ڪاش! سنڌ ۾ به انسانيت ڀريو آواز هجي ها

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏8 فيبروري 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ ! 31 لاش ۽ 50 زخمي شهري ڏنا ويا

    وينگس

    [​IMG]

    [JUSTIFY]اڄ تائين مان سمجهي نه سگهي آهيان ته آخر هڪ انسان ٻئي انسان کي دوکو ڏئي ۽ قتل ڪيئن ڪري سگهي ٿو؟ ان جا هٿ ڇو نه ٿا لرزن؟ اهي سڀئي ڪيترو نه آساني سان ٻئي جي معصوميت سان کيڏي وڃن ٿا. شايد انهن لاءِ ئي چيو ويو آهي ته انهن جي اندر ۾ دل ۽ حس ئي ناهي جو اهي محسوس ڪري سگهن ته صحيح ۽ غلط وچ ۾ ڪهڙو فرق آهي. بيحس انسان به معاشري اندر ملي ويندا آهن.

    انهن بيحس انسانن جي ڪري ئي معاشري ۾ ناانصافي ۽ ٺڳي بازين جهڙا ناسور موجود آهن. هڪ طرف بيحس انسان ته ٻئي طرف وري دنيا ۾ شين جا پيمانا جوڙيل آهن ته ڪنهن ڪنهن تي ڳالهائڻ گهرجي.

    مون کي ياد آهي ڪراچي ۾ ڪجهه وقت اڳ ڪلفٽن ۾ هڪ نينگريءَ سان بدتميزي ڪئي وئي جنهن تي ڪهڙي ڌر نه هئي جنهن کي انسانيت ياد آئي هجي جن جي ننڊ حرام ٿي هجي. هر هڪ مرلي وڄائي انسانيت جا گيت ڳايا... پر اتي ئي ڪنهن ڪڏهن ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن لٽجندڙ زندگين تي آواز اٿاريو؟ زينب ڀيو تي ڪنهن ڳالهايو؟ قومي اسيمبليءَ جي ميمبر مارئي ميمڻ پريس ڪانفرنس ۽ اسيمبليءَ ۾ آواز اٿاري خاموش ويهي رهي.
    ان کانپوءِ ڪنهن ڪجهه نه ڪڇيو جڏهن ته ڪراچي ۾ ٿيل ڪلفٽن ڪيس تي جيئن آواز اٿاريو ويو ان تي اسان به چيوسين ته توهان کي انسانيت جو درد آهي سڀني چيو بلڪل ... بلڪل ...! ۽ جڏهن اسان چيوسين ته توهان زينب ڀيو تي به ڪجهه لکو ۽ اسان کي چيو ويو ته توهان غلطي تي آهيو دراصل هوءَ زينب ڀيو نه پر زينت ڀيو آهي ۽ ان جو ريپ نه ٿيو هو. ڏيو منهن! هاڻي انهن اسان کي نالي جي درستگي به غلط ڪئي ۽ ڪيس کي پڻ غلط پيش ڪيو. ڇا اهڙي معاشري ۾ اسان انسانيت جا ٻول ٻولي به حاصل ڪري سگهون ٿا؟

    5 فيبروري 2011 ع تي 31 لاش ۽ 50 ماڻهو زخمي ڪيا ويا. 31 لاش ملڻ گهٽ انگ ناهي، اهي 31 ماڻهو قتل ۽ 50 ماڻهو زخمي ناهن ڪيا ويا ۽ نه ئي اهي مصر جي روڊن تي حسني مبارڪ خلاف احتجاجن دوران قتل ڪيا ويا آهن، اهڙو ڪجهه نه ٿيو آهي. ان ۾ آمريڪين جي ڊرون حملن جو به هٿ ناهي ۽ نه ئي ڪنهن خودڪش حملو ڪيو آهي.

    اسان جي اخبار جنهن ۾ هر خبر اندر هڪ لاش پيل آهي جنهن جي هر پاسي کان قتل ٿيل معصوم انسانن لاش ۽ زخمين جو تصويرون آهن. ۽ هينئر جڏهن انهن 31 گهرن ۾ سوڳ آهي، جيڪي زخمي حالتن ۾ آهن اهي ڪهڙي ڪيفيت ۾ آهن؟ ڪنهن کي ڪيترو نقصان رسيو آهي؟ اسان جي ڄاڻ ان حوالي اسان اڌوري آهي، بس ايترو ٻڌايو ويو آهي ته 50 زخمي ٿيا آهن.

    آچر جي عبرت اخبار جنهن کي هٿ ۾ کڻڻ سان اندر ۾ درد اچي گهيرو ڪري ڏنو . 18 خبرن مون کي قتل ۽ زخمين جي ڄاڻ ڏني، مان اخبار ۾ ڇا پڙهان ۽ ڏسان جيڪي خبرون مون کي رڙيون ڪري ٻڌائي رهيون آهن ته سنڌ جا 81 گهر سوڳ ۾ ورتل آهن.

    مان هتي اهي 18 خبرون پڙهندڙن آڏو رکڻ چاهيندس :

    گمبٽ لڳ ٽرڪ ۽ ويگن جو ٽڪر، ايڌي سينٽر جي 6 ملازمن سميت 10 ڄڻا فوت ۽ 10 زخمي.

    ڪراچي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ فائرنگ، 7 ماڻهو قتل، 3 زخمي هڪ ڦاهو کاڌل لاش مليو.

    بوزدار وڏا لڳ ڇتي ڪتي جو ڏاڙهيل نوجوان قتل،

    نوري آباد ڀرسان ٻن ٽرالرن ۾ ٽڪر ٿيڻ سبب هڪ ڄڻو فوت ۽ ٻيو زخمي

    سجاول جوڻيجو ويجهو ٽريڪٽر جي ٽڪر ۾ عورت فوت،

    ٽنڊو محمد خان ڀرسان پورهيتن سان ڀريل پڪ اپ ڪلٽي، 7 ڄڻا فوت ۽ 8 زخمي.

    سجاول لڳ پيرسن سوزڪي مان ڪرڻ سبب فوت.

    ميرپور خاص ويجهو ڪوچ ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت ۽ 24 مسافر زخمي.

    ميهڙ لڳ مشهور ڌاڙيل عنايت سهاڳ پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو.

    ڦلجي لڳ گهر مان چوري دوران ڀاڳين جي فائرنگ ۾ هٿياربند مارجي ويو.

    قمبر ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار نوجوان ناري ۽ همراهه کي قتل ڪري ڇڏيو. ڳوٺ شريفاڻي ۾ جوابدار خدابخش چانڊيو پنهنجي 16 سالن جي ڀائٽي مارئي کي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪيو. جوابدار گهر ٻاهران بيٺل 30 سالن جي شادي شده نوجوان روشن چانڊيو کي الزام ۾ قتل ڪري ڇڏيو.

    شهداد ڪوٽ ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ ٻٽو قتل، جوابدار محمد علي مگسي پنهنجي ڀاڄائي ليلا خاتون ۽ پاڙيسري نوجوان کي قتل ڪيو.

    شڪارپور ڀرسان ڪارنهن الزام تان پيءٌ هٿان ڌيءَ فائر ڪري قتل.

    لاکا ڀرسان ناري گولي لڳڻ سبب فوت خودڪشي جو چوٻول.

    ٻانڌي لڳ جٽ ۽ آرائين برادري ۾ جهيڙي دوران ٻه ڄڻا قتل ٿي ويا.

    ٺل لڳ گم ٿي ويل همراهه جو لاش مليو.

    ڪڪڙ ڀرسان ڪوچ جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار نوجوان چيڀاٽجي فوت.

    ماتلي ۾ ڪار ۽ چنگچي ۾ ٽڪر جنهن ۾ 8 زخمي ٿي پيا.

    مٿان خبرون هر روز اسان جي آڏو هڪ ٻه خبرن جي روپ ۾ اينديون رهن ٿيون پر هاڻي انهن جا انگ وڌي ويا آهن. 5 فيبروري جي ڏينهن تي 18 خبرن 81 گهرن کي ماتم ڏئي ڇڏيو آهي.

    هي سڀ ڪجهه ڇا لاءِ ٿيو؟ جيڪڏهن معاشري ۾ انصاف ڀريون اکيون هجن ها ۽ رياست اندر رياستي ٽولا ٺهيل نه هجن ها، جن مافيا گروهن کي ئي جنم ڏنو آهي. اڄ اسان وٽ 81 گهر ماتم ۾ نه ورتل هجن ها. هڪ طرف رياستي ناانصافي ۽ ادارن جي شڪل ۾ مافيا گروهه ويٺل آهن. اتي ئي ليڪا پاتل هٿ پڻ آهن جن انسانيت کي مخصوص گروهن لاءِ رکي ڇڏيو آهي. ڇا ڪنهن به سنڌ ۾ 31 لاشن ۽ 50 زخمين تي آواز اٿاريو آهي؟

    مون کي ياد آهي ته هڪ پوڙهي عورت مون کي چيو هو ته امڙ جنهن جا جسم چيريل هوندا انهن کي ئي خبر هوندي ته زخم ۽ درد جي ڪيتري تڪليف آهي..!!!

    هن ملڪ جو ئي رياستي نظام محدود حدن ۾ ناهي پر اسان وٽ انسانيت جا پيروڪار به محدود حدن اندر بيٺل آهن، انهن کي وڏن شهرن جي روڊن تي ناانصافي نظر اچي ٿي پر ننڍن گهرن ۾ ماتم ڇو نه ڏسڻ ۾ آيو؟

    ڇا 81 گهرن ۾ انسان نه پيا رهن؟ ڇا انهن لاءِ انساني حق ناهن؟ اسان به پڇڻ چاهيون ٿا ته 81 گهرن ۾ رهندڙن کي ڪٿي شامل ڪندوء؟

    ڇا 81 گهرن کي ان ڪري نه ياد ڪيو ويو جو اهي سنڌ ۾ اچن ٿا؟

    مون لاءِ سمجهڻ مشڪل ناهي،
    ۽
    نه ئي مون ڪنهن شيءِ کي منجهايو آهي،
    بس!
    مون تسليم ڪري ورتو آهي،
    ته منهنجي حصي ۾ ٻن حصن واري دنيا آئي آهي،
    هڪ ماضي (تاريخ) واري دنيا،
    جتي بهادر ڪردار ويڙهه ڪندڙ هئا،
    ۽ ٻئي موجوده جتي هر هڪ ڪنڊ سنڀالي سمجهوتي جا ڪارڊز کيڏڻ شروع ڪيا آهن،
    ها! منهنجو ماضي خوبصورت هو، بهادر هو،
    ۽ منهنجو هاڻوڪو دور ائين ناهي،
    ها! مون پنهنجي بزدل موجوده دور کي قبول ڪيو آهي. (هلينا)


    ڪاش! سنڌ ۾ به انسانيت ڀريو آواز هجي ها ۽ هن رياست جون انصاف ڀريون اکيون اِنهن 81 گهرن تي پئجي سگهن ها. ۽ اسان به دل تي هٿ رکي چئي سگهون ها ته اسان جي ارد گرد بيحس انسان نه پر انسان به موجود آهن.
    ڪاش! اسان لاءِ به انسانيت ۽ انصاف جي ديوي هجي ها.[/JUSTIFY]

    veengas.yasmeen@yahoo.com

    روزانه عبرت تان ورتل
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڪاش! سنڌ ۾ به انسانيت ڀريو آواز هجي ها

    ادا وساڻ! اها شايد هڪ ڏينهن جي خبر آهي ۔۔۔ ۽ اهي خبرون جيڪي ڪٿي ٻڌايون ويون آهن پر اهڙا ڪيترائي قتل ۽ حادثا آهن جن جي ڪنهنکي خبر نه به پئي آهي ۔۔۔ ڇاڪاڻ اسانجا ڪئي ڳوٺ آهن جيڪي ڪنهن اخباري رپورٽر جي پهچ کان به پري آهن ۔۔۔

    دنيا جي ملڪن ۾ هڪ انسان جي قيمت قوم ۾ هڪ نئون رخ اختيار ڪندي آهي، قانون تيار ٿي ويندا آهن ۽ مشينري حرڪت ۾ اچي ويندي آهي ته جيئن مستقبل ۾ ائين نه ٿئي ۔۔۔ پر اهو سڀ ڪجهه آزاد ۽ سڌريل قومن ۾ ٿيندو آهي ۔۔۔ پر سنڌ ۾ ائين نه ٿيندو ۽ نه ٿي رهيو آهي ۔۔۔ ڇاڪاڻ غلام قومن جي ڪا قدر يا قيمت نه هوندي آهي ۔۔۔

    بس هڪ ئي آسرو آهي ۔۔۔ رب العالمين جو ۔۔۔ رب ڪري ته سنڌ آزاد ۽ خودمختيار ٿي سڌريل ملڪن ۾ شمار ٿئي ۔۔۔ آمين

    لک ٿورا سڻو ليک ونڊ‌ڪيو اٿوَ ۔۔۔
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڪاش! سنڌ ۾ به انسانيت ڀريو آواز هجي ها

    ادا سليمان ادي ”وينگس“ بلڪل سچ لکيو آهي، اخبارن سان اسان جي سنڌ ۾ ٿيندڙ‌ ڏاڍ جون خبرون وائکيون ٿين پيون پر انهن تي ڪو تحرڪ ڪونه پيو ورتو وڃي۔۔۔ ڪا اجتماعي ڪوشش ڪئي وڃي ته اهڙن قسمن جي قتلِ عام کي روڪجي، ڪٿي الزامن ۾ قتل ته ڪٿي وري الزامن ۾‌ توهين ​
     
  4. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ڪاش! سنڌ ۾ به انسانيت ڀريو آواز هجي ها

    هي آهي پاڪستان جتي ڪنهن جي به جان محفوظ نه آهي.
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو