ڦلپوٽو فقير
سينيئر رڪن
وفاقي کاتن، ڪارپوريشنز ۽ وفاق جي ماتحت خودمختيار ادارن ۾ سنڌ جي ڪوٽا جون 35 هزار کان وڌيڪ جايون خالي هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.اهڙو انڪشاف مختلف وزارتن ۽ ٻين ماهرن پاران اسلام آباد ۾ ڪوٺايل هڪ سيمينار ۾ ڪيو ويو آهي.ماهرن 2009-10 تائين مختلف وفاقي کاتن، ڪارپوريشنز ۽ وفاق جي ماتحت خودمختيار ادارن ۾ ٿيل ڀرتين جا انگ اگر پيش ڪيا آهن.انگن اکرن موجب وفاقي کاتن ۽ ڪارپوريشنز توڙي خودمختيار ادارن ۾ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه مان ڪوٽا کان وڌيڪ ڀرتيون ٿيل آهن، جڏهن ته سنڌ جي ڪوٽا جون 35 هزار 3 سئو 19 جايون خالي پيل آهن.وفاقي کاتن ۽ ڪارپوريشنز ۾ پنجاب جي ڪوٽا 50 سيڪڙو، سنڌ جي 19 سيڪڙو، خيبر پختونخواهه 11، بلوچستان 6، گلگت بلتستان ۽ فاٽا 4 ۽ آزاد ڪشمير جي ڪوٽا 2 سيڪڙو آهي، جڏهن 7 سيڪڙو ميرٽ تي ڀرتيون ڪيون وينديون آهن.وفاقي کاتن ۾ سنڌ جي ٻهراڙي جي ڪوٽا اٽڪل 11 سيڪڙو، شهري ڪوٽا اٽڪل 8 سيڪڙو آهي پر ماهرن موجب سنڌ جي ٻهراڙي جي ڪوٽا تي شهري ڊوميسائيل وارن کي ڀرتي ڪيو ويو آهي.ان کان به وڌيڪ خراب صورتحال شهري ڪوٽا جي ڀرتين ۾ نظر اچي ٿي، جن ۾ حيدرآباد ۽ سکر به شهري قرار ڏنل هجڻ باوجود شهري ڪوٽا تي 95 سيڪڙو ڀرتيون رڳو ڪراچي مان ڪيون ويون آهن.ماهرن پاران پيش ڪيل انگن اکرن موجب وفاقي کاتن ۾ ڪل ملازمن جو انگ 4 لک 47 هزار هڪ سئو 55 آهي، جن ۾ پنجاب جي ڪوٽا تي ڀرتي ٿيل ملازمن جو انگ 2 لک 6 هزار 2 سئو 2، سنڌ رورل جي ڪوٽا تي 22 هزار 4 سئو 52، سنڌ شهري ڪوٽا تي 40 هزار 6 آهي.وفاقي کاتن ۾ خيبر پختونخواهه جي ڪوٽا تي هڪ لک 24 هزار 6 سئو 66، بلوچستان جا 19 هزار 12، آزاد ڪشمير جا 4 هزار 9 سئو 22، فاٽا ۽ گلگت بلتستان جا 29 هزار 8 سئو 13 ملازم ڀرتي ٿيل آهن.اهڙي ريت مختلف وفاقي کاتن ۾ سنڌ جي ڪوٽا جي 28 هزار 5 سئو 23 جاين تي ڀرتي نه ڪئي وئي آهي، ماهرن پاران پيش ڪيل انگن اکرن موجب ڪارپوريشنز ۽ خودمختيار ادارن ۾ ڪل ملازمن جو انگ 3 لک 38 هزار 7 سئو 2 آهي.ڪارپوريشنز ۽ خودمختيار ادارن ۾ پنجاب جي ڪوٽا تي ڀرتي ٿيل ملامن جو انگ هڪ لک 84 هزار 5 سئو 53 آهي، سنڌ رورل تي 31 هزار 8 سئو 16، سنڌ شهري ڪوٽا تي ڀرتي ٿيل ملازمن جو انگ 46 هزار 3 سئو 73 آهي.ڪارپوريشنز ۽ خودمختيار ادارن ۾ خيبرپختونخواهه جي ڪوٽا تي 51 هزار هڪ سئو 94، بلوچستان جي ڪوٽا تي 14 هزار 5 سئو 57، آزاد ڪشمير جي ڪوٽا تي 4 هزار 9 سئو 26 ۽ گلگت بلتستان ۽ فاٽا جي ڪوٽا تي 5 هزار هڪ سئو 83 ملازم ڀرتي ٿيل آهن.اهڙي ريت ڪارپوريشنز ۽ خودمختيار ادارن ۾ به سنڌ جي ڪوٽا تي 6 هزار 7 سئو 96 جايون خالي آهن،مجموعي طور تي وفاقي کاتن، ڪارپوريشنز ۽ وفاق جي ماتحت خودمختيار ادارن ۾ سنڌ جي ڪوٽا جون 35 هزار 3 سئو 19 جايون خالي آهن ۽ سنڌ ۾ لکين بيروزگار پريشان آهن.
روزانه عوامي آواز جي ٿورن سان