عظيم ليدر جو يادگار هڪ فوٽو البم ۔ جناب ذوالفقار علي ڀٽوـــــــــــــــ محترم جناب ذوالفقار علي ڀٽي صاحب جو تعارف ڪنهن کان ڳجهوته نه آهي، ڀٽي صاحب جو نالو ته ملڪ جو ٻچو،ٻچو ڄاڻيٿو پر ڪافي اسان جا نوجوان ڀٽي صاحب جي خانداني پسمنطر کان نا آشنه آهن ، جڏهن ته ڀٽي صاحب تي ڪئين مضمون، نوٽ، ڪالم تاثر ۽ ڪتاب لکيا ويا آهن ۽ منهنجو لکڻ نه لکڻ برابر آهي مگر خبر ناهي ڇو دل زور ڀريو ته ممتاز تون به ڀٽي صاحب تي لک ۽ ڀٽي صاحب سان پنهنجي محبت جو اظهار ڪر. سو دوستو ان محبت جي ناتي هڪ تاثر لکڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو. باقي توهان پڙهڻ وارن تي ڇڏيل آهي ته توهان کي اهيو منهنجو لکيل تاثر ڪئين لڳو. دوستو ڀٽي صاحب جي هماليه جبل جيڏي شخصيت تي ته ڪو علم جو اڪابر ڪابل ۽ وڏو ڄاڻوئي لکي سکي ٿو جنهن دنيا ڏٺي واهٺي هجي باقي مون جهڙو منڊي ماڪوڙي ڇا لکندو.ڀٽي صاحب تي ڪو تاثر لکڻ يا ڀٽي صاحب جي تعريف ڪرڻ ائين آهي ڄڻ سج کي ڏيئو ڏيکارڻ . پر پوء به پنهنجي ڪوشس ڪريان ٿو بقول شيخ اياز ته ( هي پنهنجي ڪرڻي ڀرڻي آ ) ڀٽو صاحب اسان جي سوهڻي سنڌ جو اهو سهڻو ۽ عظيم ليڊر آهي جنهن تي سنڌ کي هميشه ناز رهندو ڀٽو صاحب هڪ سياستدان سان گڏ هڪ سٺو اديب ليکڪ ۽ مفڪر هو، ڀٽي صاحب پنهنجي ايتري مصروفيت هوندي به ڪيترائي انمول ڪتات تصنيف ڪيا جنهن جي پڙهڻ کانپوء توهان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته ڀٽو صاحب ڪيڏو وڏو سياسدان، اديب ليکڪ ۽ مفڪر هو. ڀٽي صاحب جي لکيل ۽ ڀٽي صاحب تي لکيل ڪيترن ڪتابن جون لنڪون پڻ هت ڏيان ٿو تاڪه توهان به ڀٽو صاحب جي ڪتابن مان ڪجه حاصل ڪري سگهو. ملڪ ۾ ڪيترائي ليڊر آيا ۽ ويا مگر ڀٽيِ صاحب جهڙو ليڊر ڪو ٻيو نه آيو ( بقول دادو شهر جي شاعر انور قمبراڻي ته ــــــــــــــــ ليڊر لک هزار ته ڪوآسين ته ڪو ويسين پر ڀٽي جهڙا ٻچا ڪو ماء نه ڄڻيسين ـــــــــــــــــــــ توهان پان ڏٺو هوندو ته مون جهڙا ڪيترائي نوجوان آهن جن ڀٽي صاحب کي ڪڏهن روبرو به نه ڏٺو مگرپوء به اهي به ڀٽي صاحب جي شخصيت جا ديوانه آهن ـ ڀٽو صاحب جون ڪجهه يادگار تصويرون ڏسڻ لاء توهان هت ڪلڪ ڪريو