• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اسپيم ميلز جي ڇٽڪاري جو هڪ حل آهي ۔۔۔ ٽيمپري اي ميل ۔۔۔۔ هاٽ ميل جو بهترن فيچر

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
دوستو توهان اڪثر پنهنجي اي ميل ۾ غير ضروري ۽ اڻ واقف ماڻهن کان ميلز وصول ڪندا رهندا هوندو۔۔۔ اهڙين ميلز ۾ ڪافي ته توهان انعام کٽڻ‌جي مبارڪ ڏينديون هونديون ۽ ڪافي وري اهڙيون دعوتون هونديو ته مون وٽ ڪجهه رقم آهي جنهن مان ڪجهه حصو توهان کي ڏيڻ جي آڇ هوندي آهي۔۔۔۔ اهڙين ميلز جو اصل ڪارڻ توهان جي معلومات حاصل ڪرڻ هوندو آهي۔۔۔۔ جنهن سان اڪثر ناداني ۾ ماڻهون پنهنجا پاسورڊ تائين ٻين تائين پهچائيندا رهندا آهن ۔۔۔ پاڪستان ۾ ته ماڻهن وٽ ڪريڊٽ ڪارڊ وغيره استعمال نه ٿين پر ٻاهرين ملڪن جا ماڻهون اهڙين فراڊ ميلز مان ڪافي نقصان پڻ کاڌو آهي۔۔۔
آخر اهي ميلز توهان ڏي ئي ڇو ٿيون اچن۔۔۔؟
ان جو جواب آهي ته جڏهن توهان مختلف سائيٽس تي وڃي سبسڪرائيب ڪرڻ خاطر يا وري مختلف سافٽويئرس جي فورمن تان ڊائونلوڊ خاطر پنهنجي اي ميل آئي ڊي ڏيندا آهيو ته اهڙيون آئيڊيز اسپيمرس تائين پهچڻ آسان ٿي وينديون آهن ۔۔۔ جنهن کان پوءِ توهان ڏي اسپيم ميلز اچڻ شروع ٿينديون آهن۔۔۔۔
مان توهان لاءِ اڪثر اهڙا مفت جا سافٽويئر آڻيندو آهيان جن جي مرڪزي صفحي تي پنهنجي اي ميل ڏئي رجسٽريشن ڪي حاصل ڪري سگهبي آهي۔۔۔ ان کان سواءِ اڪثر فورمس يا ويب سائيٽس تي رجسٽريشن ڪرائڻ وقت توهان کي درست اي ميل ان ڪري ڏيڻي پوندي آهي ته اهي سائيٽس ويريفڪيشن ڪرڻ‌خاطر توهان جي اي ميل تي لنڪ موڪلينديون آهن۔۔۔۔
توهان کي گهرجي ته اهڙين سائيٽس تي توهان عارضي اي ميل آئي ڊي ڏيو ۔۔۔ جتان ڪم وٺڻ کان پوءِ توهان کي ان عارضي اي ميل جي ضرورت نه رهي۔۔۔۔
هوئن ته عارضي اي ميل آئي ڊي ٺاهڻ لاءِ‌ کوڙ ساريون ويب سائيٽس موجود آهن جن کي اڳتي هلي ٻڌائبو رهبو پر اڄ مان توهان کي هاٽ ميل جي ان بهترين فيچر کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندس۔۔۔۔
سڀ کان پهريان پنهنجي هاٽ ميل جي آئي‌ڊي سان لاگ ان ٿيو ۽‌ ان باڪس جي ڀرسان سيٽنگ نما آئڪان تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔ جتان نئين email aliases ٺاهڻ واري ٻيو نمبر لائين تي ڪلڪ ڪريو ۔۔۔ هاڻي نئين کلندڙ صفحي تي پنهنجي عارضي اي ميل بڻائي وٺو۔۔۔ اهڙي اي ميل اضافي فولڊر طور توهان جي ميل فهرست ۾ شامل ٿي ويندي هاڻي ڪم ڪڍڻ کان پوءِ‌ جي چاهيو ته ان ۾ ايندڙ اسپيم اي ميلز کي بنا پڙهڻ جي ڊيليٽ ڪيو يا وري هڪ جهٽڪي ۾ اها فولڊر نما عارضي اي ميل ڊليٽ ڪري ڇڏيو۔۔۔

ان عمل کي بهتر طور سمجهڻ لاءِ هي وڊيو ڏسو۔۔۔

 
جواب: اسپيم ميلز جي ڇٽڪاري جو هڪ حل آهي ۔۔۔ ٽيمپري اي ميل ۔۔۔۔ هاٽ ميل جو بهترن فيچر

ادا رشيد ۔۔۔ تمام بهترين فنڪشن آهي، دوستن کي اسپيم ايميلز کان گهڻي قدر نجات ملي ويندي۔۔۔۔۔
 
جواب: اسپيم ميلز جي ڇٽڪاري جو هڪ حل آهي ۔۔۔ ٽيمپري اي ميل ۔۔۔۔ هاٽ ميل جو بهترن فيچر

مهرباني ادا رشيد

تمام سٺو فيچر آهي ادا

ان سان ڪافي حد تائين فرق پوندو

بهترين شيئرنگ آهي

جاري رکجو

سدائين گڏ
 
Back
Top