جيڪڏهن پوليس ايف آئي آر نه ڪٽي ته ان جو قانوني حل۔

'قانوني صلاح مشوره' فورم ۾ غلام مصطفي ميمڻ طرفان آندل موضوعَ ‏8 فيبروري 2011۔

?

wheter information given will help ful to the membars for redress of their gravinces

  1. healty conforantation

    66.7%
  2. postive criticisim

    33.3%
  3. no personnal gain

    0 ووٽ
    0.0%
  4. not purloin

    0 ووٽ
    0.0%
هڪ کان وڌيڪ ووٽ ڏئي سگهجن ٿا.
  1. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    سنڌ سلامت جي سڀني باشعور ميمبرن جي خدمت ۾ آسلآم عليڪم۔پيارا ميمبرو،اڄڪله هڪ شڪايت پوليس جي خلاف عام آهي ته سچي ڏوه جي ايف آ۽ آر نه ٿي ڪٽي جنهن جي ڪري ماڻهون جوابدارن کي قانوني سزا نه ٿا ڏياري سگهن ۽ هنن جا خون لڙهي وڃن ٿا۔۔۔۔ڪرمنل پروسڊير ڪوڊ (هتي ۽ پو سي آرپي سي لکبو) جي سيڪشن 154 تحت آسٽيشن هائوس آفيسر (آيس ايڇ آو) ٿاڻي جو پابند آهي ته هو انفرميشن آف ڪرائيم زباني يا تحريري طور وصول ڪري ته جيڪڏنهن ڏوه قابل دست آندا زي پوليس(cognizable offence) جنهن ۾ پوليس بغير وارنٽ گرفتاري جي ڏوهاري کي گرفتار ڪري سگهي ٿي *ته هڪدم انفرميشن ايف آئي آر جي بوڪ ۾ آندراج ڪري FIR جي ڪاپي انوسيٽگشن ونگ جي حوالي ڪرڻي آهي۔جيڪڏهن ايف آئي آر ناقا بل دستي آندا زي پوليس (non cognizable offence) جي ڏوه جي آهي ته انجو آندراج ٿاڻي جي رو زنامڇ رجسٽر م N C جي صورت ۾ ڪري،انفرمشن ڏوه جي علائقي جوڊيشل مائجسٽريٽ جي ناليج ۾ وٺي آچڻي آهي ۽ انجي پرميشن سان انوسيٽگشن انڊر سيڪشن 155 سي آر پي سي تحت ڪرڻي آهي۔ان صورت ۾ گرفتاري جا وارنٽ مائجسٽريٽ اشو ڪندو۔مٿين تفصيل مان آهو ظاهر آهي ته پوليس کي هر حال ۾ ڪرائيم رجسٽر ڪر ڻو آهي۔۔۔۔۔۔پر جيڪڏنهن ڪرائيم رجسٽر نه ٿي ڪري ته ڇا ڪرڻ گهرجي۔ا۔۔۔۔۔۔ان صورت ۾ فريادي يا مظلوم ڊسٽرڪٽ ۽ سيشنس جج کي پاڻ يا پنهنجي وڪيل جي معرفت سنڌي يا انگلش ۾ هڪ درخواست آنڍر سيڪشن 22 A &B سي آر پي سي جي تحت ڏيڻ گهرجي جنهن ۾ ڪورٽ کي عرض ڪيو وڃي ته لڳاپيل SHO کي حڪم ڏنو وڃي ته هو فريادي جو بيان وٺي ۽ جوابدارن جي خلآف قانوني قدم کڻي۔سيشن جج هن درخواست تي SHO کان رپورٽ گهر يندو اهو ڏسڻ لآء ته فريادي پوليس آسٽيشن تي ويو هو يا نه ۽ پوليس هن جي FIR ڪٽڻ کان آنڪاري آهي۔ان کانپو ڪورٽ SHO کي حڪم ڏيندي ته فريادي جو بيان وٺي ان تي قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي۔هن سڄي عمل جي دوران ڪورٽ نه ته جوابدار کي گهرائيندي نه هن کي ٻڌندي ۽ نه هن جي چوڻ تي درخواست خارج ڪندي۔جيڪڏنهن ڪو فريادي غريب آهي ۽ وڪيل ڪرڻ جي سگه نه آٿس ته هو ڊائريڪٽ درخواست به ڏئي سگهي ٿو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔آسان جي هي ٿوري قانوني ڄاڻ ٿي سگهي ٿو ته ڪجه سنڌي سٻاجهڙن جا مسئلآء حل ڪري ۽ هنن جي دلن مان نڪتل دعائون آسانجي آخرت ۾ بخشش جو هڪ سبب ٿي وڃن آلله حافظ۔
     
  2. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: جيڪڏنهن پوليس ايف آئي آر ن ڪٽي ت انجو قانوني حل۔

    جزاڪ الله ادا تمام قيمتي معلومات ونڊ ڪئي اٿو الله اوهان کي هن جو اجورو ڏيندو ۔ مهرباني
     
  3. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: جيڪڏهن پوليس ايف آئي آر نه ڪٽي ته ان جو قانوني حل۔

    ادا ڦلپوٽو فقير جون مهربانيون آهن جو هنن اسان جي آرٽيڪل م پروف جون ڪافي غلطيون درست ڪيون آهن۔آسان آڳ ۾ اعتراف ڪيو آهي ت اسان کي ڪمپيوٽر جي صرف بيسڪ نالج آهي ۽ اسان ان ۾ ايڪسپرٽ نآهيون۔انڪري اسانجون غلطيون معافي جي قابل آهن۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: جيڪڏهن پوليس ايف آئي آر نه ڪٽي ته ان جو قانوني حل۔

    قانوني نقطو ايتري آساني سان سنڌي ٻولي ۾ سمجهائي ادي ميمڻ صاحب ڪمال ڪيو آهي ۔۔۔ خوشي ان ڳالهه جي ته ادو ميمڻ هاڻ هن اوطاق تي پنهنجا ليک ونڊ ڪرڻ سکندو پيو وڃي ۔۔۔

    بيشڪ ڪنهن ضرورتمند کي جيڪڏهن هن نقطي مان ڪو فائدو مليو ته سنڌ سلامت ۽ ميمڻ صاحب ٻئي نيڪي ۾ گڏ هوندا ۔۔۔

    ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔ مونتي ماروئڙن جا ۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: جيڪڏهن پوليس ايف آئي آر نه ڪٽي ته ان جو قانوني حل۔

    ادا ميمڻ‌صاحب! اوهان جي هنن قانوني ليکن مان جن به دوستن کي فائدو ۽ معلومات پهچي ته اهي به سڀ اوهان کي دل سان دعائون ڪندا۔۔۔ اسان جي معلومات ۾‌ به اضافو ٿيندو پيو وڃي۔۔۔ مهرباني ​
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    144
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: جيڪڏهن پوليس ايف آئي آر نه ڪٽي ته ان جو قانوني حل۔

    تمام بهترين ڪوشش۔۔۔۔
    ان سان اسان جي روز مرهه جي زندگي ۾ ٿيل نا انصافين جو ازالو ٿي سگهي ٿو۔۔۔۔
    ادا غلام مصطفى اوهان جون تمام گهڻيون مهربانيون ۔۔۔۔
     
  7. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: جيڪڏهن پوليس ايف آئي آر نه ڪٽي ته ان جو قانوني حل۔

    ادا غلام مصطفى ميمڻ صاحب

    تمام پياري وقتائتي ۽ قانوني معلومات سنگت سان ونڊ ڪئي اٿئو

    اهڙي معلومات ونڊ ڪرڻ تي توهان کي جس هجي

    ادا باقي غلطيون سلطيون ٿينديون رهنديون آهن ان ۾ مهرباني جي ڪا ڳالهه نه آهي اهو مون سميت سڀني ايڊيٽرن جي ذميواري آهي ته پروف جي درستگي ڪن اهو ڪنهن جي به مٿان ٿورو ناهي پر اهو اسان جو اولين فرض آهي

    باقي شيئرنگ ته معلومات جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي اصل مون جهڙا فقير به هاڻي توهان جا ٿريڊ باقائدگي سان پڙهن پيا توهان جي ڏنل معلومات کي ذهن ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪين پيا

    توهان جي اهڙي شيئرنگ جو انتظار رهندو

    سدائين گڏ
     
  8. غلام قاسم تسنيمي

    غلام قاسم تسنيمي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    156
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    علم پرائڻ ۽ پکيڙڻ
    ماڳ:
    ڪوٽڙي
    جواب: جيڪڏهن پوليس ايف آئي آر نه ڪٽي ته ان جو قانوني حل۔

    سائين ميمڻ صاحب تمام بهترين سلسلو شروع ڪيو اٿو الله سائين اوهان کي جزاءِ خير عطا ڪري۔ انهي ضرورت بالڪل گهڻي هئي۔ مولا اوهان کي پنهنجي حفظ و امان ۾ رکي۔
     
  9. ريحان ڪيريو

    ريحان ڪيريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    345
    ورتل پسنديدگيون:
    141
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مان ايم بي اي جو شاگرد آهيان
    ماڳ:
    سڪرند، سنڌ
    هاڻ ڪنهن حد تائين ائين چئي سگهجي ٿو ته اسان به قانون ڄاڻوٿا،
    مهرباني ادا ميمڻ صاحب،
    ادا پر جيڪڏهن ڪنهن وڏيري جي خلاف قانوني ڪاروائي ڪرڻي پئي ته ڇا ٿيندو،
    وڏيرا اسان کان زور آهين ادا، اڄڪلھ پئسي جي ٻولي ٿا سمجهن سب ماڻهو،
    الله نه ڪري جيڪڏهن اسان سان ڪو مسئلوپيش اچي ته پو۽ سنڌ سلامت اسان جي لا۽ ڇا ڪندي؟
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏16 جنوري 2015
  10. محراب علي سنڌي

    محراب علي سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جنوري 2015
    تحريرون:
    37
    ورتل پسنديدگيون:
    57
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    178
    ڌنڌو:
    سنڌ سان عشق
    ماڳ:
    سانگھڙ سنڌ
    ادا ميمڻ صاحب تمام سٺو ونڊ ڪيو.ائين رھنمائي جاري رکو ت جيئن ھر ابوجھ ماڻھو قانون کان واقف ٿي وڃي ۽ نا انصافين خلاف آساني سان آواز اٿاري.لک لائق .
     
  11. بابر ٻوهيو

    بابر ٻوهيو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 نومبر 2011
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    اسلآم آباد
    سائين ميمڻ صاحب تمام بهترين سلسلو شروع ڪيو اٿو الله سائين اوهان کي جزاءِ خير عطا ڪري۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو