سچي دوستيءَ کي زوال اچي رهيو آهي!؟

'مختلف موضوع' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏8 فيبروري 2011۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سچي دوستيءَ کي زوال اچي رهيو آهي!؟​
    ۔

    [​IMG]
    ۔ ليکڪ : مرتضيٰ سيال
    افلاطون چوي ٿو ته “کوڙ سارا نقصان ماڻهوءَ کي اُن ڪري به ڳچيءَ ۾ پوندا آهن جو هو ٻين کان راءِ ناهي وٺندو.” اسين جڏهن سوچيندا آهيون ۽ فيصلا ڪندا آهيون ته اُن ڳالهه کي ئي صحيح ۽ مناسب سمجهندا آهيون جيڪا پاڻ سوچيندا آهيون ۽ پاڻ ئي فيصلو ڪندا آهيون. ٻين کان راءِ وٺڻ يا صلاح وٺڻ جي ضرورت محسوس ناهيون ڪندا ۽ پوءِ افلاطون چواڻي کوڙ سارا نقصان ڳچيءَ ۾ پئجي ويندا آهن. جگجيت سنگهه جي آواز ۾ ڳايل هڪ غزل جو بند آهي ته:
    جب ڪسي سي دوستي ڪي جائي
    دشمنون سي ڀي راءِ لي جالي​
    .​
    پر اسان وٽ ٻين کان راءِ وٺڻ ۽ ٻين جي ڳالهه ٻڌڻ جو رواج ئي ڪونهي. ٻين معاملن ۾ ته ٺهيو پر دوستي ڪرڻ ۽ دوستي ٽوڙڻ ۾ به ڪنهن جي راءِ وٺڻ ضروري ناهيون سمجهندا. اهڙي طرح ڪڏهن ڪڏهن سٺا دوست پاڻ ئي پاڻ کان پري ڪري ڇڏيندا آهيون. اٻهرائپ، ناسمجهي ۽ ڪوڙي انا جي ڪري دوست جون ڪيل چڱايون، نيڪ نيتي ۽ خلوص به وسري ويندو آهي. پنهنجي بيوقوفي واري سوچ کي صحيح مڃرائڻ لاءِ عجيب قسم جا دليل ڏيندا رهندا آهيون. ڳالهه ۾ ڪجهه به ناهي هوندو پر “نوڙيءَ کي نانگ” بڻائڻ واري چوڻي جيان ننڍڙين ننڍڙين ڳالهين کي وڏو اشو بڻائي پيش ڪيو ويندو آهي. ان سان ٻيو ڪجهه ٿئي يا نه پر اهو نتيجو ضرور نڪرندو آهي جو سالن کان گڏ رهندڙ سٺا دوست به هميشه لاءِ الڳ ۽ هڪ ٻئي کان بدظن ٿي ويندا آهن.
    ارسطو چوي ٿو ته “منهنجا دوستو‍! دنيا ۾ دوست آهن ئي ڪو نه، ان ڪري اجايا آسرا نه ڪريو.” اڄڪلهه جي صورتحال ۽ روين کي سامهون رکجي ته ارسطو جي ڳالهه سورهن آنا سچ محسوس ٿي رهي آهي. ڪو زمانو هو جو دوست دوستن لاءِ وڏي کان وڏي قرباني ڏيڻ کان به نه ڪيٻائيندا هئا، دوستن جي تڪليف کي پنهنجي تڪليف سمجهيو ويندو هو ۽ دوستن جي تڪليف دور ٿيڻ تائين ننڊ ڦٽل هوندي هئي پر هاڻي ائين ناهي. ممڪن آهي ته لکن يا هزارن ۾ هڪ اڌ ڪيس اهڙو هجي، جنهن ۾ اڄ به اهڙا دوست هجن پر لازوال دوستي جي مثالن کي زوال اچي ويو آهي ۽ دوستي جي کير جهڙي اڇي اُجري رشتي ۾ به مفادن جي ملاوٽ عام ٿي وئي آهي. دوستي ۽ پبلڪ رليشنس ۾ ڪو به فرق ناهي رهيو. انسانن جي جهنگ ۾ ٻين ڪيترن ئي جاندارن جيان “دوستن” جو نسل به خطري ۾ پئجي ويو آهي. هونئن ته هر ڪنهن وٽ دوستن جي ڊگهي لسٽ هوندي آهي پر جڏهن اڪيلائيءَ ۾ ويهي دوستيءَ جي فلسفي تي سوچيندؤ ۽ اُن فلسفي تي پورو لهندڙ دوست جي ڳولا ڪندؤ ته ڪو به اُن معيار تي پورو نه لهندو‍! جيڪڏهن ائين ناهي ۽ اوهان جو ڪو اهڙو دوست آهي جيڪو دوستي واري معيار تي پورو لهي ٿو ته سمجهي وٺو توهان دنيا جا خوشنصيب ترين انسان آهيو، ڇا لاءِ ته جنهن شخص وٽ هڪڙو به سچو دوست آهي اهو ڪڏهن به “اڪيلو” يا “ناڪام” ٿي نه ٿو سگهي.
    جيڪڏهن اوهان جي زندگيءَ ۾ سٺا ۽ سچا دوست آهن ته انهن سان دوستي واري خوبصورت رشتي کي قائم رکڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندا رهو، ڪو دوست ڪنهن ڳالهه تي ناراض به ٿي وڃي ته سڀئي حيلا هلائي اُن کي پرچائي وٺو. سقراط چيو آهي ته “اهو ماڻهو ئي ڪهڙو جنهن کان اُن جا دوست ناراض رهن.” دوستي جي حوالي سان ڪڏهن به جذباتي فيصلو نه ڪريو، سوچ، سمجهه ۽ عقلمندي کان ڪم وٺندي فيصلا ڪريو. ڪجهه به وڃائڻ سان اُن کي ٻيهر حاصل ڪري سگهجي ٿو پر دوست وڃائڻ سان اڪيلائي ئي ملي سگهي ٿي.
    سگمنڊ فرائڊ چيو آهي ته “جذباتي فيصلا صرف وقتي خوشي ڏيندا آهن” تنهنڪري وقتي خوشي لاءِ ڪو سٺو دوست وڃائڻ وڏي بيوقوفي ئي ٿي سگهي ٿي. اسان مان هر ڪو دوستن مان ته سٺيون اُميدون رکندو آهي ۽ چاهيندو آهي ته دوست اُن سان سٺو هلن ۽ هروقت مددگار رهن پر ڪير به پاڻ سٺو ۽ مددگار ٿيڻ لاءِ تيار ناهي هوندو. جيڪي ماڻهو رڳو وٺڻ جي خواهش رکندا آهن ۽ ڏيڻ سکيا ئي ناهن انهن سان دوستي واري تعلق ۾ ڪير به گڏ هلي نه ٿو سگهي. دوستي جو ناتو جيترو مضبوط آهي اوترو ئي نازڪ به آهي، سٺا دوست انهن ئي ماڻهن کي ملندا آهن جيڪي پاڻ به سٺا دوست هوندا آهن ۽ دوستي جيتري پراڻي هجي اوتري ئي پائيدار هوندي آهي. ارسطو سچ چيو آهي ته “هر نئين شيءِ سٺي هوندي آهي پر دوست پراڻو سٺو هوندو آهي.”
    سچو دوست بڙ جي اُن گهاٽي وڻ جيان آهي جنهن جي ٿڌي ڇانو ۾ پهچڻ سان سڀئي ٿڪ لهي ويندا آهن. سچائي بنيادي نقطو آهي جنهن کانسواءِ دوستي بي معنيٰ ٿي وڃي ٿي. اها به تمام وڏي حقيقت آهي ته سچن ماڻهن کي ئي سـُـٺا دوست ملي سگهن ٿا. جابر بن يوسف جي لفظن ۾ “سچو ماڻهو مختصر دوستن ۾ ڊگهي زندگي گذاريندو آهي.” خود غرضي ۽ مفادپرستي ۾ ننڍڙا فائدا ته نظر ايندا آهن پر اُن سان اسين جيڪي وڏا نقصان ڪندا آهيون اهي نظر ناهن ايندا. ننڍين ننڍين ڳالهين جي ڪري پنهنجا سٺا دوست وڃائيندڙن جون اکيون اُن وقت کلنديون آهن، جڏهن مٿن ڪو ڏکيو وقت ايندو آهي. ڏکئي وقت ۾ سٺن دوستن جو احساس ۽ قدر ته پيدا ٿي ويندو آهي پر اُن وقت تمام گهڻي دير ٿي چڪي هوندي آهي. پوءِ صرف ۽ صرف پڇتاءُ ئي پلئه پوندو آهي. خودغرضي انسان جي وڏي دشمن آهي، گرو نانڪ چيو آهي ته “خود غرض انسان کان وڌيڪ برو ڪو به ناهي.”
