ٻه مهينا اڳ ئي ته گوگل ڪروم پنهنجو نئون ورجن گوگل ڪروم اسٽيبل 8 مارڪيٽ ۾ آندو هو جنهن ۾ ڪافي ساريون شيون پلگ ان هيون جهڙوڪ پي ڊي ايف ريڊر ۽ فليش پليئر وغير پر گوگل ڪروم ڊيولپر ٽيم پنهنجي ڪم کي مسلسل جاري رکيو پئي اچي ۽ اسٽيبل سيريز ۾ نئون ورجن Google Chrome stable 9 لانچ ڪري ورتو آهي۔۔۔ هن جي اضافي خوبين منجهه شامل آهن۔۔۔ WebGL ٿري ڊي پلگ ان Chrome Instant – web pages جنهن ذريعي يو آر ايل ٽائيپنگ ڪندي ئي صفحي جي لوڊنگ شروع ٿي ويندي نئين ٽيب ۾ Chrome Web Store جو شامل هجڻ جيڪو في الحال آمريڪا ۾ ڊسپلي ٿيندو۔۔ هن ورجن کي بهتر طريقي سان سمجهڻ لاءِ حاضر آهي وڊيو۔۔۔ http://www.youtube.com/watch?v=5cf_rNV7614 هوئن ته هي ورجن پنهنجي آفيشل سائيٽ تي ڊائونلوڊنگ جي لاءِ موجود آهي جيڪو انسٽالر جي صورت ۾آهي۔۔۔ پر توهان جي سهولت لاءِ مڪمل ورجن کي هڪ ئي ڪلڪ سان ڊائونلوڊ ڪري بغير نيٽ سهولت جي اسنٽال ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو۔۔۔۔
جواب: گوگل ڪروم اسٽيبل 9 ۔۔۔ ٻن اضافي خوبين سان ادا ڊائونلوڊنگ تي فائيل لڳائي ڇڏي آهي باقي يار پاڻ ته مان موزيلا استعمال ڪندو هوس جڏهن کان گوگل ڪروم استعمال ڪيو آهي ته صرف ۽ صرف گوگل ڪروم جا ئي ٿئي ويا آهيون ان دڳ لائڻ لا۽ مهرباني توهان جي جو توهان اسان کي وقت سر معلومات ونڊيو پيا اهڙيون ڪوششون جاري رکجو سدائين گڏ
جواب: گوگل ڪروم اسٽيبل 9 ۔۔۔ ٻن اضافي خوبين سان گوگل وارن جون مهربانيون جو گوگل ڪروم کي ايڏو جلدي پيا اپڊيٽ ڪن۔ ادا رشيد جون به مهربانيون جنهن هر اپڊيشن کي اسان تائين وقت سر پهچايو آهي۔
جواب: گوگل ڪروم اسٽيبل 9 ۔۔۔ ٻن اضافي خوبين سان ڀائرو گوگل ڪروم نه استعمال ڪندا ڪريو هيڪرس ان کي جلد هيڪ ڪري وٺندا آهن .