• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌو ماتا خدا جي خدائي۔۔۔!

آرزو

سينيئر رڪن
سنڌو ماتا خدا جي خدائي

عبدالحڪيم جروار

جوانيءَ نازڪ ادائون ٿي طلبيون،
پيار ڀريون ڪي نگاهون ٿي طلبيون.
تو لئه ٿين سي خطائون ٿي طلبيون،
تون پاڻ ڏين سي سزائون ٿي طلبيون،
مگر تو وٽان ڪي وفائون ٿي طلبيون.
۽ خدا کان رڳو هي دعائون ٿي طلبيون،
تو ڏي پڄن سي صدائون ٿي طلبيون،
پر ماتا سنڌوءَ کي جيئن سڪل ڏٺم،
تيئن خدا جي خدائي ڀي کُٽل ڏٺم.
لڙ ۾ ليڊر ڪئين لٿل ڏٺم،
ٺيڪن تي ميڙا ڪئين متل ڏٺم،
ڪچهريون اوطارا ڊٺل ڏٺم،
ثقافت جو ٿيندي قتل ڏٺم،
رانديون به ساريون رُٺل ڏٺم،
ڀوريون ۽ ڪاريون ڪُٺل ڏٺم،
صوفيت ۽ سنڌيت سُتل ڏٺم،
ان گھڙيءَ جي ـ ايم اکڙيون ڀل ڏٺم،
پر اميدون ۽ ارادا ته اٽل ڏٺم،
ٿي چيائين ته تاريخ ورجائيندي،
سڀ طوق غلامي جا لاهيندي،
ڌرتي بئنسر بولو پائيندي،
۽ ڪچهريون قائم ڪرائيندي،
اجڙيل اوطاقون وسائيندي،
مُرڪون مهڪون موٽائيندي،
ڀوريون ساريون بچائيندي،
پنهنجي تهذيب ڪلچر ڪاهيندي،
پنهنجا ڍڳا ۽ گاڏيون واهيندي،
واپس ٽوڪ بازيون لائيندي،
درد ڌريائپ جا گھائيندي،
هر ڪا حيوانيت هيسيائيندي،
سڀ کوٽا خبيثي کُٽائيندي،
ان مهل غريب ڏاڍو گھائيندي،
پر ڳوٺ ڳوٺ کي موٽائيندي،
نئون دنيا شور مچائيندي،
منجھيل مذهب سڀ پڙهائيندي،
ڪي پل اڃان ترسو
وقت ايندو اڃان سستو
هر ڳالهه ڳڻي وٺجو،
سلامت خواب سڀئي رکجو،
پر هڪ ڳالهه آ رهجي وئي،
جا ڪئين هوا آ چئي وئي،
توهان واهڙ واهڙ وڃجو،
۽ هي هر ماڻهوءَ کي چئجو،
سنڌ ملڪ آهي پنهنجو
قابض غدار آهي تُنهنجو
غدار جي آهي موتِ سزا
اچو ته ٺاهيون اهڙي فضا
هي حالات گھڻو ڪجھه ڪندا،
پاڻ ڀي ٿيون ڪجھه اڳڀرا،
سنڌو ماتا آهي خدا جي خدائي،
جھيڙيندڙ سان ناهي جدائي،
بس ها رڳو نعرو اهو هڻون،
سنڌ آهي پنهنجو پرڳڻون.
 
جواب: سنڌو ماتا خدا جي خدائي۔۔۔!

سنڌ ملڪ آهي پنهنجو
قابض غدار آهي تُنهنجو
غدار جي آهي موتِ سزا
اچو ته ٺاهيون اهڙي فضا


ادا تمام بهترين ونڊ ڪيو اٿو
لاجواب
 
جواب: سنڌو ماتا خدا جي خدائي۔۔۔!

عبدالحڪيم جروار جي واتان نڪتل جملا ائين وهي نڪتا آهن جيئن ڪنهن واهڙ جي ڪپر کي پاڻي جي زور سان اوچتو کنڊ لڳو هجي ۽ اتان پاڻي وهي ٻاهر نڪتو هجي ۔۔۔ ۽ ان پاڻي ۾ سنڌ جي حالت تي دعائون، نصيحتون ،،، جي ايم جا ڏس ۽ سنڌ جي انقلاب جا آسرا ڀريل آهن ۔۔۔

۽ اهو پاڻي لفظن جي صورت ۾ اسانجي سامهون آرزو کڻي آيو هجي ۔۔۔

واه سائين واه تمام سهڻا جذبا ۽ حب الوطني جا اڪيچار سڏ ۔۔۔

نيٺ ته ڊهندي ڪيسي رهندي، ڌوڪي جي ديوار

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: سنڌو ماتا خدا جي خدائي۔۔۔!

آرزو جا ٿورا

سنڌ لاء چيل هنن سٽن لاء عقيدت آهي۔ جروار صاحب جون ڳالهيون دل سان هنڊائڻ سان گڏ عمل لاء به سڏ ٿيون ڪن۔ عمل ڪرڻ سان ئي هي سڀ ممڪن ٿي سگهندو
 
Back
Top