مست
سينيئر رڪن
سنڌي ادب جا ڪجهه اهم سوال ۽ جواب جيڪي ڪميشن جي تياري ڪندڙ دوستن جي ڪم اچي سگهن ٿا۔۔ توڙي جو انهن ۾ جواب متصل نه آهن، منهنجي سائين نثار ابڙو جن کي گذارشآهي ته انهن جا جواب جيتري قدر انهن کي خبر هجن هتي ونڊ ڪن۔۔۔
دوست مست، حاضر جيتري خبر هوندي اوتري دوستن سان ضرور ونڊ ڪبي پر، مون وٽ فائيل جو ڦيڦو ڦرندو رهي ٿو ،،، فائيل کلي ڪون ٿو ۔۔۔ ممڪن گهر وڃان ۽ اتي اهو فائيل کلي ۔۔۔ ؟
باقي اسانجا ڪجهه دوست جيڪي تازو ايم اي سنڌي ادب ۾ ڪن ٿا جيئن پايس آهي يا هڪ ٻه ٻيا دوست به هن اڱڻ جا رڪن آهي، اهي صحي جواب موڪلي سگهن ٿا ۔۔۔
آءُ ڪراڙو ماڻهون، ڪتابن کي پڙهندي ورهيه گذريا آهن، ٻي ڳالهه هت سعودي عرب ۾ مون وٽ بس سنڌيءَ ۾ هڪ ڪتاب آهي اهو آهي لطيف جو رسالو ۽ سنڌيءَ ۾ قرآن شريف ۔۔۔ باقي مون وٽ ڪو ڪتاب ڪينهي ۔۔۔ انڪري ممڪن ڪي جواب نه به ڏئي سگهجن ۔۔۔
بهرحال اوهانجو ڪاوشون تعريف جي لائق آهن ۔۔۔
ٿورا ناهن ٿورا
سائين ابڙا صاحب توهان جي مهرباني جو توهان تعريف ڪئي، باقي توهان فائيل کي کولڻ لاء مست واري ٿريڊ ۾ جت ۔۔۔۔ سنڌ سلامت پي ڊي ايف فائيل ۔۔۔ لکيل آهي ان جي مٿان ڪلڪ ڪريو شايد توهان وٽ به فائيل کلي وڃي۔هل ڙي ممتاز تنهنجي ممتازي ۔۔۔ اصل ڪم تڪڙو ٿي ويو ۔۔۔ اميد ته ٻيا جواب به ملي ويندا ۔۔۔ باقي مون وٽ اڃان فائيل ڪون کلي آهي ۔۔۔ خئير آهي خبر پئجي وئي ته معاملو ڇا آهي ۔۔۔ لک ٿورا ۔۔۔
سائين ابڙا صاحب توهان جي مهرباني جو توهان تعريف ڪئي، باقي توهان فائيل کي کولڻ لاء مست واري ٿريڊ ۾ جت ۔۔۔۔ سنڌ سلامت پي ڊي ايف فائيل ۔۔۔ لکيل آهي ان جي مٿان ڪلڪ ڪريو شايد توهان وٽ به فائيل کلي وڃي۔
ادا سليمان وساڻ صاحب توهان جي مهرباني جو توهان نورالهدا شاه جي افسانن جي مجموعي جلاوطن ... جو نالو لکيو آهي ، مون کي افسوس ته ان ڳالهه جو آهي ته اهو ڪتاب مون وٽ موجود به آهي ۽ مون پاڻ پرهيو به آهي ، جڏهن ته اهيو ڪتاب منهنجي هڪ پياري دوست مون کي تحفو ڏنو هو، مگر پوء به مون کي اهيا ڳالهه ياد نه آئي ۽ مان صحيح جواب ڏئي نه سگهيس، مگر پوء به الحمدالله ، الله جا احسان آهن جو اڃان به اسان جو دماغ ڪم ڪري پيو، ۽ مان ڪافي سارن سوالن جا جواب ( تقريبن 97۔98 سيڪڙو) ته ڏئي ويس، بس ادا مون کي پنهنجو اهو پڙهائي وارو دور ياد ٿو اچي جڏهن مان صبح جو نڪري دادو جي مشهور لائبريري علامه آءآء قاضي لائبريري وڃي ڪري شام تائين پڙهندو هئس، ڪتابن کان وٺي رسالن ۽ اخبارن تائين۔ ادا هت ڪراچي ۾ ته پڙهائي جو ٽائيم ئي ڪو نه ٿو ملي۔ بس اها پراڻي واندڪائي واري دور جي محنت ۽ پڙهائي ٿيل آهي جيڪا ڪم ڏئي وئي۔ڪجه جواب ته ادا ممتاز ڏنا آهي باقي ڪجه مان به هيٺ پيش ڪيان ٿو باقي صرف هڪ جواب ڪونه پيو اچي سيريل نمبر 9 :
جلاوطن ... نور الهدا شاه جي افسانن جو مجموعو آهي
ادا سليمان وساڻ صاحب توهان جي مهرباني جو توهان نورالهدا شاه جي افسانن جي مجموعي جلاوطن ... جو نالو لکيو آهي ، مون کي افسوس ته ان ڳالهه جو آهي ته اهو ڪتاب مون وٽ موجود به آهي ۽ مون پاڻ پرهيو به آهي ، جڏهن ته اهيو ڪتاب منهنجي هڪ پياري دوست مون کي تحفو ڏنو هو، مگر پوء به مون کي اهيا ڳالهه ياد نه آئي ۽ مان صحيح جواب ڏئي نه سگهيس، مگر پوء به الحمدالله ، الله جا احسان آهن جو اڃان به اسان جو دماغ ڪم ڪري پيو، ۽ مان ڪافي سارن سوالن جا جواب ( تقريبن 97۔98 سيڪڙو) ته ڏئي ويس، بس ادا مون کي پنهنجو اهو پڙهائي وارو دور ياد ٿو اچي جڏهن مان صبح جو نڪري دادو جي مشهور لائبريري علامه آءآء قاضي لائبريري وڃي ڪري شام تائين پڙهندو هئس، ڪتابن کان وٺي رسالن ۽ اخبارن تائين۔ ادا هت ڪراچي ۾ ته پڙهائي جو ٽائيم ئي ڪو نه ٿو ملي۔ بس اها پراڻي واندڪائي واري دور جي محنت ۽ پڙهائي ٿيل آهي جيڪا ڪم ڏئي وئي۔
مان سمجهان ٿو اسان کي رهيل هڪ سوال جو جواب ڳولڻ کپي
سيريل نمبر 9