نثارابڙو
نائب منتظم
نوٽ؛ ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ ذاتي ميل مليو، ادي ممتاز بٍجير پنهنجو لکيل گيت مونڏانهن موڪليو هو ۽ ان ۾ گيت سان گڏ اها فرمائش هئي ته آ سندس گيت جي چترڪاري ڪري پيش ڪريان ۔۔۔ آ سمجهان ٿو ته ادي شايد نثار ناز کي موڪلڻ ٿي گهريو ڇاڪاڻ ته آ ڪو سٺو چترڪار يا ڪو ڊزائينر آهيان ڪون ۔۔۔ پر پو به مون انڪار نه ڪيو ۔۔۔
دوست بجير! جيتوڻيڪ آ ڪو چترڪار ناهيان ٻي ڳالهه ته مصروفيت ايتري آهي جو تمام ٿورو وقت ڪڍي سنڌ سلامت جي دوستن سان سلام دعا ڪري وٺندو آهيان، انڪري معاف ڪجو مون اوهانجي دل رکڻ خاطر هي ڪم ڪري ونڊ ڪريانٿو ۔۔۔ اميد ته آئينده اوهان پاڻ ئي اهو ڪم ڪندا يا وري سٺي ڪنهن چترڪار دوستن جي مدد وٺندا جيئن اڳ به اوهانجا نظم اسانجو دوست پيش ڪندو رهيو آهي ۔۔۔ ٻي ڳالهه ته هڪ يا ٻن اکرن جو واڌارو پڻ ڪيو اٿم، ممڪن مون غلط ڪيو هجي، اوهان ئي سهي سمجهي سگهو ٿا ...
دعائن ۾ گڏ ۔۔۔
**************دوست بجير! جيتوڻيڪ آ ڪو چترڪار ناهيان ٻي ڳالهه ته مصروفيت ايتري آهي جو تمام ٿورو وقت ڪڍي سنڌ سلامت جي دوستن سان سلام دعا ڪري وٺندو آهيان، انڪري معاف ڪجو مون اوهانجي دل رکڻ خاطر هي ڪم ڪري ونڊ ڪريانٿو ۔۔۔ اميد ته آئينده اوهان پاڻ ئي اهو ڪم ڪندا يا وري سٺي ڪنهن چترڪار دوستن جي مدد وٺندا جيئن اڳ به اوهانجا نظم اسانجو دوست پيش ڪندو رهيو آهي ۔۔۔ ٻي ڳالهه ته هڪ يا ٻن اکرن جو واڌارو پڻ ڪيو اٿم، ممڪن مون غلط ڪيو هجي، اوهان ئي سهي سمجهي سگهو ٿا ...
دعائن ۾ گڏ ۔۔۔

ڪــــي ويهي گيت لکياسين
ڪــــي هاري لڙڪ ويٺاسين
ڪنهن بارش جي رم جهم ۾
ڪنهن سڏڪن جي گونجن ۾
اڌوري راتين جي پهرن ۾
ها تنهنجي پريت پيا سن ۾
ڪي ويهي گيت لکياسين
ڪي هاري لڙڪ ويٺاسين
تنها شام جي لامن ۾
سرد هوا جي جهونڪن ۾
لڙهندي درد جي لهرن ۾
وکري ويل پنهنجي ٽهڪن ۾
ڪي ويهي گيت لکياسين
ڪي هاري لڙڪ ويٺاسين
ڪينجهر جي مست ڇولين ۾
ٿر جي خاموش سحرائين ۾
ڀٽڪندڙ هن کنڊر جيون ۾
وڃايل پنهجي محبتن ۾
ڪي ويهي گيت لکياسين
ڪي هاري لڙڪ ويٺاسين
ممتاز علي بجير
ڪــــي هاري لڙڪ ويٺاسين
ڪنهن بارش جي رم جهم ۾
ڪنهن سڏڪن جي گونجن ۾
اڌوري راتين جي پهرن ۾
ها تنهنجي پريت پيا سن ۾
ڪي ويهي گيت لکياسين
ڪي هاري لڙڪ ويٺاسين
تنها شام جي لامن ۾
سرد هوا جي جهونڪن ۾
لڙهندي درد جي لهرن ۾
وکري ويل پنهنجي ٽهڪن ۾
ڪي ويهي گيت لکياسين
ڪي هاري لڙڪ ويٺاسين
ڪينجهر جي مست ڇولين ۾
ٿر جي خاموش سحرائين ۾
ڀٽڪندڙ هن کنڊر جيون ۾
وڃايل پنهجي محبتن ۾
ڪي ويهي گيت لکياسين
ڪي هاري لڙڪ ويٺاسين
ممتاز علي بجير