[justify]ڪاڪو آچار همانگير جي چوڻ تي چڙيا گهر جي نوڪري ڇڏي اها نوڪري (عاشق جي گذارش تي) عاشق جي حوالي ڪري نڪتو۔۔ ان کان پوءِ ڪاڪو آچار رڪشو ڪرائي تي وٺي هلائڻ لڳو! پنهنجي الڳ طريقي جي ڪري ڪاڪي آچار جو رڪشو ڏاڍو مشهور ٿي ويو۔۔ ڪاڪو اصل رڪشي کي ايئن پيو ڀڄائيندو هو ڄڻ هوائي جهاز۔۔۔ ٻيو ته ٺهيو پر جڏهن ڪو موڙ اچي ته اتي به ڪاڪو اصل سو جي اسپيڊ تي موڙ پيو ڪاٽيندو هو۔۔۔ هڪ ڏينهن هڪ جهونو، پاڻ واري ڪاڪي آچار جي رڪشي ۾ اچي ويٺو، ڪاڪي آچار جي اسپيڊ ۽ موڙ ڪاٽڻ جي حالت کي ڏسي جهوني چيو ۔۔۔ ڀائو ٿورو خيال ڪر! تون جڏهن اسپيڊ ۾ موڙ ٿو ڪاٽين! ته مون کي ڏاڍو خوف ٿو لڳي، دل ڏڪي ٿي وڃين۔! ڪاڪي آچار وراڻيو! جهونا! تون ڪُجهه به خَوف نه ڪر، جيئن مان ٿو ڪيان اونئين ڪر! جهونو: وڙا ! ڀلا تون اهڙي ڪهڙي شئي ٿو ڪرين! جو خوف ڪونه ٿو ٿئي؟؟؟ ڪاڪو آچار! جهونا ! بس جيئن ئي موڙ ٿو اچي ته مان پنهنجي اکين کي بند ٿو ڪري ڇڏيان۔۔۔۔۔ تون به ايئن ڪر، ڪجهه به خوف ڪونه ٿيندو[/justify]
جواب: مون وانگر۔۔۔ بس هاڻي ڪاڪي آچار سان ڪير پڄي ۔۔۔ مرضي جو مالڪ آهي رڪشو هلائي يا چڙيا گهر ۾ ڪم ڪري پر آ سمجهانٿو ته کيس وري چڙيا گهر ۾ وڃي ته سٺو ۔۔۔ پاڻ به بچندس ۽ عاشق جهڙا جهونا به بچي ويندا ۔۔۔ اسانجي ٻهراڙين ۾ اڳي ماڻهون ڇا ڪندا هئا جو گهڻو پنڌ هوندو هو ته جتي کڻي مٿي تي رکندا هئا ۽ پيرين اگهاڙي پنڌ ڪندا هئا ۔۔۔ شايد جتي بچائڻ خاطر يا وري جتي پيرن کي وڌيڪ ٿڪائيندي هين ۔۔۔؟ پر اڄ اهو رڪشو ڏسي اها ڪهاوت ياد اچي وئي ته ” جتي کي به وارو ملندو آهي” مطلب رڪشو پاڻ سواري جي ڪم اچي پر هن تصوير ۾ رڪشو پاڻ سوار آهي ۔۔۔ واه سائين واه
جواب: مون وانگر۔۔۔ اباڙي۔۔۔هاڻي عاشق جهونو مڙس۔۔۔هڪ اکين مان نظر پئي ڪون ٻيو وري عاشق حسن جو پوڄاري۔۔۔مري وياسين۔۔۔اسان جي سردار ڪاڪي آچار جيڪڏهن اسان تي اهو ڪم ڏنو آهي ته اسان ڪرڻ جي لا تيار آهيون۔با ڇا ڪجي ڏاڍي جي لٺ کي ڏھ مٿا۔۔۔۔۔با۔ خير همانگير کي به لڳا ڪاڪا آچار چڙيا گهر ۾ ٿڌا مٽ ڀري ويچارو بيروزگار آهي۔ ۽ ويچاري جا ننڍا ننڍا بچا آهن۔
جواب: مون وانگر۔۔۔ سٺي ڪوشش آهي ادا اڄ صبح جو ئي ڪاوش اخبار ۾ اهو لطيفو پڙهي چڪو آهيان مهرباني سدائين گڏ