زراعت تي ٽئڪس وارو شوشو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ جواد رضا طرفان آندل موضوعَ ‏9 فيبروري 2011۔

  1. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    زراعت تي ٽئڪس وارو شوشو​


    جاويد قاضي

    زراعت تي ٽئڪس هڻي سگهجي ٿو پر ان لاءِ ضروري ٿيندو ته زراعت کي فارمل سيڪٽر وانگر ڪيو وڃي، جيئن پيداوار جي ٻن وڏن ٿنڀن صنعت ۽ سروس سيڪٽر ۾ ٿيندو آهي، يعني FIRM پيداواري سرشتو هجي، منهنجي ننڍڙي ناچيز فهم مطابق اسان جي ڀل وڏي ۾ وڏي ايجاد ڦيٿو هجي پر اڙهين ۽ اڻويهين صديءَ ۾ آيل صنعتي يا پيداواري رشتن واري انقلاب سڄي دنيا جي ڪايا تبديل ڪري ڇڏي. ان پيداواري رشتن جو بنيادي محور هو ”فرم“ يعني هڪ اهڙو گروپ جيڪو ڪم ورهائي کڻي ۽ پوءِ اهو گروپ اجتمائي حيثيت ۾ يا ٻين لفظن ۾ فرم جي حيثيت ۾ مارڪيٽ ۾ وڃي خريدار يا وڪڻندڙ ٿيندو آهي، اسان جي زراعت ايئن ناهي، ان جي ايئن نه هئڻ سان ان ۾ ڪيتريون اڻايون هونديون ان تي بحث بعد ۾ ڪڏهن ڪنداسين پر اسان جي ٻنين جو Per acre yield يا ٻين لفظن ۾ في ايڪڙ اپت ۾ اڌ کان وڌيڪ زيان ٿيندو هوندو پري ڇو وڃجي، رڳو هندستان کي وٺجي اتان جي ٻنين جي اُپت اسان جي ٻنين جي جيتوڻيڪ ساخت ۽ ڀيٽ ساڳي هوندي پر ان کان ٻيڻ ۽ ٽيڻ تي آهي جيتوڻيڪ هندستان ۾ زراعت جي اندر فرم اڃا ايئن ناهي گهڙي جيئن يورپ ۾ آهي پر اسان کان انهن جا پيداواري رشتا ۽ پيداواري طريقا تمام گهڻا ماڊرن آهن، زراعت ۾ اهڙي فرم کي ”فارم هائوس“ چئي سگهجي ٿو.
    سڄي ترقي يافته دنيا اڄ جنهن مقام تي بيٺي آهي، ان جو بنيادي ڪارڻ هو يا ان جي ماءُ هئي اتان جي زراعتي سوسائٽي جنهن انهن کي سر پلس ڏنو ان زراعت جي ڪمايل سر پلس مان هنن مشينون خريد ڪيون، ڪارخانا جوڙيا، ريل گاڏين، روڊن رستن، واهن ۽ ڪئنالن جا ڄار وڇايا، اڄ پنهنجي زراعت کي فارمل سيڪٽر ۾ به آڻي ويا آهن ۽ ان جي باوجود به ٽئڪس هڻڻ ته پري جي ڳالهه پر ان کي سبسڊي ڏيندا آهن. ڊبليو ٽي او ڪجهه سال اڳ تائين انهن امير ملڪن جي اندر اهڙن جهيڙن کي پي نپٽايو ويندي هندستان سبسڊي کڻي سڌي طرح ڪونه ڏئي پر اڻ سڌي طرح ڇوٽ ڏيندي انهن کان ٽئڪس ڪو نه وٺي، انهن انڪم ٽئڪس ايڪٽ جو سيڪڙو (1) 10 زراعت تي انڪم ٽئڪس کي ڇوٽ ڏئي.
    اسان جي زراعت پاڪستان جي ڪل پيداوار جو جنهن کي جي ڊي پي چئبو آهي ان جو 22 سيڪڙو پيدا ڪري ٿي پر ڪل روزگار سان لڳل ماڻهن جي 44 سيڪڙو کي روزگار ڏئي زراعت ٻهراڙي ۽ ڳوٺن ۾ ٿئي، هي شهري جيڪي گوشت کائن، ڪڪڙ کائين ۽ کير پين اهي به انهن ڳوٺن کان اچن لڳ ڀڳ 70 سيڪڙو ملڪ جي آبادي ڳوٺن يا ننڍن شهرن ۾ يا ايئن کڻي چئجي زراعتي آهي. لڳ ڀڳ جيڪا به ملڪ ۾ غربت آيا جيڪي غربت جي ليڪ هيٺان ماڻهو رهن ٿا انهن جو 80 سيڪڙو ڳوٺن ۾ رهي، ٻهراڙين جو آهي. هيل ٻوڏ ته انهن جي هڙ لوڙهي ڇڏي، هنن جا گهر ٻڏي ويا، هنن جا مال لڙهي ويا، هو وڃي ڪئمپن ۾ پيا، هنن جا ٻچا بيماري وگهي مري ويا، سکر کان وٺي ٺٽي تائين سڄي جو سٺو رائيٽ بئنڪ وارو پاسو تباهه ۽ برباد ٿي ويو، ٽيهه ٽيهه سال لڳا ها هنن کي اثاثا جوڙڻ ۾ هاڻ جيڪڏهن اهڙا اثاثا جوڙڻ ۾ وري اوترا سال لڳندا. جيڪڏهن سرڪار هيل بند مضبوط ڪرايا ته يونيسيف چئي ٿي ته سنڌ اندر آفريقا جي بد ترين ڏڪار جي ور چڙهيل علائقا جهڙوڪ چاڊ جهڙي غربت اچي وئي آهي. اڄ ڪلهه جڏهن اها خبر عام ٿي وئي آهي ته صرف هن ملڪ ۾ پر سڄي دنيا ۾ ته پاڪستان ٽئڪس چورن جي جنت آهي، تڏهن کان اهڙن ٽئڪس چورن جي نمائندن ايوانن ۾ اينڪرن ۾، بحث ۽ مباحثا شروع ڪري ڏنا آهن ته زراعت تي ٽئڪس هڻون، جڏهن ملڪ جي ڪل ٽئڪس جو 80 سيڪڙو اڻ سڌي ٽئڪس تي ٻڌل هجي ته پوءِ ٽئڪس ته پاڪستان جي ٻهراڙي جو هاري، ناري، پير وڏيرو به ڏئي ٿو ڇو جو جيڪو بجليءَ جو گيس جو پيٽرول جو اگهه شهري ڏئي اهڙو ته ڳوٺاڻو به ڏئي، بلڪي جيڪا شهرن ۾ بجلي چوري ٿئي اوتري ته ڳوٺن ۾ آهي ئي ڪانه، ڊالڊا جو دٻو ٿيو، چانهه ٿي، جيڪي به شيون کپت جون آهن اهي 90 سيڪڙو ساڳيون آهن ته پوءِ جي انهن تي سيلز ٽئڪس آهي ته پوءِ اها ته سڀن لاءِ ساڳي آهي ته پوءِ ڳوٺن وارا وڌيڪ ڏين ڇو جو اهي ملڪ جي آبادي جو 70 سيڪڙو آهن ان ڪري اهي وڌيڪ واهپي جون شيون استعمال ڪن ٿا اهي جن تي سيلز ٽئڪس لاڳو ٿئي، اهو ٽئڪس جيڪو وڏي ۾ وڏو ٽئڪس جو ذريعو آهي. ٽئڪس ٽئڪس ٽئڪس هر طرف هاڻي انهيءَ حقيقت جون ڪوڪون ۽ دانهون آهن، هتي ئي مون ”پاڪستان ٽئڪس چورن جي جنت“ جي عنوان سان هڪ مضمون لکيو هو جڏهن هيلري ڪلنٽن چيو هو ”پاڪستان پنهنجي شرفائن کان ٽئڪس ڇو نه ٿو وٺي“ ڀلا ڇو نه چئي ڇو جو آمريڪا ۾ اهو بحث گرم آهي ته پاڪستان کي آمريڪا جي عوام کان ۽ عام ماڻهوءَ کان ٽئڪس وٺي هلايو ٿو وڃي، ڇو جو جيڪا امداد آمريڪا ڏئي ٿو اها اتان جي عام ماڻهن کان ٽئڪس جي مد ۾ ورتل ڏوڪڙ آهن، خبر تڏهن