• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نوڪرين لاءِ ڀٽڪندڙ ۽ پاڻ ساڙيندڙ نوجوانن سان مذاق، سنڌ جون 35 هزار جايون خالي پيل

ڦلپوٽو فقير

سينيئر رڪن
وفاقي کاتن، ڪارپوريشنز ۽ وفاق جي ماتحت خودمختيار ادارن ۾ سنڌ جي ڪوٽا جون 35 هزار کان وڌيڪ جايون خالي هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.اهڙو انڪشاف مختلف وزارتن ۽ ٻين ماهرن پاران اسلام آباد ۾ ڪوٺايل هڪ سيمينار ۾ ڪيو ويو آهي.ماهرن 2009-10 تائين مختلف وفاقي کاتن، ڪارپوريشنز ۽ وفاق جي ماتحت خودمختيار ادارن ۾ ٿيل ڀرتين جا انگ اگر پيش ڪيا آهن.انگن اکرن موجب وفاقي کاتن ۽ ڪارپوريشنز توڙي خودمختيار ادارن ۾ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه مان ڪوٽا کان وڌيڪ ڀرتيون ٿيل آهن، جڏهن ته سنڌ جي ڪوٽا جون 35 هزار 3 سئو 19 جايون خالي پيل آهن.وفاقي کاتن ۽ ڪارپوريشنز ۾ پنجاب جي ڪوٽا 50 سيڪڙو، سنڌ جي 19 سيڪڙو، خيبر پختونخواهه 11، بلوچستان 6، گلگت بلتستان ۽ فاٽا 4 ۽ آزاد ڪشمير جي ڪوٽا 2 سيڪڙو آهي، جڏهن 7 سيڪڙو ميرٽ تي ڀرتيون ڪيون وينديون آهن.وفاقي کاتن ۾ سنڌ جي ٻهراڙي جي ڪوٽا اٽڪل 11 سيڪڙو، شهري ڪوٽا اٽڪل 8 سيڪڙو آهي پر ماهرن موجب سنڌ جي ٻهراڙي جي ڪوٽا تي شهري ڊوميسائيل وارن کي ڀرتي ڪيو ويو آهي.ان کان به وڌيڪ خراب صورتحال شهري ڪوٽا جي ڀرتين ۾ نظر اچي ٿي، جن ۾ حيدرآباد ۽ سکر به شهري قرار ڏنل هجڻ باوجود شهري ڪوٽا تي 95 سيڪڙو ڀرتيون رڳو ڪراچي مان ڪيون ويون آهن.ماهرن پاران پيش ڪيل انگن اکرن موجب وفاقي کاتن ۾ ڪل ملازمن جو انگ 4 لک 47 هزار هڪ سئو 55 آهي، جن ۾ پنجاب جي ڪوٽا تي ڀرتي ٿيل ملازمن جو انگ 2 لک 6 هزار 2 سئو 2، سنڌ رورل جي ڪوٽا تي 22 هزار 4 سئو 52، سنڌ شهري ڪوٽا تي 40 هزار 6 آهي.وفاقي کاتن ۾ خيبر پختونخواهه جي ڪوٽا تي هڪ لک 24 هزار 6 سئو 66، بلوچستان جا 19 هزار 12، آزاد ڪشمير جا 4 هزار 9 سئو 22، فاٽا ۽ گلگت بلتستان جا 29 هزار 8 سئو 13 ملازم ڀرتي ٿيل آهن.اهڙي ريت مختلف وفاقي کاتن ۾ سنڌ جي ڪوٽا جي 28 هزار 5 سئو 23 جاين تي ڀرتي نه ڪئي وئي آهي، ماهرن پاران پيش ڪيل انگن اکرن موجب ڪارپوريشنز ۽ خودمختيار ادارن ۾ ڪل ملازمن جو انگ 3 لک 38 هزار 7 سئو 2 آهي.ڪارپوريشنز ۽ خودمختيار ادارن ۾ پنجاب جي ڪوٽا تي ڀرتي ٿيل ملامن جو انگ هڪ لک 84 هزار 5 سئو 53 آهي، سنڌ رورل تي 31 هزار 8 سئو 16، سنڌ شهري ڪوٽا تي ڀرتي ٿيل ملازمن جو انگ 46 هزار 3 سئو 73 آهي.ڪارپوريشنز ۽ خودمختيار ادارن ۾ خيبرپختونخواهه جي ڪوٽا تي 51 هزار هڪ سئو 94، بلوچستان جي ڪوٽا تي 14 هزار 5 سئو 57، آزاد ڪشمير جي ڪوٽا تي 4 هزار 9 سئو 26 ۽ گلگت بلتستان ۽ فاٽا جي ڪوٽا تي 5 هزار هڪ سئو 83 ملازم ڀرتي ٿيل آهن.اهڙي ريت ڪارپوريشنز ۽ خودمختيار ادارن ۾ به سنڌ جي ڪوٽا تي 6 هزار 7 سئو 96 جايون خالي آهن،مجموعي طور تي وفاقي کاتن، ڪارپوريشنز ۽ وفاق جي ماتحت خودمختيار ادارن ۾ سنڌ جي ڪوٽا جون 35 هزار 3 سئو 19 جايون خالي آهن ۽ سنڌ ۾ لکين بيروزگار پريشان آهن.

روزانه عوامي آواز جي ٿورن سان
 
جواب: نوڪرين لاءِ ڀٽڪندڙ ۽ پاڻ ساڙيندڙ نوجوانن سان مذاق، سنڌ جون 35 هزار جايون خالي پ

ماشاء الله ڪيترا ته اميد افزا انگ اکر آهن ۔۔۔۔ سنڌي ٺري پيا ۔۔۔ سنڌ سان ڪيترو ّظلم آهي خدا جي واسطي اکيون کوليون ۔۔۔ آ سنڌ جي سڀني ڌرين ۔۔۔ مذهبي، سياسي، (قومي، وفاقي) يا سماجي ڪم ڪندڙ ادارن کي هٿ ادب جا ٻڌي گذارش ڪندس ته خدارا انصاف جو ساٿ ڏيو ۽ سنڌين کي انصاف ڏيارڻ ۾ مدد ڪري، جدوجهد ڪري پنهنجو ديني ۽ قومي فرض نڀايو ۔۔۔ سنڌ جي غريب ماڻهن جون دعائون حاصل ڪريو ۔۔۔
 
Back
Top