عرب اسرائيل جنگ 1948 ء

'مختلف موضوع' فورم ۾ افتخار علي چوهاڻ طرفان آندل موضوعَ ‏7 فيبروري 2011۔

  1. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    [JUSTIFY]
    عرب اسرائيل جنگ 1948 ء


    تاريخ 15 مئي تا 10 جون 1948 ء
    ڄاءِ ؛ مشرق وسطى (وچ اوڀر)
    نتيجو ؛ عارضي صلح جو معاهدو 1959 ء
    ...................................................................................................

    ويڙه ۾ شامل ملڪ
    اسرائيل بمقابل مصر ، لبنان ، شام ، سعودي عرب ، عراق ،
    جيش جهاد المقدس ،عرب لبريشن آرمي .

    ...............................................................................................

    عرب اڳواڻ ؛

    گلب پاشا
    عبالقادر الحسيني
    حسن سلامه
    فوزي الفائوجي

    اسرائيلي اڳواڻ
    هاڪوو ڊوري ، هگائيل باڊن

    ...............................................................................................


    طاقت
    عرب ؛
    مصر ؛ 10 کان 20 هزار
    عراق ؛ 5 کان 8 هزار
    شام ؛ 2 . 1/2 کان 5 هزار
    اردن ؛ 6 کان 12 هزار
    سعودي عرب 800 کان 1200
    عرب لبريشن ؛ 3 هزار پنج سو کان 6 هزار


    اسرائيل ؛
    ابتدائي 29 هزار 677
    مارچ 1949 تائين 115،000


    .............................................................................................
    نقصان
    عربن جو ؛ نامعلوم، اندازو 5 کان 15 هزار جي وچ

    اسرائيل جو ؛ 6 هزار 373 هلاڪتون
    4 هزار فوجي ۽ 2 هزار 400 شهري


    ..................................................................................................

    1948 ء اسرائيل رياست جي قيام سان ئي عرب ۽ اسرائيل ۾ پهريون ڀيري هڪ ٻئي سان ٽڪراو کي عرب
    اسرائيل جنگ 1948 جو نالو ڏنو ويو جڏنهن ته اسرائيلي هن کي جنگ آزادي چوندا آهن . اسرائيل فلسطين تي
    قابض ئي عرب اقليت تي ظلم جي پهاڙ ٽوڙي ڇڏيا جنهن جي سببان عربن کي مجبورن پنهجو وطن ڇڏڻو پيو .
    بي يارومددگار عربن جي تعداد جلد ئي 10 لک تائين پهچي وئي .عرب هتيار سان ليس يهودي فوج جو مقابلو
    نه ڪري سگهيا ۽ 15 مئي 1948 ء تائين اندين فلسطين ۾ فلسطيني عربن جي مزاحمت ختم ٿي وئي ۽ 14 کان
    15 فيبروري جي وچين رات يهودين تل ابيب ۾ پنهجي رياست جي قيام جو اعلان ڪري ڇڏيو ۔
    عربن هن رياست کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ مصر ، شام اردن ۽ عراق جي فوجين اسرائيل
    تي حملو ڪري ڏنو . اها جنگ 1949 ء جي امن معاهدي هيٺ ختم ٿي وئو .

    پس منظر ؛
    پهرين جنگ عظيم ۾ سلطنت عثمانيه جي شڪست کان پوءِ ( جمعيت اقوام ) موجوده ترڪي جي ڊکڻ
    ضلعن کي فرانس ۽ برطانيه جي قبضي ۾ ڏئي ڇڏيا ٻنهن طاقتن هنن علائقن جي سرحد تقسيم ڪندي
    عراق ، شام لبنان جي تشڪيل ڪئي جيڪي اڄ به قائم آهن . چوٿون علائقو فلسطين جو هيو ۽ دريا اردن
    جي هڪ طرف فلسطين ۽ ٻئي طرف اردن هيو . مصر ۾ برطانيه جي هائي ڪميشن ”هنري ميڪ موهن “
    1916 ء ۾ وعدو ڪيو ته عربن جا اهي علائقه جيڪي سلطنت عثمانيه ۾ شامل آهن آزاد ڪيا ويندا پر
    برطانيه ڌوڪيبازي ڪندي هڪ ڳجهي معاهدو ”سائڪس هيڪاٽ “ ڪيو جنهن جي آڌار برطانيه ۽
    فرانس عربن جي علائقن کي گڏيل انتطام هيٺ تقسيم ڪري ورتو .

    جنگ جا واقعا ؛

    جئين ته مصر سان بد عهدي ڪندي انگريزن پهرين جنگ عظيم جي پڄاڻي تي 1918 ء ۾فلسطين تي قبضو
    ڪري وتو ، جمعيت اقوام (ليگ آف نيشن) 25 اپرل ۾ فلسطين تي انگريزن جي قبضي کي جائز قرار ڏنو .
    برطانيه ويتر ڌوڪي بازي ڪندي وزير خارجه” آرٿر بيلوفر“ برطانيه جي طرفان لارڊ رانه شيلڊ نالي صهيوني (
    يهودي) ليڊر کي خط لکيو جنهن ۾ فلسطين ۾ يهودي رياست ٺاهڻ جي پڪ ڪرائي . اهڙي نموني 14 مئي تي
    رياست اسرائيل جي قيام جو اعلان ڪيو ويو .جئين ته عربن جي مزاحمت ختم ٿي چڪي هئي هن ڪري
    15 مئي جي صبح مصر ، اردن ، عراق جي فوجين عربن جي مفاد جي تحفظ لاءِ فلسطين ۾ داخل ٿيڻ شروع ٿي
    ويا بعد ۾ سعودي عرب جو هڪ دستو به مصر جي فوج سان شامل ٿي ويو پر عربن جي هن گڏيل فوج کي
    ڪا وڏي ڪاميابي نصيب ٿي نه سگهي . شام ۽ لبانن جيڪي سال اڳ آزاد ٿيا هئا هنن جا حمله بلڪل
    بي اثر هئا . مصر ي فوج غزه شهر ۽ هن سان گڏيل علائقي کان سواءِ ڪنهن به علائقي تي قبضو نه ڪري
    سگهيو .اردن عرب ليگ وچين فلسطين جي بيشتر علائقو ۽ بيت المقدس جي پراڻي شهر يهودي قبضي کان
    بچائي ورتا .
    هن ئي دوران سلامتي ڪونسل جي حڪم 11 جون 1948 ء ۾ ٻنهن طرفان جنگ بندي ڪئي وئي پوءِ
    جنگ بند ته ڪڏنهن هلندي رهي ايسيتائين جو 1949 ء ۾ عرب ملڪن اسرائيل سان ڌار ڌار جنگ بندي جا
    معاهده ڪرڻا پيا ۽ اسرائيل کي عملي طور تي قبول ڪرڻو پئجي ويو . 11 مئي 1948 ء ۾ اسرائيل اقوام متحده
    جو رڪن بڻجي ويو .

    نوٽ ؛ مضمون نيٽ تان ورتل آهي ۽ هن ۾ اڃان تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي ، جئين ته اڄ ڪل مصر
    سڄي دنيا جي نظر مرڪز بڻيل آهي تنهن ڪري مناسب سمجهيم ته مصر سان گڏيل ڪجه معلومات
    فراهم ڪئي وڃي ، ڪالھ اخوان المسلمين سان هڪ مصر جي اسلامي تنظيم ونڊ ڪيم وري اڄ مصر
    جي اسرائيل جي پهرين جنگ مضمون ونڊ ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪري رهيو آهيان اميد آهي دوستن کي
    جانڪاري جو سبب بڻبو .


    مصر جي 1967 واري جنگ جي معلومات لاءِ ادا ابو زين جو اهو مضمون ڏسندا مهرباني
    هتي ڪلڪ ڪيو




    [/JUSTIFY]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو