ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
تلهار لائبريري جي هڪ مختصر رپورٽ

۽ اهيا به هڪ حقيقت آهي ته موجوده دور ۾ انٽرنيٽ لائبريرين جي اهميت گهٽائي ڇڏي آهي۔ ، ۽ انٽرنيٽ هڪ وڏي سهولت آهي ۽ نيت تي ڪافي ساريون گهرجون پوريون ٿئي وڃن ٿيون جيڪي ڪتابن ۾ ڳولڻ مشڪل آهي پر تنهن هوندي به تحقيق ڪندڙ ماڻهو لائبريرين ۾ وڃي ڪتاب پڙهڻ کي ترجيح ڏين ٿا، ۽ پنهنجي اسٽدي اتي ڪن ٿا، ۽ اڄ به توهان سنڌ جي مختلف شهرن ۾ وڃي ڪري ڏسو ته اتي اڃان به علم دوست لائبريرين ۾ اچن ٿا۔ مگر اهيو ضرور آهي ته انهن ۾ ڪتاب پڙهڻ وارا تمام گهٽ هوندا آهن بنسبت اخبارون پڙهڻ جي۔هڪ ته اسان وٽ سنڌ ۾ لائبريريون تمام گهٽ آهن ٻيو وري اهيو افسوس سان ٿو چوڻو پوي ته 2007ع ۾ شهيد محترمه بيمظير ڀٽو جي شهادت مهل ڪجهه ذاتي ڏوهاري ماڻهن موقعي جو فائدو وٺندي لٽ مار به ڪئي ۽ سنڌ جون ڪافي ساريون سرڪاري نيم سرڪاري بلڊنگن سان گڏ لائبريريون به ساڙي ڇڏيون هيون، جنهن جو جيترو افسوس ڪجي اهو گهٽ آهي۔ ۽ اهيا به ،هڪ دشمنن جي چال هئي، توهان تاريخ جي ڪتابن ۾ پڙهيو هوندو ته جڏهن به ڌارين سنڌ تي ڪاهه ڪئي آهي ۽ حملو ڪيو آهي ته انهن پهرين سنڌ جون لائبريريون ۽ ڪتب خانه ساڙايا آهن ته جيئن سنڌ جو عوام علم ادب، ۽ شعور کان پري رهي۔ ۽ اهيا به حقيقت آهي ته سنڌ ۾ لائبريرين قائم ڪرڻ ڏانهن ڪو به ڌيان ڏنو نه ٿو وڃي، ۽ اهيو ڪم حڪومت جو آهي مگر حڪومت جو ان طرف ڪو به ڌيان ڪونهي۔
۔ سنڌ سلامت جا ساٿيو هت مان توهان کي سنڌ جي شهر تلهار جي هڪ لائبريري جي رپورٽ پڻ ڏيکاريا ٿو اميد ته پسند ايندو۔ ۔