ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
سيد عبدالله شاه
۔ سنڌ سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ماڻهون لاء مان ڪهڙي ڳالهه ڪيان، انهن لاء ته مان ائين چوندس ته اهي شيون ته منهنجي رڳ رڳ ۾ سمايل آهن۔۔۔ بقول شاعرته۔۔۔۔۔ هن جنم هن جنم وچن ٿو ڪريان، سنڌ تنهنجو هجان۔۔ سنڌ جي نالي لاء سنڌ جي عالمن اديبن ۽ محققن جا مختلف رايه آهن ۽ اڪثر عالمن جو چوڻ آهي ته سنڌ جو نالو ”سنڌو درياءَ“ تان پيو، جيڪو ان جو اصل ۽ شروعاتي نالو آھي آڳاٽي تاريخ جي اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو ته ان نالي مختلف وقتن تي مختلف صورتون اختيار ڪيون آھن، جيڪي اصل ۾ بنيادي لفظ “سنڌو” جون مختلف آوازي شڪليون آھن.
سنڌ ڌرتي جي ڪک مان هزارين اهڙا سپوت ۽ انمول انسان پيدا ٿيندا رهيا آهن جن مٿان سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن ناز ڪيو آهي، سنڌ ڌرتي کي جنهن به پنهنجو ڪيو آهي، سنڌ ڌرتي ان کي هڪ نه وسرندڙ سڃاڻپ ڏني آهي،
سنڌ تي جڏهن ايران جي هڪ بزرگ حضرت عثمان مروندي پير رکيو ۽ اچي سنڌ کي پنهنجو ڪيائين ته سنڌ ان کي قلندر بڻائي ڇڏيو، ۽ وري سنڌ جي سدا حيات شاعر حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کي پنهنجو ڪيو ۽ سنڌي ٻولي جي خدمت ڪئي تڏهن لالون لال لطيف، ۽ ڀٽ جو گهوٽ لطيف، بڻيو، جڳ مشهور عالم دين جناب مولانه عبيدالله سنڌي صاحب جڏهن پاڻ کي سنڌي سڏايو ۽ سنڌ جي ماڻهن ۽ سنڌي ٻولي لاء پاڻ پتوڙيو تڏهن وڃي مولانه عبيدالله سنڌي بڻيو، هون ته سنڌ جي هر ضلعي شهر ڳوٓٺ ڪيتريون ئي شخصيتون پيدا ڪيون آهن مگر مان هت سنڌ جي ضلعي دادو جي ڪجهه شخصيتن جو ذڪر ڪندس۔
استاد بخاري جو شهر ۽ ضلعو دادو سنڌ لاڙڪاڻه گزيٽيئر موجب 1843ع ۾ قائم ٿيو۔ هي تعلقو پهرين ڪراچي ضلعي ۾ شامل هو 1901ع ۾ دادو تعلقي کي ڪراچي مان ڪٽي ڪري لاڙڪاڻي ضلعي ۾ شامل ڪيو ويو، ۽ پوء 1931ع ۾ انگريز سرڪار جي حڪومت ۾ دادو کي ضلعي جو درجو ڏنو ويو، ۽ دادو ضلعي کي ست تعلقن ۾ ورهايو ويو۔ دادو، جوهي ، ميهڙ، خيرپورناٿن شاه ، سيوهڻ، ڪوٽڙي، ۽ ٿاڻو بولا خان ( محال ڪوهستان ) دادو ضلعي جي اتر ۾ ضلع لاڙڪاڻو، ڏکڻ ۾ ضلع ٽٽو، اولهه ۾ کير ٿر جبلن جون قطارون ۽ اوڀر ۾ نوشهروفيروز، نواب شاه، ۽ حيدرآباد اچي وڃن ٿا، 2004ع ۾ سنڌ جي وڏي وزير ارباب غلام رحيم جي دور حڪومت ۾ دادو کي ٻن ضلعن ۾ ورهايو ويو آهي، ۽ دادوء جي ٽن تعلقن سيوهڻ، ڪوٽڙي، ۽ ٿاڻو بولاخان کي گڏي ڪري هڪ الڳ ضلعو، ڄام شورو ضلعو بنايو ويو آهي۔ دادو شهر لاء اهيو چيو وڃي ٿو ته هي شهر سورهين صدي جي وچ ڌاري آباد ٿيو هوندو، هن شهر تي نالو سيد دادو شاه عرف دادن شاه جي نالي تي رکيو ويو آهي، ۽ دادو کي پهرين دادن شاه جا ڀاڻ ڪري سڏيندا هئا۔ ۽ دادو شهر جي آدمشماري تقريبن 140000 ٻڌائي وڃي ٿي، ضلعي دادو هميشه وڏيون شخصيتون پيدا ڪيون آهن۔جهڙوڪ ۔۔۔ علامه آء آء قاضي، علامه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽه ، محترم سائين غلام مرتضه شاه جي ايم سيد ، تاج محمد صحرائي، علڻ فقير محسن ڪڪڙائي ، احمد ّخان مدهوش، ڪماالدين سولنگي، عبدالله شاه ، لياقت جتوئي، عبدالحميد جتوئي، منظور سخيراڻي، پير الاهي بخش، پير مظهرالحق، ڊاڪٽر قربان جهتيال، سڪينه سمون ٽي وي اداڪارا ، محمد سليم سولنگي، ماستر محمد اسماعيل وگهيوولد محمد قاسم وگهيو، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي،، عرفانه ملاح، امر سنڌو، ايم ايڇ پنهور، محمد بخش سميجو ٽي وي پروڊيوسير ، نور محمد شاه لاشاري ٽي وي اداڪار ، سيد ثابت علي شاه سنڌي مرثئي جو پهريو شاعر، عوامي شاعر ۽ عظيم انسان احمد شاه استاد بخاري (بقول ممتاز علي وگهيو ۔۔۔۔۔۔۔۔ دادو سان آ دل منهنجي دادو ۾ آ منهنجو ساه ، جنهن ۾ جيترو رکان چاه آ اوترو اڌورو ارواح ۾ )
انهن شخصيتن مان محترم عبدالله شاه صاحب سابقه وڏا وزير سنڌ پڻ هڪ آهن۔جنهن جو هت مختصر تعار ۽ هڪ يادگار وڊيو پيش ڪئي وڃي ٿي، جنهن ۾ هن سنڌ جي ماڻهن کي ان ڳالهه لاء زور ڀريو آهي ته اهي ڪراچي ۾ اچي آباد ٿين، ياد رهي ته هي تقرير ان دور جي آهي جڏهن ڪراچي ۾ سنڌين جو اچڻ ۽ رهڻ ڏکيو هو، ۽ هتان جي پناهگيرن سنڌ جي اصل وارثن سنڌين سان نمڪ حرامي ڪري انهن سنڌين سان وير وڌو هو۔ ۽ اسان جو عام سنڌي ڪراچي اچڻ لاء به تيار نه هو، سيد عبدالله شاه 1934ع ۾ دادو ضلعي جي هڪ ڳوٺ واهڙ ۾ پيدا ٿيا، شروعاتي تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪري دادو شهر جي پرمانند هرداس پائليٽ سيڪنڊري اسڪول مان ميئٽرڪ ڪيائون، پاڻ هڪ بهترين وڪيل رهي چڪا آهن. سندن سياسي تعلق پاڪستان پيپلز پارٽي سان هو، شاه صاحب اسپيڪر ، ڊپٽي اسپيڪر، صوبائي وزير، ۽ سنڌ جا وڏا وزير رهي چڪا آهن، پاڻ 1997ع کان 2007ع تائين جلاوطن پڻ رهيا، سيد صاحب سنڌ جا بهادر وڏا وزير سمجها ويندا آهن، سيد صاحب جي سندس ئي دور ۾ سندس ڀاء سيد احسان علي شاه کي ڪراچي ۾ فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو هو، جنهن جو الزام ڪراچي جي لوڪل پارٽي ايم ڪيو ايم تي لڳايو ويو هو، جنهن جي نتيجي ۾ ايم ڪيو ايم جي سربراه الطاف حسين جي ڀاء ۽ ڀائيٽئي جو قتل ٿيو، جنهن لاء پڻ اهيو چيو ويندو آهي ته اهو سيد عبدالله شاه پنهنجي ڀاء جو پلاند ورتو هو۔ باقي خبر الله کي۔ سيد صاحب يارويس ۽ دوستن جي ڪم اڃڻ وارو شخص هو، سيد صاحب 2007ع ۾ ڪراچي جي ضياء الدين اسپتال ۾ وفات ڪري ويا،
سيد عبدالله شاه صاحب جي هڪ يادگار تقرير