• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

۽ اڃان انقلاب ايندو جا خواب ڏسان ٿو

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
۽ اڃان انقلاب ايندو جا خواب ڏسان ٿو​



ظلم اڳيان ڪنڌ جهڪائي جيان ٿو
اندر ئي اندر ۾ روز جيان ۽ روز مران ٿو
ڪوڙ کي ڪوڙ بجاءِ سادو سچ چوان ٿو
۽ اڃان انقلاب ايندو جا خواب ڏسان ٿو

ظالم جي ڪوڙ کي سچ سمجهان ٿو
ماءُ ڀيڻ جي بيحُرمتي سامهون ڏسان ٿو
ڌاڙا لڳا ٿي حق تي ڪو نه ڪڇان ٿو
۽ اڃان انقلاب ايندو جا خواب ڏسان ٿو

احساس ويو آهي مون مان لڏي
مظلوم کي ويس ظالم اڳيان ڇڏي
باطل کي ڇڏيو آهي حق سان گڏي
اکيون جابر سان ڪينَ ملايان ٿو
۽ انقلاب ايندو جا خواب ڏسان ٿو

ڪڻي جي ڪاڻ مون مڻ ماريا آهن
پنهنجو پاڻ پڏائڻ جي خواب ٺاهيا آهن
ڀاڳيو ڀلائڻ لاءِ چور جا پير ڊاهيان آهن
ڪڇ ۾ رکي ڪوڙ کي حق لڪايان ٿو
۽ اڃان انقلاب ايندو جا خواب ڏسان ٿو

ڀر ۾ مري ٿوڀاءُ مون به هنيو هن تي داءُ
هو آيو آهي گهر ۾ زال چيو ماني لڪاء
جي ڪوڙ چوان ته تون مونکي سمجهاء
۽ اڃان انقلاب ايندو جا خواب ڏسان ٿو

ظالم جي ظلم کان تو ڪوڙ ڪمايو
زاهد جي پردي ۾ پنهنجو پاڻ لڪايو
پاڻ بچائڻ لاءِ آهي تو جو هي راڄ ڦاسايو
۽ اڃان انقلاب ايندو جا خواب ڏسان ٿو

رات سڄي هوُ روئندو رهيو ۽ چوندو رهيو
مري ويندس مان جا واڪا وڄندو رهيو
ترس نه تنهن تي مونکي ڪوئي پل پيو
نه ڏاڏل تو ۾ زرو ڪواحساس ڏسان ٿو
۽ اڃان انقلاب ايندو جا خواب ڏسان ٿو
 
جواب: ۽ اڃان انقلاب ايندو جا خواب ڏسان ٿو

واھ واھ ادا ڏاڏل سمورو سچ۔
ظلم اڳيان ڪنڌ جهڪائي جيان ٿو
اندر ئي اندر ۾ روز جيان ۽ روز مران ٿو
ڪوڙ کي ڪوڙ بجاءِ سادو سچ چوان ٿو
۽ اڃان انقلاب ايندو جا خواب ڏسان ٿو
 
Back
Top