
توهان کي چڱي طرح ياد هوندو ته توهان جو ڪمپيوٽر شٽ ڊائون ٿيڻ ۾ ڪيترو وقت وٺي ٿو۔۔۔ منهنجو ليپ ٽاپ شٽ ڊائون ٿيڻ ۾ 28 سيڪنڊ جڏهن ته پي سي 34 سيڪنڊ لڳائيندو آهي۔۔۔۔ منهنجي خيال ۾ ته ٻئي ڪمپيوٽر تيزي سان شٽ ڊائون ٿيندا آهن۔۔۔۔ پر پوءِ به اهڙن آپشنس جي جستجو رهندي آهي ته ڪمپيوٽر اک ٻوٽ ۾ شٽ ڊائون ٿي وڃي ۔۔۔۔۔
انهيءَ جستجو جو اهو نتيجو نڪتو ته انٽر نيٽ تان هڪ ننڍڙو ٽول هٿ اچي ويو۔۔۔ جيڪو صرف 269 ڪلو بائيٽ جو آهي۔۔۔۔ هن Super Fast Shutdown جي نالي سان مفت واري سافٽويئر جو چوڻ آهي ته اهو توهان جي ڪمپيوٽر کي صرف 5 منٽن ۾ ريسٽارٽ يا شٽ ڊائون ڪري سگهي ٿو۔۔۔۔۔ بنا تجربي جي ڪهڙي طرح يقين ڪجي ها سو ڊائون لوڊ ڪري ورتو ۽ انسٽال ڪرڻ کان پوءِِ آزمايو ته يقين اچي ويو۔۔۔۔
جيڪڏهن توهان به آزمائڻ چاهيو ٿا ته هت ڪلڪ ڪري سافٽويئر ڊائون لوڊ ڪريو ۽ انسٽال ڪري وٺو۔۔۔۔
