ڏاڏل شينو
سينيئر رڪن
انقلاب جو چرچو
انقلاب انقلاب جو هر طرف هلي ٿو جو چرچو
مان به چوان ٿو ها منهنجو ايندو ڪهڙو خرچو
نقل هڻي نادان چون ٿا اسان علم آهي پرايو
سمجھ بنان سرٽيفڪيٽ جو وٺڻ آهي اجايو
ايم اي کان حل ڪرائي ڏسو ميٽرڪ جو پرچو
مان ناهيان منحرف انقلاب جي منطق کان
قومن ۾ تبدلي ايندي آهي ۽ هتي به ايندي هتان
سستي ۽ ڪاهلي آهي اسان ۾، پنڌ سُجهي سوايو
هر ماڻهون هر قوم هر خطو هتان گذريو آهي
هر انقلاب ظلم و جبر جي دؤر مان اُسريو آهي
گهٽا ٽوپ انڌيرن مان ئي اچڻو آهي اجالو
جڏهن حق سان علم ايندو سمجهو ظلم ويندو
چور وٺو چور وٺو ڀڄندي ڀڄندي چور اهو چوندو
ڏاڏل ڏسجان دير سهي ڏاڍ ڀاڙي ٿي هاڻي ڀڄندو