استاد بخاري انسان جي عظمت ۽ انسان جي ذلت ٻنهي کي ڳايو آهي ۽ ٻئي صورتون نروار ڪيون آهن ۔۔۔
انسان جو هن ڪائنات ۾ نيون نيون ايجادات ڪرڻ، ذري ذري کي بدلائڻ، فطرت سان مقابلا ڪرڻ ۔۔۔ وغيره وغيره
ٻي پاسي وري ڪوڙ، بي ايماني، ڦر لٽ ۽ ڪريل حرڪتون ڪري انسان پنهنجي رتبي کان تمام گهڻو ڪري پوي ٿو ۔۔۔
ان ڏکايل صورت کي بيان ڪندي استاد جو روح تڙپي ٿو ۽ التجا ڪري ٿو ته هن عظيم هستي کي ڪو سمجهائي ته هو ايترو ڪري ڇو ٿو پوي ۔۔۔؟
رب ڪري ته اسين پاڻ کي سڃاڻي سگهون ۽ اشرف المخلوقات ۽ الله جي خليفي جي رتبي جو مان رکون ۔۔۔ آمين