• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تون ياد آئينءَ۔۔۔۔!

آرزو

سينيئر رڪن
نثري نظم

ـــــــــــــــــــ حبيب ساجد

تون ياد آئينءَ
تون ياد آئينءَ
۽ دل ريڊ لائين ڪراس ڪري وئي
تنهنجي ڪنهن ٽهڪَ جهڙي تنهنجي ياد
۽ منهنجي ڪنهن مجبوريءَ جهڙي ......منهنجي پريت

تون ته الائي ڪيئن ....پاڻَ کي الڳ ڪري وئينءَ مٺي !
هڪ عجيب بهانو ڪري،
تنهنجي وئي کان پوءِ
مان تنهنجي شديد انتظارن جو شڪار ٿي ويس
هاڻ هڪ صحرا جو طويل سفر آهي
۽ مان آهيان ، ڪنهن وڃايل ٻارَ جيان پريشان ۽ اداس
جنهن لاءِ ڪوبه طرف ......منزل نه آهي.

اڳتي ڇا ٿيندو !؟؟ مان نه ٿو ڄاڻان،
بس ايئن محسوس ٿئي ٿو
هڪَ صديءَ جيڏو هڪ طويل صحرا آهي
جنهن جي آخري سري وٽ هڪ جهنم آهي،
هڪ کامندڙ جهنم
جنهن ۾ مان آهيان
۽ منهنجي دل آهي،
منهنجي دل ..........
جا ريڊ لائين ڪراس ڪري وئي آهي
 
جواب: تون ياد آئينءَ۔۔۔۔!

تنهنجي وئي کان پوءِ
مان تنهنجي شديد انتظارن جو شڪار ٿي ويس
هاڻ هڪ صحرا جو طويل سفر آهي
۽ مان آهيان ، ڪنهن وڃايل ٻارَ جيان پريشان ۽ اداس
جنهن لاءِ ڪوبه طرف ......منزل نه آهي.
بهترين ونڊ لا مهرباني
 
Back
Top