پئي ته پاڪستان جي سالميت کي خطرو نه طالبان کان آهي نه ڪنهن ٻئي تضاد کان جيترو شرفائن جي ٽئڪس چوري واري عمل کان ۽ ان سان ٻڌل فيڊرل بورڊ آف روينيو ”ايف بي آر“ کان ڇو جو تاڙي ٻن هٿن سان وڄندي آهي، هڪڙا ٽئڪس چور آهن ۽ ٻيا اهڙن ٽئڪس چورن جي ڪرتوتن تي يعني ايف بي آر وارا اکيون بند ڪريو ويٺا آهن، لڳ ڀڳ 13 ارب ڊالر يا پاڪستاني رپين ۾ 1000 ارب جون گهوٻيون آهن، هاڻي جڏهن پريشر ڳچيءَ تائين پهتو آهي ته اسان جي انڌي اردو ميڊيا جنهن جون هڪ ته ماڻهن ۾ جڙون ناهن ۽ ٻيو ته پڪ سان رورل پاڪستان (اهو پاڪستان جيڪو ملڪ جي 70 سيڪڙو آباديءَ تي مشتمل آهي) ان ڳوٺن واري پاڪستان سان پڪ سمجهيو ٻه اکيائي وارو تعلق آهي. ان اهڙي چور گماشتي سرمائيدار ۽ واپاري سان ملي ۽ سندن سان گڏ آهي شهري ترجمان پارٽين اهو چوڻ شروع ڪري ڏنو آهي ته پاڪستان جي زراعت تي ٽئڪس هڻو، هائي گهوڙا ظلم ٿي ويو وڏيرا ٽئڪس کائي ويا وغيرهه وغيرهه.
    اڳ ۾ شهري دانشور ملڪ ۾ لينڊ رفارمس جي ڳالهه ڪندا هئا، انهن جي اهڙي بحث ۽ ميرٽ هئي پر هاڻي خود اهو بحث وقت سان گڏوگڏ نيون حقيقتون اختيار ڪري ويو آهي، اهو جدا بحث آهي، جڏهن ته هاري ڪميٽيءَ واري هارين جي حق واري جدوجهد جي سامهون ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ نيون حقيقتون آڏو اچي ويون آهن، ان کي به Revisit ڪرڻ جي ضرورت آهي.
    غور سان ڏسبو ته زراعت تي پلجندا هوندا ڪل هزار ٽي هزار زميندار جن جون زمينون هزار ايڪڙ کان مٿي هونديون (اهي زمينون جيڪي آباديون ڏينديون آهن نه ڪي اهڙيون ٻنيون جيڪي غير آباد آهن) اهڙن رورل شرفاءَ جو ڪل ڇهه آنا سنڌ جي اندر هوندو، يعني هڪ هزار کن ينگ وڏيرا، جڏهن ته ڪل ملڪ جي جيڪا به هر سال مختلف ذريعن سان پيداوار آهي جنهن کي جي ڊي پي چئبو آهي ان جو مشڪل سان چار آنا زراعت پيدا ٿي ڪري جنهن جو مون مٿي ذڪر ڪيو ،جڏهن ته ڏهن ڏهن لکن کان به وڌيڪ هوندا اهي ٽئڪس چور جيڪي وڏن شهرن ۾ رهن ٿا، وٽن ڪارخانا آهن، يا سروسز سيڪٽر ۾ ڪاروبار آهن يا واپاري آهن يا اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ آهن، بئنڪر آهن، ڪامورا آهن يا سابق فوجي آفيسر آهن.
    اهڙ چار هزار ملڪ اندر فرد جيڪي ٻهراڙي جا شرفاءَ آهن مان انهن جي بلڪل وڪالت ڪرڻ جي چڪر ۾ ناهيان پر ان زراعت تي لاڳو اهي چار هزار وڏيرا، چوڌري، خان ۽ سردار هجن ته ڀلي پر انهن کي ڊپ رڳو ان ڳالهه جو آهي ته ڪٿ توهين زراعت سان وابسته ٻارنهن ڪروڙ ماڻهن کي ڏچي ۾ نه وجهي ڇڏيو.
    ڪل ملائي پنجٽيهه لک ماڻهو آهن جيڪي انڪم ٽئڪس نيٽ ۾ اچن يعني جيڪي هر سال Income Tax Returns جمع ڪرائين انهن مان به رڳو ڏهه لک کن اهڙا آهن جيڪي انڪم ٽئڪس ڏين ۽ انهن ڏهن لکن مان پنج لک اهڙا آهن جيڪي ڪمپنين ۾ يا سرڪار ۾ ملازم آهن، يعني اهي انڪم ٽئڪس کان ڀڄي نه ٿا سگهن، يعني پاڪستان جي ڏهه لک شرفاءَ مان هڪڙو سيڪڙو به مس ڪوئي ٽئڪس ڏئي ٿو، ويندي ان ۾ اسان وارو صدر زرداري ۽ ميان نواز شريف به اچي وڃن ٿا، سڄي جي سڄي شرفاءَ ويندي وڏيري تائين واضح آهي ويندي اهي سرمائيدار جيڪي مومن سڏائين، وڏيون ڏاڙهيون هوندن هر سال عمرا ڪندا هوندا، اهي انڪم ٽئڪس ڪو نه جمع ڪرائين، هو ڀتا ڏيندا هوندا، مدرسن کي چندا به ڏيندا هوندا پر رياست لاءِ هنن وٽ ڏوڪڙ ناهن، هاڻ ته هو ايوانن اندر به لابيون ٺاهي آر جي ايس ٽي کي پسپا ڪريو ويٺا آهن، ڇو جو آر جي ايس ٽي ان فارمل سيڪٽر کي شفاف انداز ۾ ٽئڪس هڻي سگهي ٿو يا جيڪي سيلز ٽئڪس ۾ڪوتاهيون آهن اهي آر جي ايس ٽي ۾ ڪونه آهن.
    نا ممڪن آ زراعت تي ٽئڪس هڻن يا انڪم ٽئڪس هڻڻ ڇو جو اها فارمل سيڪٽر وانگر ناهي، هن ملڪ ۾ جڏهن فارمل سيڪٽر وارا ٽئڪس چور هجن اهي ايف بي آر ٽئڪس نيٽ ۾ نه ٿي آڻي سگهي يا اهي اکين ۾ مٽي وجهيو وڃي ته زراعت ته پري جي ڳالهه ٿي.
    ايئن به ڪونه هو پر هن حڪومت کان اڳ ۾ زراعت جي اپت ڪڻڪ تي، ڪپهه تي، ڪمند تي، ڀاڄين تي اهو ريٽ نه ملندو هو جيڪو بين الاقوامي هوندو هو پر هو کنڊ وڪڻندا بين الاقوامي اگهه تي هو سيمينٽ وڪڻندا بين الاقوامي اگهه تي هو گاڏيون وڪڻندا، دنيا کان به وڌيڪ مهانگي اگهه تي اسڪوٽر به ايئن وڪڻندا هاڻ گهٽ ۾ گهٽ زراعت جي اپت تي اگهه بهتر آهن پر ان جو وڏو فائدو وري به شهر ۾ رهندڙ منڊيءَ واري مافيا وٺيو وڃي ڇو جو زراعت فارمل اسٽرڪچر ۾ ناهي ان تي منڊي مافيا جو قبضو آهي، جيترو انفرا اسٽرڪچر حڪومت شهرن کي ڏئي اوترو ڳوٺن کي نه ڏئي، غربت جو اهو عالم آهي ته هاڻ ماڻهو پنهنجا ٻار مدرسن ۾ ڇڏيو اچن ڇو جو مدرسا ٻارن کي ماني ته ڏين ڇو جو ٻار بکيا ته ڪونه مرندا. نه اسڪول آهي نه صحت جا ادارا، بيماريون، جيتريون ڳوٺن ۾ آهن اوتريون شهري ماڻهن ۾ ناهن، ڪلوريز جيترو شهري وٺي، اوترا ڳوٺاڻا ڪونه وٺي سگهن، ڳوٺن جا ٻار Malnourished يعني انهن ۾ رت جي گهٽتائي ۽ اڀرا هوندا مٿان وري سندن مٿان ان انفارمل اسٽرڪچر جو ڀوتار ڪلچر، پوليس ٿاڻو، وڏيري جي اوطاق، گوسڙو استاد، ڊاڪٽر بنا اسپتال، هڪ ڳوٺ ۾ سئو گهر هوندا، ته انهن ۾ هڪ گهر ڀلو هوندو، اهو وري رئيس جو گهر هوندو. ڪراچي ۾ هڪ ڊفينس جو بنگلو ٽي ڪروڙ، پر ڳوٺ ۾ هزار گهر هوندا هڪڙو گهر به اهڙو نه هوندو.
    سوال اهو آهي ته ڪاٿو لڳائڻ جو پيمانو ڪهڙو آهي، ڇا اهو ڏسون ته ايراضي ڪيتري آهي يا اهو ڏسون ته ان ايراضيءَ جي قيمت ڪيتري آهي؟ هڪ ايڪڙ ڀلي ٻني هجي، رستي ساڻ هجي، ڏهن لکن کان ويهن لکن جي هوندي، شهر جي سٺي علائقي ۾ هڪ ڪينال ٻني (هڪ ايڪڙ ۾ اٺ ڪئنال ٿين) پنج ڪروڙ جي هوندي يعني آبادگار جي 50 ايڪڙ ڀلوڙ ٻني به ان ڪينال واري پلاٽ کي نه پڄي، شهر جي اپر مڊل ڪلاس جي آمدني پنج لک هوندي، پوري پاڪستان ۾ اهڙو ماڻهو پنجاهه لک کان هڪ ڪروڙ هوندا، ٻهراڙي پاڪستان جي مشڪل سان اهڙا ماڻهو هڪ لک هوندا، شهر جو .... غريب به ڏهن کان پندرنهن هزار ڪمائيندو هوندو، ڳوٺن جي مسڪين کي ٻه ويلا ماني ملي وئي ڀلي پير ۾ چپل نه به هجي پر سمجهبو ته وڏو ڪم ٿي ويو، پاڪستان تي ان شهري مافيا جو قبضو آهي، اسلام آباد، راولپنڊي، لاهور ۽ ڪراچي اهي ڪل پاڪستان جا ساڍا ٽي ڪروڙ ٿين، انهن ۾ هڪ ڪروڙ اهڙا به آهن جيڪي حق ۽ انصاف کي سمجهن ٿا، جن جون جڙون زمين ۾ آهن، اهي ميان نواز شريف وانگر جالنڌر کان ڪونه آيا هئا، هي اهي ناهن جيڪي ايسٽ پنجاب مان هجرت ڪري آيا ۽ هجرت ڪندڙ DIASPORA جي فطري عمل جو شڪار ٿي رجعت پرست ٿي ويا، جيئن هتان لڏي ويل هندو هندستان ۾ رجعت پرست ٿي ويا تيئن اڪثريت ڪراچي ۾ هندستان کان آيلن جي رجعت پرست ٿي وئي. هڪ فطري عمل ته هو پر پاڪستان هتان جي مقامي ماڻهن کان ٻهراڙين کان اڪثريت کان هائيجيڪ ٿي ويو، اسلام جي نانوَ تي هندستان دشمنيءَ جي نانوَ تي ڪشمير تي هزار سال جنگ ڪنداسين جي نانوَ تي ٽيٽيهه سال فوجي آمريت رهي انهن ۾ به هي هئا، جڏهن جمهوريت آئي ته انهن ۾ آيا ڳوٺاڻا اقتدار تي پر انهن جو هنن کان بغير هلڻ محال هو، ڳوٺاڻا ڄٽ ها، هي ڪامورا به ها ته درٻاري، چمچاگيريون به ڪرڻ ڄاڻندا هئا ۽ اسان جي ڳوٺاڻي شرفاءَ کي پوءِ ڀل اهو ذوالفقار علي ڀٽو ڇو نه هجي اهڙا چمچا وڻندا هئا پر هيل ته زرداري صاحب سڀ ليڪا لتاڙي ڇڏيا آهن، ڪرسي بچائڻ لاءِ وسان ڪين ٿو گهٽائي. تاثير مان به هٿ ڪڍي ويو، هاڻي ته چئي ٿو ته هزار سالن لاءِ جنگ وڙهنداسين، ڀٽي صاحب پريشر ۾ اچي جمعي جو ڏينهن موڪل ڪري ڇڏي، قاديانين کي ڪافر قرار ڏيڻ وارو قانون پاس ڪرايائين پر ڏنن ان جي بدلي ۾ اهو ڦاهيءَ جو ڦندو، ان ڪري زرداري صاحب کي به خبر هئڻ گهرجي ته هو هنن شهري مافيا کي ان تي بيٺل اسٽيبلشمينٽ کي ڪڏهن به قابل قبول ناهي، ڇو جو پاڪستان جي اڪثريت جيڪا ڳوٺن ۾ رهي ٿي، زرداري صاحب جو ووٽ بينڪ انهن ماڻهن ۾ پيل آهي ۽ هو ان اڪثريت کي اقتدار ۾ شراڪت ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، زرداري صاحب ته وري قدرن بهتر ۽ خوددار شڪل ٿئي ان ڳوٺاڻي يا رورل پاڪستان جي شرافيه جي اخود گيلاني هجي يا شاهه محمود قريشي هجي پر ان کان به بد تر ڳوٺاڻي اشرافيه آهي جيڪي ايترو به رورل پاڪستان جي دفاع ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، اهو اقتدار ۾ اچڻ لاءِ سنڌ يا پورو سرائڪي بيلٽ بلوچستان يا خيبر پختون خواهه وڪڻن لاءِ تيار آهن، بس رڳو سائي جهنڊي واري گاڏي ڏيو، ڪيتريون ئي مافيائون آهن ان رورل پاڪستان ۾ هاڻ ته ڪو به اهڙي پاڪستان جو صحيح ترجمان ناهي رهيو. پر تڏهن به رڳو بيلٽ باڪس جو دستور هلي. هنن سڀن وٽ ايترا سڃاڻپ ڪارڊ آهن جو ان ساڍن ٽن ڪروڙ واري شهري ماڻهو وٽ ناهن ۽ انهن کي بيلٽ باڪس تي شڪست ڏئي سگهن ٿا، پوءِ ڪيڏا به ڏسڻ ۾ ڏٻرا هيڻا هجن، ڪيتريون ته CALORIES هنن جي نسبت گهٽ وٺندا هجن ان ڪري پاڪستان جو بنيادي تضاد، رورل ۽ اربن ماڻهن وچ ۾ آهي، اربن ماڻهن پنهنجي مفاد جي ڪري ۽ ڳوٺاڻن کي ڌڪڻ جي ڪري هميشه آمريتن سان سمجهوتو پئي ڪيو آهي، هاڻي جڏهن ڀاڄيون، داليون ۽ ميوا مهانگا ٿيا آهن، تڏهن اسلامي ملڪن ۾ به آمريتون ڏچي ۾ اچي ويون آهن، تڏهن سڄي دنيا ۾ پهريون دفعو اهي شيون تيزيءَ سان مهانگيون ٿيڻ شروع ٿيون آهن، جيڪو زراعت جي قدر هڪ دفعو وري ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي، ڇو جو زمين ساڳي آهي، ماڻهو وڌي ويا آهن، يقينن اهڙي صورت حال کي ڏسي MALTHEUS اقتصاديات جو قانون “LAW OF DIMNISHING REATURN” دريافت ڪيو هو، دنيا ۾ وڌندڙ آبادي ”اٽو، لٽو، اجهو“ گهري ٿي، انهن ٽن شين ۾ ٻن جو واسطو زراعت سان آهي، ڇو جو ڪپڙو به ڪپهه ۽ ڦٽيءَ مان ٿيندو آهي.
    اڄ پاڪستان ۾ جمهوريت ضروري ٿي پئي آهي، ڇو جو ان سان مرندا انتهاپرستيءَ جا ڪيڙا، ڇو جو جيڪا رجعت پرستي ان شهري مافيا جي اندر آهي، اوتري ڳوٺاڻن ۾ ڪانهي، ان ڪري رورل پاڪستان ٿئي ٿو دنيا جي امن لاءِ فطري اتحادي.
    پر پاڪستان جي بجيٽ ۾ انهن لاءِ ڪجهه ناهي فوج ۾ ٻين سرڪاري ملازمتن ۾ انهن جي نمائندگي به گهٽ آهي، انهن لاءِ انفرا اسٽرڪچر به ناهي، روڊ، رستا، اسڪول به ناهن ۽ اهي هن ملڪ ۾ ٽئڪس به ٻين کان وڌيڪ ڏين ٿا ۽ انهن ئي ڳوٺاڻن کي غلام بڻايو ويو آهي، ڀوتار ڪلچر جو، شهري مزدور، ڳوٺاڻي هاري کان ڏهوڻ تي آزاد آهي پر سيڪيولر ۽ جمهوريت پرست اهو غلام ڳوٺاڻو شهري مزدور کان وڌيڪ آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو