قوم ۽ قوميت

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ افتخار علي چوهاڻ طرفان آندل موضوعَ ‏8 فيبروري 2011۔

  1. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    [JUSTIFY]
    قوم ۽ قوميت


    قوم (nation) جو لفظ انگريز مفڪرآزادي قومي مملڪت لاءِ استعمال ڪندا آهن . جرمن جا ماڻهو هن لفظ جو متاردف (volk) يعني ”عوام“ لفظ پڻ استعمال ڪندا آهن ۽ انگريزي ۾ (volk) جي ڀيٽ ۾ عوام لفظ استعمال ۾ آڻڻ ٿا . انگريزي زبان ۾ (nation) هڪ سياسي مفهوم رکي ٿو ، جڏنهن ته [JUSTIFY][/JUSTIFY]جرمني ۾ اهو لفظ (nation) عوام لاءِ استعمال پيو ٿئي . زبان جي خرابين ڪري مفهوم کي گهڻي حد تائين متاثر ڪيو آهي ، پر ” علم سياست “ ۾ اسين ” قوم“ ۽ ” قوميت “ جي معنائن ۾ ڪندا آهن.
    هاڻوڪي دور ۾ قوم جو لفظ هڪڙي اهڙي علائقي تي بڌل آبادي لاءِ استعمال ٿيندو آهي جيڪو آزادانه طور تي منظم ٿي هجي ۽ هنن ۾ هڪجهڙائي ۽ وحدت لڌي وڃي . يعني هن جو مفهوم سياسي ٿي ويو آهي . جڏنهن اسين جرمن قوم يا پاڪستاني قوم جو نالو کڻندا آهيو ته
    اهو مطلب چٽو ٿيندو آهي ته اهڙا ماڻهو جيڪي باضابطه طور تي هڪ وحدت ۾ متحد ٿي ويا آهن ۽ پنهنجي هڪ آزادانه تنظيم رکندا آهن.
    ” هيز “ جي چوڻ مطابق قوم جو لفظ لاطيني زبان (natio) کان ورتل آهي جنهن جي معني ٿئي ٿي پيدائش ۽ نسل جي . يعني قوم اهڙن ماڻهن کي چورائڻ جو حق آهي جيڪي گڏيل مورث اعلى رکندا هجن ۽ هڪ ئي نسل جا باشندا هجن ۽ هنن جي زبان به هڪ هجي سا قوم جي اها معنى هاڻي
    باقي نه رهي آهي بلڪه هاڻوڪي دور ۾ گڏيل زندگي ، گڏيل رسم رواج ۽ گڏيل جذبات جا عنصر لڌا وڃن هن ڪري جو هڪ رياست جي اندر ڪيترن نسلن جا ماڻهو رهندا آهن ۽ اهي سڀئي گڏجي قوم ٺاهيندا آهن نه ئي هنن ۾ رت جو رشتو گڏيل هوندو آهي ۽ نه ئي مذهبي ۽ لساني هڪجهڙائي هوندي آحي . گهڻو زور هاڻي گڏيل زندگي ۽ جذبن تي آهي هن ڪري انگلينڊ به هڪ قوم آهي ۽ سويٽزرلينڊ به هڪ قوم آهي جٿي ٽن
    نسلن جا باشندا رهندا اهن . بلڪه اهو چوڻ مناسب آهي ته هڪ قوم جو نفساني تخيل ثقافتي ۽ روحاني ئي رهجي ويو آهي .
    ” برجس “جي چوڻ مطابق قوم هڪ اهڙي آبادي جنهن ۾ گڏيل زبان ۽ گڏيل ادب ، طور طريقه يا تاريخ گڏيل رسم رواج ۽ حق ۽ ناحق کي سڃاڻڻ جو گڏيل شعور هوندو آهي. پر برجس جو اهو خيال ڪيترن سببن ڪري ناقابل قبول ٿي چڪو آهي . هن ڪري ته قوم ۾ نه ته هاڻي زبان ۽ ادب جو گڏ ٿيڻ باقي رهيو آهي نه ئي گڏيل طور طريقه ۽ رسم رواج باقي آهن نه ئي ٻيا عنصر بلڪه عملي نموني تي ڪيترن رياستن ۾ هن جو مشاهدو
    ٿيندو آهي ته باوجود ڪيترن اختلافن جي هڪ جغرافي وحدت رکندڙ ماڻهو پاڻ کي هڪ قوم تصور ڪندا آهن ، هن ئي ڪري پروفيسر زمرن جو اهو چوڻ گهڻو مناسب آهي ته جيئي ماڻهن کي اهو احساس ٿيڻ لڳو ته اهي هڪ قوم آهن ته دراصل قوم بڻجي ٿا وڃن.
    ” رينان “جو خيال آهي ته گڏيل زبان ۽ نسل قوم بڻجڻ لاءِ ضروري ناهن بلڪه اهو ضروري آهي ته گڏيل تاريخي ورثو هجي پوءِ ڇو نه کڻي سوڀ يا شان شوڪت هجي يا وري تڪليف ۽ قربانين جو هجي پر اهو ضروري آهي ته هنن ۾ پاڻ ۾ ملي جلي گڏيل زندگي گزارڻ جو جذبو هجي .
    ايم هاسر چوي ٿو ته هڪ قوم ثقافتي ، معاشري گروھ آهي ، جيڪو بيڪ وقت پنهنجي وحدت ۽ گڏيل زندگي لاءِ باشعور هوندو آهي . اهي هڪ ئي علائقي جي لاءِ اهڙن باشندن جو اتحاد آهي جن لاءِ ضروري نه آحي ته اهي هڪ ئي حڪومت جي ماتحت هجن پر گڏيل مفاد جو جذبو ايترو پراڻو هجي جنهن سان يقين ٿي وڃي ته اهي هڪ ئي نسل سان تعلق رکن ٿا .
    ” لارڊ برائس“ چوي ٿو ته هڪ اهڙي قوميت جنهن پاڻ کي پنهنجي سياسي طور تي منظم ڪري ورتو آهي پوءِ ڇو نه اهي آزاد هجن يا آزادي حاصل ڪرڻ جا خواهشمند هجن هڪ قوم چورائڻ جا مستحق آهن .
    مختصر اهو آهي ته مفڪرين جي ويجهي هاڻوڪي دور ۾ قوم جو مطلب هڪ اهڙي آبادي تي ٿئي ٿو جيڪي مڪمل طور تي آزاد ۽ هڪ جغرافيائي وحدت ۾ اتحاد ۽ هڪجهڙائي جي جذبن سان متحد هجن مجموعي طور قوم جي اها معنى سمجهڻ عقلمندي ناهي.​



    انشاء الله هن مضمون سان مطابقت رکندڙ ٻيو مضمون جنهن ۾ قوم جي تشڪيل لاءِ عنصر گهربل هوندا آهن هن تي بحث ڪبو .

    [/JUSTIFY]

    سنڌيڪار ؛افتخار علي چوهاڻ
    حوالو ؛ نظري سياسيات
     
  2. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: قوم ۽ قوميت

    ادا افتخار صاحب،nation جي ڊيفشنشن سان گڏ بريف ڊسڪپرشن ۽ ايگ زمپل ڏيندي۔توهان نيشن جي سڄي اسڪوپ کي پياري اندا ز ۽ تفيصلن ڊسڪس ڪيو آهي۔هنن توهان جي ڪوششون کي سرهائڻ کان سوا ن ٿو رهي سگهجي۔آلله پاڪ توهان جي دماغ کي وڌيڪ طاقتور ڪري ت آوهان ٻين موضوعن ت ب لکي سگهو ۽ سڀني ميمبرن جي علمي معلومات ۾ اضافي جو سبب بڻجو۔هميشهه خوش رهو۔
     
  3. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: قوم ۽ قوميت

    ادا غلام مصطفى ميمڻ صاحب اوهان کي هن حقير جي محنت پسند آئي هن لا مهرباني ۔جي ادا بلڪل اسان جي اها ئي ڪوشش هوندي آهي ته دوست فائدو وٺن ، جئين ته اوهان به اهو ساڳي ڪم هن فارم ۾ سهڻي نموني پيا ڪيو ۔ الله تعالى اوهان کي خوش رکي ، سدائين گڏ
     
  4. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: قوم ۽ قوميت

    ادا غلام مصطفى هن ليک جي ٻي ڪڙي ونڊ ڪئي آهي جنهن ۾ قوميت جا عنصر ۽ قوميت جي جذبي تي بحث ٿيل آهي ۔ ونڊ ڏسڻ لا هٿ ڪلڪ ڪيو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو