ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
شيخ اياز فوٽو البم۔۔۔۔۔ ( ڪجهه يادگار تصويرون )

48-1947ع ۾ ايل ايل بي ڪيائين. پهريائين هاءِ ڪورٽ ۾ عبدالحئي قريشي ۽ جمال صديقي سان ۽ بعد ۾ خالد اسحاق ۽ عبدالقادر شيخ سان وڪالت ڪئي. ان کانپوءِ سکر ۾ پريڪٽس ڪرڻ لڳو.
اياز هڪ ذهين نوجوان ٿي اڀريو. سندس اسڪول ۾ انقلابي خيال اسريا. سندس ويهن سالن جي ڄمار ۾ اشتراڪيت مطالعي جو خاص موضوع رهي. اسڪول ۾ استاد کيئلداس فاني سندس سوچ ۽ شاعراڻي فن کي اوج ڏنو. هن شاعري جي شروعات ننڍپڻ کان ئي ڪئي. هن جو پهريون غزل شڪارپور مان شايع ٿيندڙ ماهوار رسالي ”سدرشن“ جي جنوري - فيبروري 1938 واري شماري ۾ شايع ٿيو. سندس تخليق جو عنوان ”مرد خدا“ هو.سنڌ سلامت جا ساٿيو هت شيخ اياز صاحب جون ڪجهه چونڊ تصويرون ونڊ ڪجن ٿيون جيڪي توهان هيٓٺ موضون تي ڪلڪ ڪري ڏسي سگهو ٿا۔ ۔۔۔۔
شيخ اياز فوٽو البم۔۔۔۔۔۔ ( ڪجهه يادگار تصويرون )