرندو اٽي لٽي
ڏک جا ڏينهن ٻه ٽي.
آد جڳاد کان اڀرو آدم،
بازي ويندو نيٺ کٽي،
ڏک جا ڏينهن ٻه ٽي.
محبت جي مترڪن سان،
ڪاريو ويٺو ڪوڙ ڪٽي،
ڏک جا ڏينهن ٻه ٽي.
رات جي رهزن راڪاسن کي،
اُڀري آ پرڀات ڦٽي،
ڏک جا ڏينهن ٻه ٽي.
وقت جا ارغون اُڏري ويندا،
دولهه ورندو ننگر ٺٽي،
ڏک جا ڏينهن ٻٽي.