سلام مان هن فورم تي نئون آيو آهيان، ان محبتي اوطاق جو ڏس محترم غلام قاسم تسنيمي وٽان مليو۔ مو کي هي فورم تمام سٺو لڳو، مان ڪراچي ۾ رشيداباد جو رهواسي آهيان۔
جواب: مان آهيان نثار علي چانڊيو ادا نثار علي ڀلي ڪري آيا اسان جي هن محبت ڀرئي اڱڻ تي توهان کي خوش آمديد مرحبا چئون ٿا اميد ته توهان روز ايندا رهندا ۽ پنهنجي تحريرن سان سنگت کي مستفيد ڪندا.
جواب: مان آهيان نثار علي چانڊيو ادا اوهانکي اسان هتي اچڻ تي ۽ هي سنڌ ٻولي جو فورم جوائن ڪرڻ تي ويلڪم ٿا چئون۔۔۔ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌين سان ملندي تمام گهڻي خوشي ٿيندي آهي۔
جواب: مان آهيان نثار علي چانڊيو ادا نثار علي چانڊيه صاحب، اوهانجا لک ٿورا جو اوهان هن سنڌ دوست اوطاق تي اچي پير گهمايا ۔۔۔ ڪراچي سنڌ جي دل آهي، اسانجو شهر آهي ۽ جئين ته ڌارين جي ور چڙهيل آهي انڪري ڪراچي ۾ سنڌين جو انگ جيترو گهڻو اوترو ڀلو ۔۔۔ اوهان اسانجا دوست ۽ ڀائر آهيو، سائين محترم تسنيمي صاحب هن اوطاق جو سونهون ۽ يارن جو يار آهي، سندس ڏاهپ ڀريا سهڻا ليک ونڊ ٿيل آهن ۔۔۔ اميد آهي ته اوهان به هن اڱڻ کي پنهنجي اوطاق سمجهي ڀيرو ڪندا ۽ سنڌي ٻولي جي خدمت ۾ پاڻ ملهائيندا ۔۔۔ اوهانکي هر قسم جا ليک ۽ هر قسم جا وڊيوز هن اوطاق تي ملي ويندا ۔۔۔ ڪا تڪليف هجي ته اسي سڀ حاضر آهيون ۔۔۔ اوهان هڪ ته تفصيلي تعرف ڪرايو ۽ ٻيو ته هن اوطاق تي ڀيرا ڪندا رهجو ۔۔۔ هڪ دفعو ٻيهر اوهانکي دل جي گهراين سان ڀليڪار ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: مان آهيان نثار علي چانڊيو ادا نثار علي چانڊيو صاحب! اوهان کي سنڌ سلامت جي اڱڻ تي دل جي گهراين سان ڀليڪار۔۔۔۔۔ اميد ته جيئن فورم اوهان کي سٺو لڳو، ايئن هتي اوهين به اسان جي ساٿ ۾ ساٿ ڏئي هن فورم کي اڃان به اڳتي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا۔۔۔ سنڌ سلامت تي جيترا وڌيڪ سنڌي دوست اچن اهو ڀلو آهي۔۔۔۔ الله اوهان کي آباد رکي۔۔۔۔
جواب: مان آهيان نثار علي چانڊيو ادا نثار احمد توهان کي اسان سنڌ سلامت فورم تي خوش آمديد ٿا چئون ۽ ان سان گڏ اسان سائين تسنيمي صاحب جن جا پڻ ٿورائتا آهيون جن اوهان کي سنڌ سلامت فورم بابت آگاه ڪيو ادا اسان کي اوهان جي نڪور لکڻين جو انتظار رهندو سدائين گڏ
جواب: مان آهيان نثار علي چانڊيو دا نثار علي چانڊيو صاحب! اوهان کي سنڌ سلامت جي هن محبتي ميڙاڪي ۾ دل جي گهراين سان ڀليڪار۔
جواب: مان آهيان نثار علي چانڊيو [JUSTIFY]ادا نثار علي چانڊيو کي سنڌ سلامت جي فورم تي ڀليڪار تمام گهڻي خوشي ٿي آهي جو اڄ سنڌ سلامت تي هڪ ٻئي نثار جو اضافو ٿيو آهي۔ سائين نثار ناز ۽ سائين نثار ابڙو ته ڪنهن تعارف جا محتاج ناهن پر اسان کي اميد آهي ته ڀاء نثار چانڊيو به پاڻ ملهائيندو۔ ڪالھ شام جو منهنجي ملاقات دوستن سان ٿي جن ۾ سائين تسنيمي صاحب به هو ۽ ادا ابو جواد به هو جيڪي ايران وڃي رهيا هئا۔ دوستن جي قرب جي ڪهڙي ڳاله ڪجي۔ سچ پڇو ته سنڌ سلامت اسان کي هڪ ڌاڳي ۾ پوئي ڇڏيو آهي۔ تسنيمي صاحب جا قرب جنهن سنڌ سلامت کي سنڌي ماڻهن تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي۔ نثار صاحب اوهان جا لک قرب اميد ته اوهان فورم جا ايڪٽو ميمبر هوندا۔ [/JUSTIFY]
جواب: مان آهيان نثار علي چانڊيو ادا نثار چانڊيو صاحب اوهان کي هن عاجز پاران به ڀليڪار، ڀانيان ٿو هاڻ اسان وٽ ماشاءَ الله 4 يا 5 نثآر آهن: سائين محترم نثار ابرو صاحب۔ سائين محترم نثار ناز صاحب۔ نثار منگي صاحب۔ نثار چانڊيو صاحب۔ لڳي ٿو گهڻن کي قرباني ڏيڻي آهي!!