جواب: رهنمائي جي ضروت
محترم دوست غلام مصطفى صاحب توهان جي سوال کي مان ٽن حصن ۾ ڪري جواب ڏيندس۔۔۔۔
اسان جڏهن به ڪو نئون آرٽيڪل لکڻ کانپوء موڪليندا آهيون ته اهو فيل ٿي ويندو آهي پيج تي لکجي آيندو آهي ته توهان لاگ آن نه آهيو
دوست ان سلسلي ۾ عرض ته سنڌ سلامت فورم تي لاگ ان ٿيڻ کان پوءِ ڪو پيج نه کولڻ دوران هڪ وقت مقرر ٿيل آهي جنهن جا ڪجهه ته ٽيڪنيڪل سبب آهن جڏهن ته هڪ سبب اهو به آهي ته جيئن مرڪزي صفحي ته موجود فورم جي اسٽيٽڪ واضح هجي ته فورم تي ڪيترا رڪن موجود آهن۔۔۔ مون کي لڳي ٿو توهان ڪنهن به آرٽيڪل لکڻ دوران مقرر ڪيل وقت کان وڌيڪ وقت وٺو ٿا۔۔۔ جنهن ڪري لاگ آئوٽ ٿي ويندا هوندا۔۔۔ ان جو هڪ حل اهو آهي ته آرٽيڪل لکڻ کان پوءِ
Ctrl+A پريس ڪري لکيل آرٽيڪل کي سليڪٽ ڪريو ۽ هڪ دفعو ڪاپي واري ڪمانڊ
Ctrl+C استعمال ڪندي پنهنجي لکيل تحرير کي ڪاپي ڪري وٺو ته جيئن غلطي جي صورت ۾ توهان وٽ مواد ڪاپي طور موجود رهي۔۔۔ جڏهن ته ٻي صورت ۾ لاگ ان ٿيڻ دوران ”مونکي هر دفعي يادرکو “ جملي ڀرسان موجود چيڪ باڪس تي چيڪ لڳائي ڇڏيو۔۔۔ جنهن کان پوءِ اميد ته توهان لاگ آئوٽ نه ٿيندو۔۔۔۔
،وري جڏهن ٻيهر لاگ ان ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون ته لکجي ايندو آهي ته اوهان پهريون ئي لآگ ان هو انڪري پيج کي تازو ڪيو ۽ جڏنهن پيج کي ريفريش ڪندا آهيون ته سڄو آرٽيڪل مٽجي ويندو آهي ۽ محنت ضايع ٿي ويندي آهي
توهان هڪ ئي وقت ۾ سنڌ سلامت جا ٻه صفحا کوليا هوندا ۔۔۔ ۽ هڪ صفحي تي لاگ ان ٿي ٻئي صفحي کي ريفريش ڪرڻ سان اهو ايرر اچي سگهي ٿو ۔۔۔۔ حل ساڳيو مٿي ٻڌايو اٿم۔۔۔۔
ڪڏهن ڪڏهن ائين به لکيل آيندو آهي ته توهان کي ان ڳاله جي پرميشن نه آهي
اهو ايرر ان صورت ۾ ايندو آهي جڏهن سنڌ سلامت فورم توهان جي موضوع کي گوگل ۽ ٻين سرچ انجڻ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ پاڻمرادو ٽيگ لڳائيندو آهي ۽ ٽيگ ڪنهن هڪ اکر ۾ يا ۽ تي مشتمل هجي۔۔۔ ان صورت ۾ ٽيگ منجهان اهي اکر مٽائڻ سان اهو ايرر نه ايندو۔۔۔۔ باقي جي وضاحت سان لکو ته اهو ايرر ڪهڙي جڳهه تي اچي ٿو ته جيئن ان کي درست ڪري سگهجي۔۔۔۔۔
توهان جو مواد اسان سڀني رڪنن ۽ سنڌ سلامت لاءِ انتهائي اهم آهي ۔۔۔۔ مهرباني فرمائي فورم تي لڳائڻ سان گڏو گڏ پاڻ پڻ محفوظ رکو ته جيئن اهڙين غلطين جي صورت ۾ مواد محفوظ رهي۔۔۔
باقي ڪوشش جاري آهي ته سنڌ سلامت تي ايندڙ اهڙي قسم جي ايررس کي مڪمل طور ختم ڪرڻ لاءِ ڪي تڪڙا اپاء وٺي سگهجن۔۔۔۔ تيسيتائين اميد ته تعاون جاري رکندا۔۔۔۔