    اسين سڀني معاملن تي برابري وارا رويا اختيار ڪريون ۽ هر معاملي جي ايمانداريءَ سان تڪ تور ڪريون ته اسين نه رڳو حقيقت پسند بڻجي وينداسين پر پنهنجا سٺا دوست پاڻ کان پري ڪرڻ وارين غلطين کان به پري رهي سگهنداسين، جيڪا چڱائي اسين دوستن کان چاهيون ٿا اهڙي چڱائي پاڻ به دوستن سان ڪندا رهون ته هڪ ٻئي لاءِ عزت ۽ احترام به قائم رهندو ۽ هڪ ٻئي جي دوستيءَ تي فخر به ڪري سگهبو. سقراط چوي ٿو ته “پنهنجي دوست جي عزت کي پنهنجي عزت سمجهو.” هڪ ٻيو ڏاهو چوي ٿو ته “آسمانن کان به بـُـلند شيءِ دوست جو اعتماد آهي.” هونئن ته سڀني رشتن جو بنياد اعتماد تي ئي هوندو آهي پر دوستي ۽ اعتماد بلڪل ائين آهن جيئن هڪ سڪي جا ٻه پاسا. جنهن دوستي ۾ اعتماد ختم ٿي وڃي اتي ڪجهه به باقي نه ٿو رهي، جيڪي شخص دوستن جو اعتماد وڃائي ويهن ٿا اهي ڪنهن لاءِ به قابلِ اعتماد يا قابل عزت نٿا بڻجي سگهن. اڪثر ماڻهن کي خوشامد ۽ تعريف تمام گهڻي وڻندي آهي، هونئن ته تعريف کي پسند ڪرڻ انساني فطرت ۾ شامل آهي پر سمجهدار ۽ فضيلت ڀريو انسان ڪوڙي تعريف کي ناپسند ڪندو آهي. اهي ماڻهو دوست هرگز ناهن جيڪي ڪوڙي تعريف ڪن ٿا ۽ اُهي به ڀروسي جهڙا دوست نه ٿا ٿي سگهن جيڪي ڪوڙي تعريف ۽ خوشامد کي پسند ڪن ٿا. حضرت علي عليه رضه جن کان هڪ شخص سوال ڪيو ته، “سائين، سچو دوست ڪهڙو هوندو آهي؟” حضرت علي سائين جواب ڏنو “اهو شخص اوهان جو سچو دوست آهي جيڪو اڪيلائيءَ ۾ توهان کي توهان جون خاميون ٻڌائي.” امام احمد بن حنبل چيو آهي ته “دشمن کان هميشه بچو، پر دوست کان اُن وقت جڏهن اُهو توهان جي تعريف ڪرڻ شروع ڪري.” ڪنهن ڏاهي جي اِها ڳالهه به حقيقت تي مبني آهي ته “نيڪ ماڻهوءَ جي دوستي دل کي تازگي بخشيندي آهي.”
    سٺن دوستن جي ضرورت ۽ خواهش ڪرڻ به چڱي ڳالهه آهي پر وڌيڪ سٺي ڳالهه اها آهي ته پاڻ سٺا دوست بڻجون. سٺو دوست بڻجڻ سان ئي سٺا دوست ملي سگهن ٿا. اهي ماڻهو تمام گهڻا غريب آهن جن جي زندگيءَ ۾ سٺا دوست ناهن.
    اهي دوست جيڪي رڳو وٺڻ سکيا آهن ۽ دوستي جهڙي خوبصورت رشتي جي تڪ تور به مفادن جي ساهميءَ سان ڪن ٿا انهن کي آئون اهو عرض ڪرڻ چاهيندس ته پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي ايمانداريءَ سان ڇنڊڇاڻ ڪن جيئن اهي خودغرضي کان به ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهن ۽ سٺا دوست بڻجي دوستيءَ جو مزو به ماڻي سگهن بشڪريه سنڌ ميل .
     
  2. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سچي دوستيءَ کي زوال اچي رهيو آهي!؟


    دوستي کي سمجهڻ ۽ نڀائڻ لا تمام قيمتي معلومات ڏي وئي آهي هن مضمون ۾ شل الله تعالى عمل ڪرڻ ۽ دوستي نڀائڻ جو گڻ پيدا ڪرڻ جي توفيق عطا ڪري ۔
    مهرباني
     
  3. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: سچي دوستيءَ کي زوال اچي رهيو آهي!؟

    سائين منهنجا آسلآم عليڪم۔ماء جي رشتي کانپوا دوست جو رشتو بغير لالچ جوهوندو آهي۔آنگلش ۾ چوڻي آهي ت *a man is known from his company which he keeps*ان مان صاف ظاهر آهي ت جيڪڏنهن توهان جا دوست سٺا آهن ت توهين ب سٺا آهيو ن ت ن ۔رشن آرمي جڏنهن پرتگال تي قبضو ڪيو ت عوام تي ڏاڍو ظلم ڪيو جنهن جي ڪري ماڻهن جي دلين ۾ هنن جي تمام گهڻي نفرت پيدا ٿي ويئي۔هڪ ڏينهن هڪ رشن فوجي هڪ سولين پرتگالي کان پڇو ت هو رشن فوجين کي ڀاء ٿا سمجهن يا دوست؟ پرتگالي جواب ڏنو *ڀاء*,دوست ت سوچي سمجهي سٺو ماڻهون ٺاهيبو آهي ،جڏهن ت ڀاء آلله پاڪ جي طرف ڏنل آهي ،ڪهڙو ب هجي برداشت ڪرڻو آهي۔توهان جا سچن دوستن جي باري ۾ ويچار تعريف جي قابل آهن۔جس هجو۔آلله پاڪ هميشه خوش رکوئي ۔آمين
     
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: سچي دوستيءَ کي زوال اچي رهيو آهي!؟

    هڪ جنگ ۾ ويڙهه دوران ٻن فوجي دوستن منجهان هڪ کي گوليون لڳڻ ڪري شديد زخمي ٿي ڪري پيو جڏهن ته ٻيو دوست ڊوڙيندي ڪافي اڳتي نڪري ويو ۔۔۔ پنهنجي دوست کي پوئتي نهارڻ سان نه ڏسي هو پوئتي مڙيو ته سندس ڪمانڊر چيو ته تنهنجو دوست ويڙهه ۾ شديد زخمي ٿي پيو آهي ۽ هو مري ويو هوندو ۔۔۔ واپس وڃي تون پاڻ‌کي به مارائيندي بس اڳتي ڊوڙ ته جيئن دشمن کي پري ٿيجي۔۔۔ پر فوجي ڪمانڊر جي حڪم کي نه مڃيو ۽ واپس موٽيو ۔۔۔ ٿوري ئي دير ۾ پنهنجي دوست جي لاش کي کڻي جڏهن واپس پهتو ته کيس ڪمانڊر چيو ته مون توکي غلط ته نه چيو تنهنجو دوست مري چڪو آهي۔۔۔۔
    ان تي فوجي کيس جواب ڏنو۔۔۔ ”نه سر جڏهن مان سندس وٽ واپس پهتس ۔۔ ته هن مون کي ڏسي مسڪرايو ۽ چيو ته مون کي خبر هئي ته تون واپس ايندي۔۔۔۔ ۽‌ پوءِ دم ڏنائين۔۔۔ مون پنهنجي دوستي نڀائي“
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو