• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مست ٿي وقت کي گذاري ڏس۔۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
مست جي قلم مان مڙئي ٻه چار اکر لکجي ويا آهن، دوستن کي گذارش آهي ته غور سان پڙهن ۽ پنهنجو رايو به ڏين۔۔۔ سائين نثار ناز کي گذارش آهي ته ٿوڙين گهڻين غلطين جي نشاندهي ڪري ‌تصحيح ڪن​

مست ٿي وقت کي گذاري ڏس۔۔
فڪر دنيا جا سڀ وساري ڏس۔۔

ڪائي خواهش نه دل اندر رهندئي
طلــــب دنـــــيا جي يار مــــاري ڏس۔۔

ماڙيون بنگلا ڏسين ٿو حسرت سان،
ڪـــا گهڙي قبر ڏانهن نهاري ڏس۔۔

زنــــدگي جنـــهن جــو تــوکي تحفو آ،
اُن جي منشا سان ان کي گهاري ڏس،

ساهه جي ربــط کان به ويجــــهو آه،
ٿورو دل سان ته تون پڪاري ڏس۔۔

دل ڏکـــائڻ‌ وڏو گنـــــاهه اٿــــئي،
ڳالهه هي دل ۾‌تون ويهاري ڏس۔۔

آهين انسان پنهنجي دل اندر
جذبو انسانيت جو ڌاري ڏس۔۔

مــــاڳ هــي نيٺ مـــست ڇڏڻو آ،
ذڪر محشر جو ڪو پچاري ڏس،
 
جواب: مست ٿي وقت کي گذاري ڏس۔۔

مست سائين اوهانجي نظم جو پيغام بي مثال آهي۔۔۔ عين اسانجي دل جو آواز آهي ۔۔۔ انسان جيئرو آهي ۽ وقتي سگهه اٿس ته پاڻ کي تيس مار سمجهي ٿو ۽ خواهشن جي سمنڊ ۾ غرق رهي ٿو ۔۔۔ پر مومن جو ڪم آهي ، ته سگهه ۾ رب جو شڪر ڪري ۽ ڪمزوري ۾ صبر ۽ محنت ڪري

جيتوڻيڪ ڳڻتي ڪرڻ نه گهرجي پر ڪائنات ۽ انجي اسبابن تي فڪر ضرور ڪرڻ گهرجي ته جيئن قدرت جا راز ۽ رب جي قدرت ۽ ان جي وڏائي ڏسي سگهجي ۔۔۔ رب جي هن ڪائنات تي جيترو فڪر مٿي ٿئي ٿواوترو سجدي به سر نوندو وڃي ٿو ۔۔۔ انت بحر دي ڪل نه ڪائي رنگي رنگ بڻايا ۔۔۔

سهڻي نصيحت ۔۔۔ سهڻا ٻول ۔۔۔
 
ادا وڏا۔۔۔ سهڻي نموني سان مست جي مقصد کي سمجهي وري ان کي پنهنجي لفظن جي صورت ڏيڻ جي مهرباني
 
جواب: مست ٿي وقت کي گذاري ڏس۔۔

asul mattasul mattlajwab-sharingshabashshabashhall charilajwab-sharinglajwab--sharinglajwab-sharinglajwab-sharing
 
جواب: مست ٿي وقت کي گذاري ڏس۔۔

سائين علي علي۔۔۔ ڪجهه ڳالهايو به ته صحيح۔۔۔ اهي اشارن وارا ڪمينٽس ڏيڻ سان ڪم نه هلندو۔۔۔
 
جواب: مست ٿي وقت کي گذاري ڏس۔۔

سائين علي علي۔۔۔ ڪجهه ڳالهايو به ته صحيح۔۔۔ اهي اشارن وارا ڪمينٽس ڏيڻ سان ڪم نه هلندو۔۔۔

يار استاد بخاري ۽ اوهان جي شاعري ۾ ڪو فرق محسوس ئي نه ٿيو يار تمام بهترين شاعري آهي مسٽر چپيل رستم
 
جواب: مست ٿي وقت کي گذاري ڏس۔۔

ادا مست مان اوهانجي شاعري جي ڇا تعريف ڪيان يار ڪاش۔۔!! مان شاعر هجان۔
ادا مست تمام سولي نموني سان اوهان سمجهايو آهي۔ ۽ اوهانجي شاعري ۾ اهڙا ته سٺا ۽ سولا لفظ جڙيل آهن جو اسان جهڙا ڄٽ به سولي نموني سمجهي ٿا وڃن صبح صبح سان اوهانجي شاعري پڙهڻ لا ملي۔

ماڙيون بنگلا ڏسين ٿو حسرت سان،
ڪـــا گهڙي قبر ڏانهن نهاري ڏس۔۔
 
جواب: مست ٿي وقت کي گذاري ڏس۔۔

يار استاد بخاري ۽ اوهان جي شاعري ۾ ڪو فرق محسوس ئي نه ٿيو يار تمام بهترين شاعري آهي مسٽر چِپيل رستم

ادا علي علي ۔۔۔ ! اسان کي مست ئي رهڻ ڏيو، چِپيل رستم يا لڪيل رستم پاڻ نه آهيون۔۔۔
باقي سائين استاد بخاري جهڙي عظيم شاعر جي شاعريءَ سان ڀيٽائڻ منهنجي لاءِ وڏو اعزاز آهي (توڙي جو مان ان لائق نه آهيان) لک ٿورا اوهان جا
 
جواب: مست ٿي وقت کي گذاري ڏس۔۔

ادا مست توهان جي شاعري ۾ بهترين پيغام آهي .

مهرباني سائين مولوي رحيم بخش۔۔۔۔۔ شاعري يا ليک هجي ته مقصد سان ڀريل هجي نه ته ڪو فائدو نه هوندو آهي پوءِ ڀلي ڪيترائي پَنا ڇو نه ڪارا ڪجن۔۔
 
جواب: مست ٿي وقت کي گذاري ڏس۔۔

ادا مست مان اوهانجي شاعري جي ڇا تعريف ڪيان يار ڪاش۔۔!! مان شاعر هجان۔
ادا مست تمام سولي نموني سان اوهان سمجهايو آهي۔ ۽ اوهانجي شاعري ۾ اهڙا ته سٺا ۽ سولا لفظ جڙيل آهن جو اسان جهڙا ڄٽ به سولي نموني سمجهي ٿا وڃن صبح صبح سان اوهانجي شاعري پڙهڻ لا ملي۔

ادا عاشق۔۔۔ اوهان جا لک ٿورا۔۔۔ بس ايئن مست جي حوصلا افزائي ڪندا رهجو۔۔۔۔
 
جواب: مست ٿي وقت کي گذاري ڏس۔۔

مست جي شاعري هڪ پيغام ۽ نصيحت سان سمايل آهي

خوشي پئي ٿي جو سنڌ سلامت جو فارم اڄڪلھ شاعريء سان سجايو پيو آهي اها شاعري به پنهنجن دوستن جي۔ اوهان دوستن لاء دعائون آهن ته رب پاڪ اوهان جي علم ۾ واڌارو ڪري ۽ اوهان پنهنجا جذبات ۽ احساسات ڀرپور طريقي سان ونڊ ڪيو۔
 
مهرباني ادا سليمان۔۔ ايئن ئي اسان جي حوصلا افزائي ڪندا رهو
 
Back
Top