منظر جلباڻي
سينيئر رڪن
السلام عليڪم پيارا سنڌ سلامت جا دوستو!
ڪافي ڏينهن کان وٺي ڪجهه پيارا دوست جنهن ۾ ادا عبدالرشيد سمون ۽ اسانجو پيارو ڀاءُُ فقير مخدومي زاهد سومرو، سنڌ سلامت فورم جي اهميت جي باري ۾ موبائيل فون تي ٻڌائيندا رهيا ۽ اسرار ڪندا رهيا ته توهان ضرور هڪ دفعو فورم تي رڪنيت حاصل ڪري وزٽ ڪريو۔ جڏهن مون سنڌ سلامت فورم جوائن ڪيو ته ڪافي دوستن جون معلوماتي، اسلامي، ۽ ادبي لکڻيون پڙهيون ته دل ۾ اهو جذبو پيدا ٿيو ته واقعي اسان جا سنڌي دوست تعليمي ۽ معلوماتي ڄاڻ رکڻ سان گڏوگڏ ڪافي نين شين کي حاصل ڪرڻ جو جستجو رکن ٿا۔ جو محدود وسيلن جي باوجود به تمام گهڻي معلومات رکن ٿا۔
ادا منهنجو پورو نالو مشتاق احمد جلباڻي آهي ۽ آءُ سنڌ جي سهڻي ڌرتي جي هڪ تاريخي، سياسي ۽ تعليمي ماڳ لاڙڪاڻي ضلعي سان تعلق رکان ٿو۔
تعليم: ايم اي جنرلزم (صحافت(
ليڪن منهنجي بدنصيبي اها آهي ته ايم اي صحافت ۾ ڪرڻ جي باوجود مان هڪ اهڙي سرڪار اداري سان وابسطه آهيان جنهن ۾ صحافت جو سوال ئي پيدا ناهي۔۔۔۔۔
مونکي لکندين به ڊپ ٿو ٿئي ته اسان جا سنڌ سلامت فورم تي موجود اهڙا دوست آهن جيڪي ادب جي هر نقطي کان واقف آهن۔ انهي جي لاءِ ڪا غلطي هجي ته معاف ڪندا۔
منهنجون دعائون هميشه هميشه پنهنجي سهڻي سنڌ ڌرتي ۽ ان ۾ رهندڙ ماروئڙن جي لاءِ رهنديون۔۔۔۔
سنڌ سلامت ساٿ سلامت
مون ئي پڇيو هُن کان سائين، مون کان وڇڙي ڪيئن ٿو ڀانئين،
هو به کلي پيو، مان به کلي پيس، کلندي کلندي روئي ڏنائين